• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان هڪ گدڙ آهيان

عتيق الرحمان

سينيئر رڪن
مان هڪ گدڙ آهيان
پر پنهنجي ملڪ جو صدر آهيان
مون سڀ شينهن ٻڌي ڇڏيا آهن
پر
منهنجا سڀ گدڙ هاڻي شينهن آهن
ڪيئن ٿا بگهڙ ڪن سلام
ڏسو
اڄ لومڙ منهجا وزير آهن
هزارين هاٿي به هام هڻندا هئا
سي پڻ
سڀ اڄ منهنجا غلام آهن
وفا تي جن کي ناز هو پنهنجي
سي
ڪتا ٻه ڏس ڪيئن ٻلا ٿي ويا
باندر بيشڪ ملا ٿي ويا
سڻڀي ٻوڙ تي ساٿ ڇڏي ويا
پنهجا ماري غير گڏي ويا
ڪري ويران وڻ ۽ وٿاڻ
پنهجي گهر کي باه ڏئي ويا
آهي نانگن کي مون ناچ نچايو
دنيا کي آ مون اهيو سمجهايو
پنهجي اندر جهاتي پايو
قوم پنهجي کي ڪين لڄايو
مونکا اوهين ڪو سبق پرايو
مونکي سڃاڻو ٿا مان ڪير اهيان؟!!!
ڪير ٿو چئي مان سير آهيان؟!!
مان گدڙ آهيان،،،،،،،،،،،پر توهان جي ملڪ جو صدر آهيان
 
سائين عتيق الرحمن صاحب بزرگ شخصيت هئڻ جي ناتي اسان اوهان جي عزت ۽ احترام ڪريون ٿا، پر سائين اسلامي جمهوريه پاڪستان جي سنڌي صدر جي باري ۾ اوهان جي شاعري سراسر نا انصافي آهي، هن فورم تي هر مڪتب فڪر ۽ هر پارٽي ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جا سنڌي گڏ آهن ۽ اسان جو نعرو آهي سنڌيت جي پرچار ڪرڻ، سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي ترقي وٺرائڻ ۽ پاڻ ۾ ۽ دنيا وارن ۾ محبت ورهائڻ ۽ محبت جو پيغام پهچائڻ۔
اهڙي ماحول کي جيڪڏهن هٿي وٺرائبي ته پو ڪنهن جو به آئيڊيل ماڻهو هرو ڀرو جي تنقيد کان بچي نه سگهندو، ۽ سنڌ سلامت پنهنجي اصلي مقصد يعني وحدت جو درس ڏيڻ واري پٽڙي تان لهي ويندي۔۔۔جيڪا ڳالھ يقينن اوهان به نه چاهيندا۔۔۔
 
سائين طاهر سنڌي صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان وقتائتو وائکو ڪيو۔اوهان جا لک لائق توهان به اسان لا تمام محترم آهيو آلله پاڪ اوهان جا رتبا بلند ڪري اوهان تي پنهجنجو ڪرم ڪري۔هر مشڪل آسان ڪري،آمين
سائين مان اڳ به گزارش ڪئي هئي ته شائري مان ڪو نه ڄاڻون ، باقي دل تي سچائي سان جيڪي خيال ايندا آهن اهي اظهار لا پيش ڪيا ويندا آهن پر انهن جو مقصد اهيو به ناهي ته ڪنهن جي دل آزاري ڪجي،ان لا اوهان کان معافي جو طلبگار آهيان،اميد ته معاف ڪندو۔
باقي اسلامي جهموريه پاڪستان جو صدر سنڌي آهي جنهن سنڌ سموري کي اهتجاجن ۽ بيوسي،بدامني ۽ ديناداستي ڪرپشن جا جيڪي تحفه ڏنا آهن اها سنڌي قوم جي تاريخ ۾ لکي ويندي ۽ اهي ئي مئورخ لکندا جيڪي اڄ تعريفن جا محتاج آهن،
سائين اگر سچائي سان ڏسجي ته دنيا جي هر خطي ۾ پنهنجي قوم لا هر ڪو اعلي مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۔
۽ هي آخري سنڌي آهي جنهن باقي سنڌين جا در هميشه لا بند ڪري ڇڏيا آهن ۔اسان سنڌي سڀ ان صدر جي پهچان ٿي ويا آهيو ن
اسان ب مسٽر 10 پرسينٽ سڌجون ٿا،اسان اجازت ٿا وٺون ۔اسان لا هاڻي ڪا ڪنڊ خالي آهي پو ته اها به ڪونه ملندي۔
خوش رهو اسلام عليڪم
 
سائين احتجاج، ڪرپشن ۽ بد امني ڀلا ڪهڙي سرڪار گذري آهي جنهن جي دور ۾ نه هجي، بس اهي سڀئي بيماريون جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين هلنديون پيون اچن تن کي هڪ زرداري صاحب ڇا بدلائي سگهندو؟ يقينن اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان معاشري ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري معاشري جي هنن بيمارين مان جان ڇڏايون۔
اوهان اسان جا وڏا آهيو، ۽ اوهان جي لکڻين ۾ يقينن اسان لا ڪافي رهنمائي پڻ هوندي آهي، اوهان جي لکڻين جو شدت سان انتظار به رهندو آهي تاڪِ اوهان جي تجربي مان فائدو به حاصل ڪجي ۽ اشوز تي اوهان سان مثبت ڊسڪس به ٿي سگهي۔۔
منهنجي ڪا ڳالھ بري لڳي هجي ته هٿ ادب جا ٻڌي معذرت ٿو چاهيان۔۔۔۔
 
