مخدوم امين فهيم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ احسان علي جانوري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2009۔

  1. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    مخدوم امين فهيم

    مخدوم محمد امين ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سجاد نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه السلام جو وڏو فرزند آهي.سندس ولادت 4 آگسٽ 1939 ع تي هالا ۾ ٿي. هي اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس امڙ هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي ائين پاڻ ننڍپڻ کان امڙ جي شفقت کان محروم رهجي ويا.بعد ۾ هن جي والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي. جن مان کيس پنج پٽ ٿيا جن ۾ مخدوم خليق الزمان (اڳوڻو ايم پي اي) مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان،مخدوم رفيق الزمان (حيدرآباد جو اڳوڻو ناظم) ۽ مخدوم سعيد الزمان (اڳوڻو ايم پي اي ) آهن.هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي.مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ هالن ۾ سروريه اسلاميه ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي بي اي پاس ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽي مان سياست جي ڊگري ورتي ۽ قانون جو پڻ امتحان پاس ڪيو پر هن قانون کي پنهنجو پيشو نه بڻايو. هن شعر وشاعري 1953 کان شروع ڪئي ان فن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيا ورتائين.اول ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين ان کانپوءِ مخدوم طالب الموليٰ پاران کيس ”فهيم “ تخلص عنايت ڪيو ويو، جو اڄ تائين استعمال ڪندو رهي ٿو. سندس شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن جن مان ” پيغام“ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. موسيقي ۽ شڪار سان سندس دلچسپي آهي. ”بزم طالب الموليٰ “ سنڌ جو صدر رهيو آهي . تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروريه اسلاميه ڪاليج ۽ سروريه اورنٽيل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو آهي. ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ۽ ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جوميمبر رهو آهي. پاڻ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جا اڳواڻ ۽ اي آر ڊي جا چيئرمين آهن. مخدوم امين فهيم چار شاديون ڪيون جن ۾ پهرين شادي 21 جون 1957 ۾ اوڻيهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي. ٻئي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ هڪ ايئر هوسٽس دينا ليليٰ سان ڪئي. دينا ليليٰ جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليليٰ جي ڀيڻ هئي دينا به سٺي ڳائڻي هئي شادي بعد جلد ئي فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ عورت سان ڪئي ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. چارگهروارين مان ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿن. جن مان جميل الزمان سياستدان، شڪيل الزمان سول سروس جي نوڪري ڪري رهيو آهي،نجيب الزمان لنڊن مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد دبئي ۾ ڪاروبار سان واڳيل آهي.سندس ٻيا ٽي پٽ جن ۾ عقيل الزمان، خليل الزمان ۽ ابو محمد آهن. دينا ليليٰ مان پيدا ٿيندڙ نياڻي برمنگهم يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهي آهي.مخدوم خان مان اها واحد ڇوڪري آهي جيڪا ٻاهرين ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهي آهي.. 69 ۾ لنڊن ۾ مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي تنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هن جو والد مخدوم طالب الموليٰ پ پ جو سينيئر وائيس چيئرمين به رهيو. مخدوم خاندان ابتدا کان اڃا تائين پ پ سان نڀائيندا پيا اچن.امين فهيم 1970 ۾ ٺٽي جي ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1985 جي غير جماعتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيائين. 1970 کان 2002 تائين اليڪشن ۾ حصو وٺندو آيو. هو هالا جي تڪ مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. مخدوم امين فهيم وفاقي وزير به رهيو. جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف پاران اعليٰ عهدن جي آڇ باوجود به پ پ جي ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو کيس مخالف ڌر ۽ ٻين پارٽين وارا به کيس عزت جي نگاهن سان ڏسندا اٿن.مخدوم امين فهيم يارويس طبيعت جو مالڪ آهي ۽ دوستن جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي.​
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    مخدوم امين فهيم منهنجو سڱو مائٽ آهي
     
  3. ALI AHMED

    ALI AHMED
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    no he is not my relative but he is one of the favraite prsonality

    نه هي منهنجو مائٽ نه آهي، پر هي منهنجي پسنديده شخصيتن مان هڪ آهي.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    :D:D:D:D

    ادا ڪنگ پو۽ فقير جي پارت هجئي

    سدائين گڏ


    ها ها ها ها ها khil sahi
     
  5. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه ادا واه اهڙِي معلومات ڏيڻ جي مهرباني...........
     
  6. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اصل تحرير ڦلپوٽو فقير جي

    ڦلپوٽو فقير;

    ادا ڪنگ پو۽ منڱريو جي پارت هجئي

    سدائين گڏ


    ها ها ها ها ها ]
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مخدوم صاحب جي باري ۾ معلومات ڪرڻ جي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو