ٽي 20 ڪرڪيٽ جا ڪجهه مزيدار انگ اکر ۽ حقيقتون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

ٽي 20 جو ورلڊ ڪپ سريلنڪا ۾ جاري آهي ۔۔۔۔ ٽي 20 جا ڪجهه مزيدار انگ اکر ۽ حقيقتون :

  • نيوزيلينڊ جي برينڊ ميڪلم جي ٽي 20 ۾ ايوريج سندس ون ڊي ۽ ٽيسٽ جي ايوريج کان به وڌيڪ آهي۔
  • پاڪستاني بالر سعيد اجمل، عمر گُل ۽ شاهد آفريدي ٽي 20 جا سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهن۔
  • پاڪستان ٽي 20 جي واحد ٽيم آهي جيڪا ورلڊ ڪپ ٽي 20 جي سڀني سڀني سيمي فائنلس ۾ پهتي آهي۔
  • هندستاني ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني کي ٽي 20 فارميٽ جو ڪامياب رانديگر سمجهيو وڃي ٿو پر مزيدار حقيقت آهي ته هن اڃان تائين ٽي 20 جي 35 ميچن ۾ ڪابه نصف سينچري ناهي ٺاهي ۽ سندس اسٽرائيڪ ريٽ به 110 آهي۔
  • ياد رهي ته سڀ کان سٺو اسٽرائيڪ ريٽ ويسٽ انڊيز جي ڪيون پولارڊ ۽ پاڪستان جي عمران نذير جو 161 آهي۔
 
Back
Top