سائين ڪجهه اهڙيون شيون جيڪي هتي شيئر نه ٿيون ڪري سگهجن ڇو جو انهن سان اڃان مايوسي وڌندي،جيڪڏهن پنهجي جيجل تي ڪو سڳو ڀا نه وار ڪري ته توهان ڇا ڪندو؟توهان سنڌ بچائيندو يا سنڌي؟ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌي ماڻهو نه روڊ تي محفوظ آهي نه پنهجي گهر ۾،سنڌي داڪٽرن جو قتل ،پروفيسرن جي گهرن ۾ ڌاڙا،اغوا ڦرون ،يونيرسٽيون لٽيرن جي حوالي ،آفيسر نا آهل،رشوت جو عروج ۔ سائين پنجاب ۾ ب ته پاڪستان آهي ۔۽ سنڌ ۾ به پنجاب جا ماڻهو رهن ٿا ،انهن کي اهڙي ڪا به پريشاني ڪانهي ڇو؟ سائين ڇو؟اگر سچائي سان ڏسڻ چاهيو ته هي اهي ڪردار اڄ حڪمران آهن جيڪي ڪنهن ب ڪربلا مچائڻ کان ڪو نه ڪيٻائيندا آهن ۔۽ پنهجي آقائن کي خوش ڪرڻ لا آلِ رسول پاڪ کي به ڪهي سر نيزي تي بلند ڪندا آهن،۽ ان جي قوم وارا ان قدم تي خوش ٿين،سائين اکين سان ڏسي به جيڪر اکيون بند ڪرڻ واري مصلحت کان ڪم ورتو ويو ته يقين ڪيو 36 هزار هٿياربند سنڌي ماڻهن جي ٽارگيت قتل لا حڪم وٺي چڪا آهن 13 سيپتمبر کان انهن ڪم شروع ڪيو آهي ۔توهان رڳو اخبار ۾ ڏسندا ۽ ڳڻيندا وڃجو ته روز ڪاٿي ۽ ڪنهن جا ٿا لاش اچن۔
اسان به بس ڪري ويهي سنڌي صدرن ۽ وزيرن جا انقلابي دراما ڏسنداسين،
توهان کي شايد ڳوٺ ويندي پنهجي فورن ڪون ڦريو آهي،خدا جو قسم هٿ سان ڌاڙيل موڪليا ويا آهن ۽ انهن کي ڪمانڊ وقت جا سينئر وزير ٿا ڏين،ڪنهجي لا؟ هٿ وٺي سنڌ ۾ منشيات کي عام ڪيو ويو آهي ۔ڪا پابندي ڪانهي،ڪنهنجي لا۔؟هر برائي ڪرائڻ لا
حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۔ڪنهجي لا؟سائين جنگ رڳو گوليون يا بم وسائڻ جو نالو ناهي۔ٻيو ڇڏيو 11 سال مشرف جا ۽ 5 سال هي فقط اهي ڳڻيو ته اسان جو نسل انهن 16 سالن ۾ ڇا وٺي چڪو آهي سوا قومي تباهي جي،اڄ توهان کي ڪراڇي ۾ تعليم کان محروم ڪيو ويو آهي ۔ڇو؟سڀاڻي توهان ڪنهن به امتهان ڏيڻ جي لائق ڪو نه هوندو ۔خدا جو قسم ڪو ڌاريو صدر هجي هان ته اهڙا فيصلا ڪرڻ وقت ان جا هٿ ڏڪن هان پر هن جوڌي جوان کي خبر آ ته سنڌي ڪيئن سڌا ٿيندا آهن ان ڪري هو پنهجنون صلاحيتون پاڻ تي ئي استعمال ڪري قومي نقصان پهچائي رهيو آهي،پر اسان ماٺ ڪئي،ڇو جو جيستائين مڪمل طور اسان اکين سان پنهجي غلامي جو مزو نه چکنداسين تيستائين هوا جي هندورن ۾ اگهور ننڊ مان ڪو نه سجاڳ ٿينداسين۔
اوهان جي ڪنهن به ڳاله جو ڏک ڪونهي پر جيڪو اسان محسوس پئي ڪيو سو غلط هو اڃا اهو وقت ڪونه آيو آهي،
اسان کي تباهي کان ڪو به بچائڻ وارو ڪونهي ،سوا الله جي ذات جي،۽ الله تي اسان جو ايترو يقين آهي جو 100 سنڌين مان 2 سنڌي الله جي رستي تي هلڻ جا ارزومند آهن باقي هر ڪم کان بيزاري آ،
وري به اوهان کان معافي ٿو طلبيان ،ان يقين سان ته وري ڪا به اهڙي جسارت ڪو نه ڪبي،
 
سائين مولا اوهان کي سلامت رکي۔۔۔ اوهان جي ڳالهين ۾ وزن آهي، ڌڻي تعالي سنڌ ۽ سنڌين جي حفاظت ڪري، آمين۔۔۔
 
Back
Top