• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وچن ورجاون

اچو وچن ورجايون
سنڌ سان نيهن نڀايون
رات جي اونداهين ۾ رهزن
مس سان منهنجي سنڌ ٿو ميٽي
اچو ته تنهن کي يار ڀڄايون
سنڌ سان نيهنهن نڀايون۔۔۔۔۔۔۔۔
قانونن کي ٽوڙي موڙي
پنهنجا پير جدا ٿو کوڙي
تنهن جو جسو جسم جلايون
سنڌ سان نيهن نڀايون۔۔۔۔۔۔۔
دودا جوڌا جوان سڄائي
سڀ تياري ڪريو ڪجه سجائي
جو ڏهڪائي ٿو تنهن کي ڏاريون
سنڌ سان نيهن نڀايون۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌي بولي ڪين ٿو ٻولي
پنهنج پاڻ کي پيو ٿو رولي
رلندڙ کي پو راه رلايون
سنڌ سان نيهن نڀايون۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top