شاهه سائين جي بيت جي روحاني معنيٰ بابت ويچار ونڊيو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي هيٺين بيت بابت بهترين روحانيت سان ڀريل ويچار ونڊ ڪيو۔ جنهن به سڄڻ جي روحاني معنيٰ منهنجي روح کي تازگي بخشِي مان سمجهندس ان دوست لطيف جي هستي کي سهڻي نموني پرکيو آهي۔ پر مان سمجهان ٿو اهڙو ڪير به سنڌي نه آهي جنهن لطيف کي سمجهيو نه هجي، لطيف ته هر سنڌي جي روح جو آواز آهي۔ پر اڄ دل گهريو ته سهڻيون روحانيت ڀريون ڳالهيون ونڊ ڪجن ته جئين اسان جي علم ۾ لطيف جي روحاني هستي بابت ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي۔

    سر مارئي
    داستان پهريون
    1
    ’اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
    ’قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
    تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين لطيف سرڪار جڏهن ڪربلا جو منظر پسيو ۽ ڏٺو ته ظالم پنهجي ظلم جون سڀ حدون لتاڙي رهيا آهن ته مولا حسين عليه سلام کان شڪوه ڪيو ته مولا ڇو خاموش آهيو هاڻي ته حد ٿي ويئي ظلم جي توهان جي هر فرمان کي جن ملائڪ بجا آڻڻ لاء تيار آهن جيڪي الله جا مقرر ڪيل آهن توهان واسطي۔۽ الله ڪل شيئ قدير آهي،هن کان پو ٻيو وقت ڪهڙو ايندو،تڏهن مولا حسين پاڪ عليه سلام جن فرمايو،اهو وقت ياد آهي جڏهن هن چيو هو ”الست بربڪم “ مون چيو ” قالوا بلي ا“ بيشڪ دل سان مڃيو ۽ ان وقت قول قرار ڪيو هو اڄ مالڪ پڇي ٿو ته ڇا مان توهان جو رب آهيان ؟ مان چوان ٿو بيشڪ آهين،هر لمحي پڇي ٿو ،هر وار سان پڇي ٿو،هر ستم سان پڇي ٿو، مان هر بار چوان ٿو بيشڪ تون ئي رب آهين
    سڀ ڪجهه تنهجو آهي ۽ مان واعدي خلافي ڪيئن ڪيان مان توسان وچن ڪيو هو تون آهين اسان جو رب،بيشڪ تون ئي آهين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا منظور صاحب مشڪل سوال آهي، لطيف جا پارکو ئي جواب ڏئي سگهن ٿا۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين توهان طرفان جيڪا معنى تخليق ٿيل آهي اها ته مٿين ٻن سٽن بابت ته ٺهڪي ٿي پر آخري جيڪا سِٽ آهي ان بابت به ڪجهه ويچار ونڊيو ته لک قرب۔
    تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    جنگ جي صورتحال ڏسي ڪافلي وارن کي پريشاني ٿي ۽ سڀ آس ونده هئا ته ڪو معجزو رونما ٿيندو ۽ سڀن جي نگاه مولا حسين پاڪ عليه سلام ڏانهن هئي،جتي مولا حسين پاڪ عليه سلام سڀني کي مخاطب ٿيا ۽ فرمايائون ته جيڪو وڃڻ چاهي رات جي اونداهي ۾ نڪري وڃي اهو جنگ و جدال کان بچي ويندو ۔پو جيڪي ويا سي ويا باقي جيڪي بچيا تن کي مولا درشن ڪرايو ۽ حقيقت کان واقف ڪيو ۽ فرمايو توهان کي صبر ڪرڻو اهي توهان کي ڪا به تڪليف ،محسوس به ڪو نه ٿيندي ،
    (جي نه ته سائين اهيو حادثو ،اهي منظر زندگي جو هر پل مشڪل بنجي وڃي هان آل اهل بيت عليه سلام جي لاء)
    ان وچن جي ڳاله آهي،پوء جو سفر اڃان ڏکيو هو،۔۔
    هن طرز کي وٺي اڳتي ڏسندو ۽ محسوس ڪندو ته واضع سمجهندو لطيف سرڪارکي،
    حقيَت هن حال جيِ جي ظاهر ڪريان ذري
    لڳي ماٺ مِرُن کي ڏونگر پون ڏري
    وڃن وڻ ٻري اوڀر اڀري ڪينڪي۔۔
    (غلطي هجي ته معافي سان گڏ اصلاح به ڪجو۔)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجي مداين جي، ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪونه ٿيا، ڏوراپا ڏيئي،
    ساجن سڀيئي ڍڪج ڍول ڍلايون۔

