• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ۽ پنجين ۾ انگلينڊ ڪامياب...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جمع 21 سيپٽمبر تي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ طرفان جبل نما ٽوٽل 191 جي جواب ۾ بنگلاديش ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي ۽ پوري ٽيم صرف 132 رنسون مس ڪري سگهي۔۔۔ هن ميچ جي خاص ڳالهه بريڊ ميڪ ملن جون شاندار 123 رنسون جيڪي هن صرف 58 بالن تي جوڙيون۔۔۔ ان سان هو پهريون رانديگر ٿي ويو جنهن ٽي 20 جهڙي منفرد فارميٽ واري راند ۾ ٻه سينچريون جوڙيون هجن۔۔

150046.3.jpg
راند جو جهلڪيون ڏسڻ لاءِ هيٺين آفيشلز لنڪس تي اچو۔۔۔​
 
ان ئي ڏينهن ورلڊ ڪپ جي پنجين ميچ ۾ انگلينڊ نئين ايندڙ ٽيم افغانستان جو ڀرڪس ڪڍي ڇڏيو ۔۔۔ جو پهريان بيٽنگ ڪندي ريڪارڊ 196 رنسون جوڙي ورتيون ۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر افغانستان کي 80 رنسن تي آئوٽ ڪري ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔ ميچ جي خاص ڳالهه ليوڪ رائيٽ جون 99 رنسون ناٽ آئوٽ سو به رڳو 55 بالن ۾۔۔۔

150067.3.jpg
جهلڪين جا شوقين هيٺين لنڪس تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهن ٿا۔۔۔​
 
سائين بلڪل بريڊ ميڪ ملن جي اننگ ڏسڻ جهڙي هئي، ۽ افغانستان ته اڃان نئين ٽيم آهي، وقت سان گڏ بنگلاديش جيان هي ٽيم به پاڻ سنڀاري ويندي۔۔۔
 
Back
Top