جَرَ ۾ ڦوٽو جِئن، لهريون اَڌِ ٿِئي، تُون پِڻ آهين تِئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو۔پاڻي کي جَرُ ۽ جل به چئبو آهي، شايد اهي لفظ سنسڪرت مان آيا هجن ، جر تي ڦوٽي جي بيهڪ ٺاهـ ۽ ڊاهـ جن ڏٺي هوندي، تن کي اهو منظر مغز ۾ ويٺل هوندو! ايڏو عارضي جو ڏسندڙن کان لحظي اندر ڳوليو ڪو نه لڀندو۔ رڳو هوا تي پيو ٺهندو ڊهندو، هوا جي جهوٽي سان چڙهندو ڇولي يا لهر سان پاڻي جي مٿاڇري مٿان ، شفاف وجود وارا ڦوٽا ٺهندا ۽ غائب ٿيندي پيا نظر ايندا ۽ وجود وڃائيندا پيا ڏسبا، ڄڻ ته پنهنجي ليکي ڪا حيثيت ڪا نه هين وڏي پاڻيءَ جي وسيع وجود ۾ ، ننڍڙي نه نيبه ڪندڙ حيثيت وڃائي ويا۔ فنا في الله وارو صوفين جو نظريو به هوبهو ان اندازي جو آهي ۔ الله جي عظيم هستيءَ ۾ ، هن نيستيءَ واري وجودي وهڪري ۾ ٿاٻا ٿيڙ کائي، هيءُ بندو، بيهڪ وري به پنهنجي اصلي بنياد ۾ ڪندو ۔ جڏهن ٿيڻو ايئن ئي آهي ته پوءِ هن جهان ۾ ارڏائي ڇاجي ؟ ڇو نه فرمانبرداريءَ جي فن سان ، سائين سان سرخرو ٿجي ؟ ڊاڪٽر عزيز الرحمٰن ٻگهيو ڪتاب بيت نه پر آيتون آهين صفحو 110 ۽ 111