منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
سنڌ جي سدا حيات صوفي لا ڪوفي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي شاهه عبدلڪريم بلڙي واري جو ساليانو عرس مبارڪ ڪالهه ٿي گذريو پر سرڪاري سطح تي ڪنهن به قسم جو ڪو به پروگرام نه رکيو ويو، ميڊيا وارن جي حالت پڻ اها هئي جو سنڌ جي هن عظيم هستي بابت ڪنهن به قسم جي ڪا به ڊاڪيومنيٽري نه ڏني وئي، سنڌي ميڊيا ته خبر نشر ڪئي اهو به انهن جو ٿورو پر اردو ميڊيا ورن کي ته خبر به نه هئي ته ڪا سنڌ ۾ اهڙي عظيم هستي آهي يا ان جو ڪو عرس مبارڪ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته جيو نيوز وارن کي پنجاب جي شاعر وارث شاهه جي ورسي بابت وڏي ڄاڻ هئي انهن پنجاب جي شاعر وارث شاهه بابت ته خبر نشر ڪئي پر سنڌ جي هن هستي بابت ڪنهن به قسم جي ڪا به خبر نشر نه ڪئي۔ مان سنڌ سلامت جي پڙهندڙن لا هڪ ڪتاب جو لنڪ ڏئي رهيو آهيان اميد ته ضرور پڙهندا ۽ اسان کي پنهنجي ڌرتي جي عظيم انسانن بابت ڄاڻ وٺڻ ضرور آهي۔ ڇو ته ٻيو ڀل وساري ويهي پر اسين سنڌي پنهنجن عظيم هستين کي ڪڏهن به وسارڻ نه ٿا گهرون۔ شاهه عبدلڪريم بلڙي واري جو جنم 20 شعبان 944 هه بمطابق 30 جنوري 1538 ع تي مٽيارن جي شهر ۾ ٿيو ۽ وفات 07 ذوالقعد 1032 هه بمطابق 01 سيپٽمبر 1623 ع پنهنجي ڳوٺ بلڙي ۾ ٿي ۔ بلڙي جيڪو سندس جي نالي سان به منسوب ٿيو۔
http://www.scribd.com/doc/89388477/00342-Bayan-ul-Arifeen-Sindhi-Malfuzat-Shah-Kareem-Bulri-Waro
http://www.scribd.com/doc/89388477/00342-Bayan-ul-Arifeen-Sindhi-Malfuzat-Shah-Kareem-Bulri-Waro