سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ جي حلف وفاداري
محمد سليمان وساڻ
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) گذريل چاليهن سالن دوران تعليم سان گڏوگڏ عوام ۾ سماجي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وقت جي ضرورت آهي ته نوجوان قيادت اڳتي اچي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري. اها ڳالهه سگا جي مرڪزي وائيس چيئرمين رفيق احمد جعفري اڄ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي 15-2012 لاءِ چونڊيل عهديدران کان قسم کڻائڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ سادي ۽ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب کي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن، اڳوڻي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، نالي واري معاشي ماهر ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر اعجاز قريشي، سگا جي اڳوڻي مرڪزي وائيس چيئرمين عبدالرسول سومرو، سگا جي سيڪريٽري صحت پيرل خان کوسو، سيڪريٽري تعليم مئڊم ثريا ميمڻ، سگا سچل ڳوٺ شاخ جي نئين چونڊيل صدر پروفيسر علي انور بالادي، تاج محمد وساڻ، ڪرم الاهي چنا، غلام حسين بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. ولي محمد روشن چيو ته تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته اسانجي نوجوانن کي هاڻي عالمي سطح تي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ مقابلو ڪرڻو آهي ۽ هاڻي اسان کي ڪوٽا سسٽم تي ڀاڙڻ نه کپي. هن چيو ته سگا سنڌ دشمن رٿا ڪالاباغ ڊيم خلاف پهريون ڀيرو ٺهراءُ منظور ڪيو. هن سچل ڳوٺ ۾ 800 گز تي نئون روشن تارا اسڪول قائم ڪرڻ تي سگا سچل ڳوٺ جي عهديدارن جي جدوجهد تي مبارڪباد پيش ڪئي.
علي حسين بروهي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته وقت جي تقاضا آهي ته رضاڪارانا ازم ۽ پروفيشنلزم جي گڏيل تجربي سان تعليم ۽ سماجي خدمتن جي شعبي ۾ نيون ڪوششون ڪيو وڃن. هن چيو ته تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ صوبي جي عوام کي سٺي حڪمرانيءَ جي سخت ضرورت آهي. جنهن کان سواءِ تعليم سميت اهم شعبن ۾ سڌارا نه اچي سگهندا. اعجاز قريشي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته عالمي بئنڪ جي تازو جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت غربت جي جيڪا صورتحال آهي سا 1947ع ۾ به نه هئي ۽ ان صورتحال جو بنيادي ڪارڻ صوبي ۾ سالن کان سٺي حڪمراني نه هئڻ قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سگا جن سرڪاري اسڪولن جو انتظام سنڀاليو آهي تن جا بهتر ۽ اثرائتا نتيجا نڪري رهيا آهن. پروفيسر علي انور بالادي پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ ٻڌايو ته سگا سچل ڳوٺ شاخ گذريل 20 سالن ۾ سچل ڳوٺ ۽ آس پاس جي آبادين ۾ سنڌي عوام کي سندن مادري ٻوليءَ ۾ معياري تعليم ڏيارڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته اهي سنڌي وسنديون ڪنهن وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن نه پر هيٺئين طبقي جي تعليمي يافته نوجوانن جي جدوجهد سان قائم ٿيون آهن. تاج محمد وساڻ چيو ته سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي اعلى تعليمي ادارن جي ويجهو هئڻ ڪري اسان جا نوجوان انهن ادارن ۾ داخلا وٺي اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته سگا جي اسڪولن ۾ ملندڙ تعليم جو معيار بهتر آهي جنهن سبب هنن اسڪولن جا شاگرد تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين جي امتحانن ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪري رهيا آهن. تقريب کي الهداد گوپانگ، خادم حسين ڪانڌڙي، مريد حسين لاکي پڻ خطاب ڪيو.
ان کان اڳ سگا سچل ڳوٺ جي اليڪشن ڪمشنر علي اڪبر راڄپر نون چونڊجي آيل عهديدارن کان پنهنجي عهدن جو قسم کڻايو. سال 2015-2012 لاءِ شاخ جي چونڊن ۾ علي انور بالادي صدر، الهداد گوپانگ نائب صدر، ڪرم الاهي چنا جنرل سيڪريٽري، غلام سرور ڀٽو جوائنٽ سيڪريٽري، محمد سليمان وساڻ اطلاعات سيڪريٽري ۽ سراج احمد ڀٽو ماليات سيڪريٽري طور بنا مقابلي چونڊجي ويا، جڏهن ته برانچ مينيجمينٽ ڪميٽي لاء تاج محمد وساڻ، غلام رسول ٻٻر، سراج الدين ميمڻ.منظور علي شاهه، علي اڪبر مغيري، ثناءُ الله راڄڙ، صاحب ڏنو ارباب، ارباب علي جانوري ۽ آفتاب احمد ڀٽو چونڊيا ويا.


عبدالرسول سومرو، پيرل خان کوسو، علي اڪبر مغيري ۽ علي اڪبر راڄپر

مريد حسين لاکو، خادم حسين ڪانڌڙو ۽ غلام سرور ڀٽو



