دل جو موسم

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    دل جو موسم :_

    اعداد وشمار جي لحاظ کان موسم جا چار قسم هوندا آهن۔ اڃا سردين جون راتيون مس گذريون هونديون ته خزان جو موسم اچي ويندو آهي،وڻن کي پنن کان اها موسم خالي ڪري ڇڏيندو آهي۔ڪجه هفتن کانپوء بهار نئين موسم جو پيغام کڻي ايندي آهي ۽ هر طرف هريالي ٿئي ويندي آهي۔ان کانپوء گرمي جو موسم شروع ٿئي ويندو آهي۔ بهرحال اهئي چار موسم سڄو سال هلندا رهندا آهن۔پرانهن کان علاوه هڪ ٻيو به موسم هوندو آهي جنهن کا اسان عام زبان ۾ دل جو موسم چوندا آهيون۔
    حساس ماڻهون لاء هي موسم تمام وڏي اهميت وارو هوندو آهي۔اسان ٻاهر جي موسم جو مزو تڏهن محسوس ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان جي دل جو موسم خوشگوار هجئي۔جڏهن اسان جو دل خوش ۽ مطمئن نه هجي يعني دل جو موسم خوشگوار نه هجئي ته ڪو به موسم پنهنجو اثر نه ٿو ڏيکاري سگهي۔جيڪڏهن دل جي سرزمين تي ادسي ۽ غم جي ڪفيت هوندي آهي ته ٻاهر جي موسم ۾ چاهي بهار جو راڄ هجي ،بارش جي رم جهم هجئي،جيڪو ڪجه به هجئي پر سٺو نه لڳندو آهي۔پر جڏهن اسان دل سان خوش هوندا آهيون ته چاهي سخت گرمي هجئي اسان کي ان موسم ۾ به تمام گهڻو لطف ايندو آهي۔ ڪنهن به موسم جو مزو اسان تڏهن وٺي سگهون ٿا جڏهن اسان اندر ۾ خوش هونداسين۔


    پيارا هن اڳڻ جا ڀاتيو! ڪوشش ڪيو ته توهان جي دل جو موسم هميشه خوشگوار رهي۔جڏهن به توهان جو دل تي غم ؤ ادسي جو غلبو ٿئي ته هڪدم الله پاڪ ڏي رجوع ڪري پنهنجي انهي ڪفيت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪيو۔هر ڏک جي پٺيان سک هوندو آهي۔ چوندا آهن ڏکن جا ڏينهن ٿورڙا جڏهن ته سکن جا ڏينهن گهڻا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بلي بلي اڄ ته دل جون ڳالهيون پيا ڪريو
    خوبصورت خيال
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دل جي موسم هر ڏينهن هوندي آهي ۔۔۔۔ مندون ته ٻيون به گهڻيون جيئن چئن مندن کانسواء هڪ مند ٿيندي آهي پيار جي، هڪ مند ٿيندي آهي مينهن جي جيڪا سانوڻ به سڏجي ۔۔۔۔ ۽ وري جي مينهن جي مند هجي ۽ محبوب جي ياد اچي ته پوء دل جي ڪيفيت ۽ دل جي موسم ۽ سرور ڪجهه عجيب ئي هوندو آهي۔

    اوهان جو سهڻو ليک ۔۔۔۔۔ سهڻي شيئرنگ
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ميمڻ صاحب۔۔ ايمان افروز ليک،،، جزاڪ الله خير۔۔
    سائين جاري رکندا۔۔۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جس لهڻا سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن اهڙو موضوع پکيڙيو ته هن اڱڻ جي سهڻن ماڻهن جي دلين جو آواز بولاٽيون کائي ور وراڪو ڏئي پنهنجي محبوبن سان مينهن جي مند ۾ ملڻ لا آتو ٿي نظر آيو، ابول ! مان به چوان ته سائين سليمان وساڻ صاحب شاعري سان ايڏو چاهه ڇو ٿا رکن؟ پر اڄ خبر پئي ته شاعري ۽ مينهن جي مند سائين وساڻ صاحب جي وڏي ڪمزوري جو باعث آهن وري مٿان سائين ميمڻ صاحب جن جي هن دل جي موسم واري موضوع سائين جن کي پرين ياد ڏياري دل جي اُساٽ واري موسم ۾ ممڻ مچائي وڌو۔ جئين هڪ پهاڪو آهي ته: ماڻهو مُئو خير آ۔۔ وزن جي ته خبر پئي۔۔۔۔۔ههههههههها۔۔۔۔

    سائين محترم تمام بهترين موضوع دل وٽان ۔ مزاج خوشگوار ٿي ويو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو