عابده پرو ين

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ احسان علي جانوري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2009۔

  1. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    عابده پرو ين

    عابده پروين 1957ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ استاد غلام حيدر خان جي گهر ۾ جنم ورتو.سندس والد موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو.عابده کي شروعاتي راڳ جون رمزون والد سمجهايون.والد کان بعد هن لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي.هن استاد سلامت علي خان ۽ استاد محمد جمن کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو آهي.هن استاد محمد ابراهيم ۽استاد منظور علي خان کان متاثر ٿي سندن انداز مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.

    1970ع ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي مان لڏي مٽياري ۾ رهائش اختيار ڪئي.کيس ريڊيو تي آڻڻ وارو دين محمد زمان مٽياري هو.سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ” شوقيه ڳائيندڙن “ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.کيس فن کي نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ غلام حسين وڏي محنت ڪئي ۽ هن هڪ سال اندر تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي.

    1979ع ۾ کيس پي ٽي وي تي ممتاز مرزا پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ متعارف ڪرايو.اردو پروگرامن ڏانهن سندس دلچسپي سلطانه صديقيءَ پيدا ڪئي.هن اردي جي پهرين پروگرام ”سُر سنگم“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پوري ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو.ٽي وي سندس ڳايل گيت ”گهوم چرکڙا سائيان دا“ جي مشهوري کانپوءِ سندس آواز جي ڌاڪ مچڻ لڳي.سندس ڳايل اردو غزل ” جب سي تو ني مجهي ديوانا بنا رکا هي“ ملڪ جي سنجيده حلقن جي دلين ۾ گهر پيدا ڪري ڇڏيو.

    هن شاهه عبدللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي صحيح پڙهڻ لاءِ رات ڏينهن سخت محنت ڪئي. هن مارشل لا دوران ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين قومي شاعرن جي مزاحمتي شاعري ڳائي سنڌ واسين کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    1981ع ۾ هن لڳاتار ٽن ڪلاڪن تائين ڀٽائيءَ جي شاعري ڳائي رڪارڊ قائم ڪيو. هوءَ ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.سندس تعليم بي.اي تائين آهي.1975 ع ۾ هن حيدرآباد جي سينيئر پروڊيوسر غلام حسين شيخ سان شادي ڪئي، جنهن 1994 ع ۾ وفات ڪئي. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ سارنگ ۽ ٻه ڌيئرون سليما ۽ پرهه آهن.​
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم ادا احسان علي جانوري صاحب

    اوهان جي لک قرب جو اوهان اسان کي محترمه عابده پروين جي باري ۾ ڄاڻڪاري فراهم ڪئي۔۔۔ پر مٺڙ اوهان انهي موڪليل ڄاڻڪاري جي هيٺيان صرف ٻه لفظ ايتر لکي ڪري موڪليو هان ته: وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ جي ٿورن سان اوهان دوستن سان هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي شيئر ڪريان ٿو۔۔۔ ته اسان کي انهي کان وڌيڪ خوشي ٿئي هان۔۔۔ مهرباني ادا ٻيهر اهڙي ڪا غلطي نه ڪجو ۽ نه وري منهنجي ڪا ڳالهه دل ۾ رکجو۔۔۔۔
     
  3. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    ادا اها ڳاله ته مونکي ذهن تي ئي ڪونه آئي هئي چڱو ٿيو جو توهان ٻڌائي ڃڏيو وڏي مهرباني ادا.
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مٺڙا مان اوهان جو خادم آهيان۔۔۔۔ ڪا ڳالهه ڪونهي انسان کان ئي غلطي ٿيندي آهي۔۔۔۔ اوهان هاڻي ئي پنهنجين تحريرن ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ باقي جهڙي نموني اوهان ريپلائي ڪيو آهي ته ان کي ڏسي ڪري سنڌ سلامت جا دوست تمام گهڻو خوش ٿيندا۔۔۔۔ ۽ اهو هڪ اخلاقي فرض به آهي۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو