• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انيتا غلام علي

احسان علي جانوري

سينيئر رڪن
انيتا غلام علي

نامياري تعليمي ماهر انيتا غلام علي ڪراچي ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو فيروز نانا هو ۽ هو وڪالت واري شعبي سان لاڳاپيل هو. سندس والده جو نالو شيرين فيروز هو، جيڪا سنڌي ٻولي جي نامياري اديب مرزا قليج بيگ جي فرزند ۽ نامياري ڪهاڻيڪار مرزا نادر بيگ جي ڌيءُ هئي. هن هندستان جي صوبي مهاراشٽرا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي واپس اچي 1950 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي. هن 1954 ع ۾ انٽر جي تعليم ڪراچي جي وومين ڪاليج مان پاس ڪئي. هن انٽر جو ٻن سالن وارو اهو امتحان چئن سالن ۾ پاس ڪيو. هنB.Sc ڊي جي ڪاليج ۾ ٻن سالن بدران چئن سالن ۾ ڪئي. هوءَ پڙهائي ۾ ڪمزور هئي، جنهن ڪري ٿرڊ ڪلاس ايندي هئي. هوءَ شاگردي واري دور کان وٺي ٽيبل ٽينس ۽ بيد منٽن راند جي شوقين رهي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا انهن جي چيمپيئن پڻ رهي آهي. سندس خواهش ڊاڪٽر ٿيڻ جي هئي پر ڊاڪٽر نه ٿيڻ ڪري استادي وارو پيشو اختيار ڪيو. هن 1978 ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ملازمت اختيار ڪئي ۽ انهي عرصي دوران پاڪستان ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ بڻي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترن ئي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ڪري سندس والد تي انتظاميا پاران دٻاءُ وڌو ويو ته هو پنهنجي ڌيءُ کي اهڙين سرگرمين کان روڪي، پر هن اهو چئي کين جواب ڏنو ته ”هوءَ بالغ ۽ شعور يافته آهي، جنهن ڪري پنهنجو برو ۽ ڀلو پاڻ سمجهي سگهي ٿي. مان سندس زندگي جي مقصد ۾ رنڊڪ نه ٿو بڻجڻ چاهيان!“ هوءَ 28 سالن تائين ايم ايس ڪاليج ۾ پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. هن 20 سالن تائين ريڊيو پاڪستان تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪيو. هوءَ 1989 ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي ٽيچرس فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿي ۽ اڄڪلهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هوءَ سماجي تنظيمن جي سهڪاري ٿي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي شعور لاءِ ڪوششون پڻ وٺندي رهي آهي. هن پنهنجي نوڪري واري عرصي ۾ تعليم جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو. هن 250 جي لڳ ڀڳ تعليم ۽ عورتن بابت انگريزي اخبارن ۾ مضمون لکيا آهن ۽ هن سنڌي ڀرت جي اصليت ۽ حويلي جي رازن بابت پڻ انگريزي ۾ ڪتاب لکيا آهن.​
 
Back
Top