• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سپر سنڊي تي پاڪستان ۽ انڊيا ڪامياب

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ورلڊ ڪپ شروع ٿيندي 4 ڏينهن گذري ويا پر پاڪستان جو وارو اڄوڪي ميچ ۾ آيو۔۔۔ گهڻا شوقين پاڪستان جي ٻانهن تي نه نظر ڪاريون پٽيون ڏسڻ به آيا هوندا پر اصل مقابلو ورلڊ ڪپ جو هن ميچ ۾ نظر آيو۔۔۔
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي ناصر جمشيد جي 35 بالن تي 56 اسڪور واري ڪوشش سان 177 رنسون جوڙي ورتيون۔۔۔ ناصر طرفان شعيب ملڪ جي ريڪارڊ تيز ترين اڌ سينچري 27 بالن تي جوڙي ريڪارڊ برابر پڻ ڪيو۔۔
بظاهر ڏکيو ڏسندڙ ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ پورو زور لڳايو ۽ هڪ موقعي ته هتان جي همراهن کي سوڙهو به ڪافي ڪيو پر شايد سندن قسمت ڦٽل هئي جو سعيد اجمل 4 وڪيٽون وٺي پوري ٽيم کي 13 رنسون اڳ رڳو 164 رنسن تائين روڪي ڇڏيو۔۔۔۔۔

149635.3.jpg
حاضر آهن راند جون جهلڪيون​
 
افغانستان کي ٽوٽا چٻائيندڙ انگلينڊ جي ٽيم انڊيا جي اڳيان پير کوڙي ئي نه سگهي ۽ انڊيا جي پهريان بيٽنگ ڪندي 170 سڪور جنهن ۾ شرما جون شاندار 33 بالن تي 55 رنسون پڻ شامل آهن رڳو سندس جي ئي خلاف افغانستان واري اسڪور 80 تائين مس پهچي سگهي۔۔۔ انگلينڊ جي تباهي ۾ اهم ڪردار هربجن سنگهه جو هو جنهن رڳو 12 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون۔۔۔


149681.3.jpg
راند جون جهلڪيون​
 
واقعي سائين ڪالھ پاڪستان ۽ انڊيا جون ميچون ڏسڻ جهڙيون هيون، ڏاڍو انجوائي ڪيو سين۔۔۔۔
 
Back
Top