    ڪجهه وقت جي غير حاضريءَ لاءِ سموري سنگت کان معذرت ۔۔۔

    لطيف سرڪار هن بيت ۾ قرآن شريف جي آيت ورجائي آهي،

    الست بربڪم ۽ قالو بليٰ
    ڇا مان اوهانجو رب آهيان ۔۔۔ ها تون اسانجو رب آهي

    هي اهو واعدو آهي جڏهن الله تعالا انسانن جا روح خلقڻ کانپوءِ ورتو ۔

    مارئيءَ جي واتان وطن جي حب جا مثال لطيف سڳوري اهڙي ته شانائتي ۽ پراثر انداز ۾ بيان ڪيا آهن جو سالڪ پڙهندي ئي ڄام ٿي وڃي ٿو۔ عمر بادشاه جو مثال هن دنيا جو آهي جنهن ۾ سختيون، ڏکايون، لالچون ۽ مختلف مرحليوار سختيون اچن ٿيون ۔۔۔ مارئي هڪ روح آهي جيڪو انهن سختين، مشڪلاتن ۽ لالچن سان وڙهندي پنهنجوپاڻ بچائي ٿو ۽ رب پاڪ سان ڪيل واعدو ياد ڪندي عمر بادشاه کي چوي ٿو ته جيڪي ماڻهون رب جا هوندا سي تنهنجي لالچ ۽ لٺ ۾ نه ايندا ۔۔۔

    روحن جو اصل الله وٽ آهي ۽ هر شئي کي اصل ڏانهن موٽڻو آهي۔

    سنڌ سلامت جا دوست سالڪ ۽ لطيف جا پارکو آهن ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن۔

    سڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي جنبش ڪانهي جا،
    مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري۔
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سڀ کان پهرين سائين محترم نثار ابڙو صاحب کي ڀليڪار هن اڱڻ تي، ڪجهه ڏينهن جي وڇو ٽين کان پو اوهان جو ڀيرو اسان جي خوشنصيبي آهي جو سائين جن جا مٺا ٻول پڙهڻ لا ملندا۔

    سائين جڏهن ڳالهه ٿي هلي لطيف سرڪار جي بيتن جي روحاني سمجهاڻي بابت ۽ مٿان وري سنڌ جو اهو عاشق جنهن پنهنجي حياتي جا جوڀن ڏينهنڙا سنڌ جي چيڪي مٽي جي خوشبو سان ملهايا هجن ته اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته ان لطيف سرڪار کي روحاني طرح پڙهيو نه هجي۔ اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته سنڌ سان چاهه رکندڙ لطيف جي مٺي ٻولي کي پنهنجي اندر نه اوتيو هجي۔ سائين نثار صاحب توهان جي مٿين سمجهاڻي اصل هڻي هنڌ ڪيو۔ مونکي ان ئي سمجهاڻي جو انتظار هو۔ پر سائين عتيق الرحمان صاحب جن به پنهنجي ڏاهپ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو۔ پر حقيقت هي آهي ته لطيف سرڪار دنيا جي هر شي جو موضوع تخليق ته ڏنو آهي پر ان جو ڳانڍاپو رب ڌڻي سان جڙيل رکيو اٿس۔ بس سمجهو ڪي سمجهن۔ لک قرب سائين نثار صاحب جن جا۔
    روحن جو اصل الله وٽ آهي ۽ هر شئي کي اصل ڏانهن موٽڻو آهي۔

