رسول بخش جوڻيجو
سينيئر رڪن
هو هڏ ماس کان مٿي،
مٽي جو سڏ آهي،
جڳن کان گڏ آهي،
ڪهڙا ڏسين ٿو
پيڙهين جا پوتاميل؟
ڪوڙا ڪتابن ۾
ڪيئي شجرن جا کيل۔
روپو هر روح ۾ رهي ٿو،
جو ڌرتي لاء تڙپي ٿو،
روپو هر جذبي ۾ جرڪي ٿو،
جو وطن لاء وڙهي ٿو،
روپو هڪڙي ريت آهي،
آدرشن جي جيت آهي،
هر نسل جنهن تي جهومي ،
اهڙو انوکو گيت آهي،
ماء جي لولي جهڙو،
مور جي ٻولي جهڙو،
ڪارونجهر جي ڪا ڪٿا آهي،
هڪڙو ناهي ، جٿا آهي،
پنهنجي قلم ڪاغذ ۾،
سوچن جي ساگر ۾ ،
روپي کي آڻڻ لئه،
روپي کي ماڻڻ لئه،
مٽي سان محبت ٿي گهرجي،
مٽي سان محبت ٿي گهرجي،
ڌرتي جي هر شهيد جي عظمت،
آجپي جي هر عيد جي عظمت،
جيڪو ڄاڻِي ٿو،
سو ئي آڻي ٿو،
تازا گل ڀيٽا جا،
ڇا آهي تنهنجي جهولي ۾؟
رهين ٿو ڪهڙي ٽولي ۾،
پنهنجو پاڻ کان پڇ تون،
پوء اهو ڏس تون،
روپي جو ڪهڙو اولاد آهي؟
ڪهڙي مٺ هڏين جو فولاد آهي؟
ڪهڙي جيجل کيريو کير؟
ڪهڙي منهن ۾ ٿڃ مهڪي ٿي؟
ڪنهن جو رت ٽهڪي ٿو،
روپو ڪنهن جي روح ۾ رهي ٿو!
شاعر : ڀارومل امراڻي
مٽي جو سڏ آهي،
جڳن کان گڏ آهي،
ڪهڙا ڏسين ٿو
پيڙهين جا پوتاميل؟
ڪوڙا ڪتابن ۾
ڪيئي شجرن جا کيل۔
روپو هر روح ۾ رهي ٿو،
جو ڌرتي لاء تڙپي ٿو،
روپو هر جذبي ۾ جرڪي ٿو،
جو وطن لاء وڙهي ٿو،
روپو هڪڙي ريت آهي،
آدرشن جي جيت آهي،
هر نسل جنهن تي جهومي ،
اهڙو انوکو گيت آهي،
ماء جي لولي جهڙو،
مور جي ٻولي جهڙو،
ڪارونجهر جي ڪا ڪٿا آهي،
هڪڙو ناهي ، جٿا آهي،
پنهنجي قلم ڪاغذ ۾،
سوچن جي ساگر ۾ ،
روپي کي آڻڻ لئه،
روپي کي ماڻڻ لئه،
مٽي سان محبت ٿي گهرجي،
مٽي سان محبت ٿي گهرجي،
ڌرتي جي هر شهيد جي عظمت،
آجپي جي هر عيد جي عظمت،
جيڪو ڄاڻِي ٿو،
سو ئي آڻي ٿو،
تازا گل ڀيٽا جا،
ڇا آهي تنهنجي جهولي ۾؟
رهين ٿو ڪهڙي ٽولي ۾،
پنهنجو پاڻ کان پڇ تون،
پوء اهو ڏس تون،
روپي جو ڪهڙو اولاد آهي؟
ڪهڙي مٺ هڏين جو فولاد آهي؟
ڪهڙي جيجل کيريو کير؟
ڪهڙي منهن ۾ ٿڃ مهڪي ٿي؟
ڪنهن جو رت ٽهڪي ٿو،
روپو ڪنهن جي روح ۾ رهي ٿو!
شاعر : ڀارومل امراڻي