وفا جو بدلو ڪجه ماڻهون چوندا آهن ته”وفا جو بدلو بي وفائي آهي“ پر اسان نه مڃيندا آهيون ۔ اسان اهو ڪيئن مڃون ته” ڪوئي پوکيندو ته گلاب پر ملنديس خاردار ببول “ اهو ڪيئن ٿئي سگهي ٿو؟ وفا جي بدلي وفا ئي ملندي، محبت جي بدلي محبت ۽ عزت جي بدلي عزت حاصل ٿيندي، شرط اهو آهي ته اسان جي پنهنجي دل ۾ ٻئي جي لاء سچي وفا، محبت ۽ عزت هجئي پوء چئني طرف محبت ئي محبت هوندي۔ پر جڏهن اسانجو پنهنجي ئي دل (من) جو مير ٻئي جي بي وفائي جو ڪنڍو ٿئي چبهندو هجئي ته پوء ٻيو ڪير ڇا ڪر سگهي ٿو۔
وفا جي واٽ ۾ تبسم، جفائون ڪار ئي نه آهن هي دل جو دل سان آ سودو ڪسر توکي ء ڪس مونکي ڪوتاهيون ڪار ئي نه آهن بهترن خيال
ادا اگر حقيقت کي پروڙيندو ته اڃان به ڪا شئي نظر اچي ويندي ،ايئن به ڪونهي ته وفا جي بدلي بيوفائي ملندي،نڪتو اهيو آهي ته وفا جي طلب يا تقاضا ڪنهن کان آهي،؟ٻيو ته وفا ۾ خواهش جي تقاضا ته ڪانهي؟خوهشون به وفا جو موت ثابت ٿيون آهن،اگر غور ڪندو ته ڪو به انتها محبت ۾ اگر خواهش رکندو ته وفا کي ماڻي ڪو نه سگهندو، ان جو ثبوت انسان پنهجن خواهشن جي ڪري پنهجي ربالعالمين سان وفا نه ٿو ڪري،۽ اهڙي طرح ڪربلا به خواهشن جي ڪري رونما ٿي ،جيڪر خط لکڻ وارا پنهجي وفا جا قسم کائڻ وارا دنيا ۾ جيئڻ جي خواهش ڪندي نه منهن موڙين هان ته اهيو ثبوت ڪو نه ملي هان،ڇا مولا حسين پاڪ جي امت سان محبت ڪو نه هئي جو ان کي وفا جو بدلو ڪو نه مليو؟ مخلب منهجو ته محبت ڪندڙاگر خواهشن کي مارين ته وفا انهن جو مقام بلند رکندي،پر اهي نڀاڳيون خواهشون رلائي ٿيون وجهن ۽ محبت ڪندڙ وڃي لا شريڪ جي ويجهو ٿا پهچن، آهي هر ڪم ۾ حڪمت پوء جيڪو جنهن کي سڃاڻي ۔۔۔۔باقي اگر پوري يقين سان گلاب ئي پوکيندو ته گلاب ئي ملندس۔اگر تشبيه گلاب سان ڏئي ۽ گلاب جي توقع رکندو ته ان ۾ فرق ته هوندو، نوٽ:_ (ادا هي منهجو خيال آهي متان غلط به هجي ان ڪري اڳ۾ ئي معزرت ٿو ڪيان۔اميد ته ناراض نه ٿيندا)هي لکندي ڊپ به ٿئي ٿو ته ڪٿي ڪنهن جي دل آزاري نه ڪري وجهان۔
وفا ڪٿي نه رهي آ وفا تلاش نه ڪر خدا جي واسطي اهڙي جفا تلاش نه ڪر وري ٻئي هنڌ جفائن جي بدلي ڪيونسين وفائون مگر هن زماني اسان کي نه سمجهيو پوء به اسان جي فطرت ۾ وفا شامل آهي ۽ اسان وفائون ئي ڪندا رهون ٿا ۽ وفائون ڪندا رهنداسين۔ ها اها ٻي ڳالهه آهي ته زماني جون ريتون بدلجي ويون آهن، زماني جا دستور بدلجي ويا آهن، هن مطلب پرستي جي دور ۾ وفا ڪرڻ ۽ نڀائڻ وڏي ڳالهه آهي
تمام سٺو سائين سچ ٿا چئو وفا رشتو نڀائڻ جو نالو آهي پوء جنهن کي نڀائڻو آهي سو ته وفا ئي ڪندو پر جيڪو رشتي کي ئي بيمعني ا سمجهي اهو وفا مان ڇا ڄاڻندو جيڪو رشتي مان نه ٿو ڄاڻي،وفا ڳنڍڻ جو نالو آهي،توهان جنهن سان به ڳنڍيل آهيو اوهان وفادار آهيو ۔جيڪوبه ڌار ٿيندو اهو ئي بيوفا ٿيندو،
دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي ڪيترو نقصان ٿي ته به فائدو آهي عشق گھاڻي ۾ يا ڦاسي گھاٽ تي گرجيو موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي جي مران، جيئان، مران جيئان سوين ڀيرا هر دفعي تو سان وفا هي واعدو آهي رعب جي گھر ۾ گھڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي تجلو ٿيو تارو کڙيو، تارو ڪِريو بس زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي سنڌ ڌرتيءَ سان ۽ سرتيءَ سان بخاريءَ جو ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي **** استاد بخاري