    لا مڪان، مڪام اساڏا، اسان اصل ولي اٿان دي هُو
    ايهه نفس پليت ڪِتو سي باهو، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين اوهان وٽ علم ۽ تحقيق جا تمام وڏا خزانه آهن الله پاڪ اوهان جي علم ۽ فهم ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪري ،مون کي ايتري ڄاڻ ڪانهي ،جو پاڻ کي پارکو چوايان،بس ڪن درويشن جي صحبت ۾ ڪجه پرائڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ پنهجي گنهگار هجڻ جي يقين دهاني ٿي،۽ پنهجي روح کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيان، ته هي روح ڪهڙو آهي ؟ڇو ته انسان جي تاريخ ۾ جيڪي انيڪ مثال الله پاڪ ڏيکاريا آهن تن کي مختلف زاوين کان پوء ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته جيڪو اکين سان ڏِسجي ٿو سو به ائين ڪونهي،جنهن جو وڏو مثال قرآن پاڪ ۾ صوره الڪيف ۾ فرمايل آهي ۔هڪ ته اصحاب ڪيف جو معجزو ۽ ٻيو حضرت موسي اعليه سلام کي هڪ درويش سان ڪجهه وقت گڏ رهڻ جو موقعوعطا ڪيو ويو،جنهن ۾ الله پاڪ پنهجي نبيءَ کي هڪ درويش جي صحبت ۾ رهڻ جوسفر تريل مڇيءَ کي زنده ٿي پاڻيءَ ۾ پوڻ سان شروع ڪيو،جيڪو انساني عقل جي مڃڻ کان وڏو جو ڪم هو،ان کان پوء به جيڪي ڪم ٿيا ان ۾ الله جو نبي هن سان اختلاف ڪندو رهيو ۽ پنهجو سفر جاري نه رکي سگيو، ۽ اصل تفصيل خبر پوڻ تي پشيمان ۽ حيران پڻ ٿيو۔۽ ان جي وڇڙڻ تي روئي ڏنو۔ان مثال کي پروڙڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪجه روح جيڪي عام روحن جي حالت کان ته ڇا پر نبين جي روحن کان به مختلف ۽ محترم رهيا آهن ،۽ انهن روحن کي آءُ پنهجي روح سان تشبيه نه ٿو ڏئي سگهان ته الست بربڪم وقت منهجو روح به گڏ هو،
    اگر جي ڏٺو وڃي ته پهريون روح ۽ صورت آدم کي عطا ٿي،پر جي تفصيلي سوچيو وڃي ۽ پروڙيو وڃي ته الله پاڪ ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آءُ پنهجو نائب بنائڻ ٿو چاهيان۔،(صوره بقره)۔ جڏهن ته پاڻ ڪُن فيڪوُن جو مالڪ آهي،
    سوال:_ ملائڪن کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٺهندو ۽ ڇامان ٺهندو؟ پرهنن جڏهن پڇيو۔
    الله پاڪ فرمايو مٽيءّ مان ۽ پاڻيءّ مان۔
    سوال: صورت ملائڪن ڪيئن ٺاهي جڏهن اهڙو ڪو وجود اڳ۾ ڪونهي؟هنن ڏٺو ب ڪونهي،
    تفصيل قرآن پاڪ صوره بقره: ۽ اسان حڪم ڪيو ملائڪن کي ته ڏسيو هنن شين جا نالا اگر توهان ڄاڻو ٿا؟ملائڪن عرض ڪيو اي اسان جا رب اسين اهو ئي ڄاڻندا آهيون جيڪو تون سيکاريندو آهين۔۽ اسان حڪم ڪيو آدم کي ٻڌاءِ انهن جا نالا ۽ آدم ڳڻي ٻڌايا ۔
    هلو آدم ٺهيو ان کي صورت عطا ٿي روح به مليو ۔
    سوال: ڇا ان روح کي الست بربڪم جو حڪم هيو؟
    ۽ جيڪا صورت ملائڪن ٺاهي جن ڪڏهن آدم ڏٺو ڪون هو انهن کي الله ڪيئن سيکاريو آدم ٺاهڻ۔؟ ڇا انهن کي صورت ڏيکاري ويئي هئي ته هيئن ٺاهيو؟
    اگر ها ته پهرين صورت پوء آدم جي ڪيئن ٿي ؟
    پوء اها صورت ڪنهن جي هئي؟
    ( ڪنهن درويش ته چئي ڏنو :انت بحر دي خبر نه ڪا ئي رنگي رنگ بڻايا،۔۔۔۔۔۔۔۔اسين آدم ڪون اڳي هياسين آدم ساڊا ڄايا۔۔۔۔۔)
    ڇا روح آدم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان به هو؟
    اگر ها؟
    ته ان کي ڪهڙو نالو ڏيڻ گهرجي ۔آدم جو روح يا اسان انسانن جو روح۔هڪڙو روح يا گهڻا روح،
    ڇا ولين ،درويشن ، غوثن ،مجزوبن جا روح به ساڳيا ئي آهن جيڪي عام انسانن جا آهن ؟
    حضرت نوح عليه سلام جي پٽ جو روح ۽ ٻڍڙيءّ جو روح؟؟؟
    ڳاله کي کُٽايون ٿا
    حضرت ابراهيم عليه سلام کي پٽ کي ڪهڻ ّ جو حڪم،۽ ان جي جاءِ تي گهٽي جو ڪسجڻ ڪهڙو منتق ٿو رکي،
    ۽ سڀني نبين کي الستي طاقتون عطا ڪرڻ جي با وجود پنهجي اولاد ۽ گهر وارن سان آزمائڻ جو ڇا منتق آهي؟
    جڏهن ته آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وّ آله وسلم جن کي خالص انساني آدابن آدرشن طورطريقن کانسواءِ اڳين نبين جهڙي ڪا به قوت عطا نه ڪئي ويئي۔۽ انهن کي هر آزمائش مان گذاري ڏيکاريو ويو،جڏهن ته جيترن عالمن جو هو ربّ آهي انهن عالمن جو درشن به عطا ڪيو ويو،هن جي زبان کي الله پنهجي زبان قرار ڏنو،مقامِ محمود عطا ڪيو ويو ۽ اهو درشن ڪرايو ويو جنهن جي خواهش موسي ا ڪليم الله ڪئي ته بيهوش ٿي ويو جبل کي باه لڳي ويئي ۽ ڪجه به پسي نه سگهيو۔
    سائين هي ڪسجڻ ، ۽ ڪربلا سهڻ جي آزمائش ۾ ڪو به نبي پورو ڪو نه لٿو،۽ نه انهن جي آل اهو سڀ قائم رکي سگهيا ،هي اهي واعده هئا هي اهي وچن هئا جيڪي جن ڪيا انهن نباهيا ۔۽ لطيف سرڪار ڪڏهن به انهيء منظر کان پري ڪو نه ويو آهي ۔عمر بادشاه هجي يا مومل راڻو ،سسئي پنهون هجي يا ٻيجل ،سورٺ هر منظر ۾ اهو بيان آهي جيڪو حضرت موسي ا عليه سلام درويش جي صحبت ۾ نه پروڙي سگهيو۔
    اگر ظاهري ڏسندو ته برابر توهان کي لطيف سرڪار انهن دنياوي بادشاهن جي قصن جو مئورخ ڏسڻ ۾ ايندو پر حقيقتن اندر گهڻو ڪجه مخفي رکيل اهي ۔جنهن کي سمجهو ڪي سمجهن۔
    هڪ انگريز عورت شاه صاحب جي هڪ بيت تي ريسرچ ڪئي،جنهن ۾ لطيف سرڪار سپيء کي ڏٺو ته ڪيئن اها سمنڊجي پاتال مان جڏهن مينهن ٿو وسي ته مٿي نڪري ٿي اچي ۽ پنهجو وات کولي ٿي ۽ جڏهن خالص قطرو برسات جو ان جي وات ۾ وڃي ٿو جنهن۾ سمند جي کاري پاڻيء جي ملاوت نه ٿي ٿئي ته اها پنهجو وات بند ڪري ٿي جنهن سان ان جو موت واقع ٿئي ٿو پر ان جي مرڻ کان پوء هن جي جسم مان موتي پيدا ٿئي ٿو،جيڪو بيبها قيمتي بنجي وڃي ٿو،
    ۽ جڏهن انگريزن جديد دور ۾ سائنسي اوزارن سان تحقيق ڪئي ته اهي حيران ٿيا ته100 سيڪڙو ائين ئي ڏٺائون جيئن لطيف سرڪار ڏيکاريو ۔
    سائين اهي اهي منظر آهن جن کي الله پاڪ عام انسان کان مخفي رکيو آهي پر جن کي اها عين جي اک ڏني آهي ته انهن اهو سڀ ڪجه ڏٺو آهي جن کي انسان پنهجي عقل ۾ ن ٿو سمائي سگهي۔
    لطيف سرڪار تاريخدان ته ڪو نه هو جو بادشاهن ۽ رومانوي عشق جي قصن جي تاريخ لکندو رهيو ،هي سفر ،پنڌ ،تڪليفون،پنهجي سر کان وڌيڪ ڪنهن ڏانهن متوجه ٿيڻ ڳهي سڀ مام ۾ رهندڙ شيون آهن ،جن ۾ وڏي لڪ ۽ مشابهت رکيل آهي،
    پوء جاٿي جنهن جي دل مڃي اهو ان کي ان سان متشابها رکڻ جو اختيار رکي ٿو،
    بيشڪ سڀ جو مالڪ الله آهي پر جڏهن ٿوري ڪنهن صدمي سان هي عام انسان همڪنار ٿئي ٿو ته صبر جو سڀ حدون اورانگهي ٿو وڃي،۽ اهو الله اکين اڳيان اوجهل ٿي ٿو وڃي،
    سيئي جوڀن ڏينهن،جڏهن سڄڻ سفر هليا،
    رئان رهن نه سپرين، آيل ! ڪريان ڪيئن ؟
    مونکي چاڙهي چيئن،ويو وڻجارو اوهري،
    ______0000_______
    جڏهن ڪُنُ فيڪوُن، من تڏهانڪو مارئين،
    تون ڪيئن وجهين تن کي سومرا!،شڪون؟
    هميرن هڪون،جاڙ جسي کي پاتيون۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين عتيق الرحمان نهايت عمدو مضمون، تمام سهڻا خيال پيش ٿيل آهن، هن موضوع کي توهان جي هن سٽن ڄڻ ته روح ڦوڪي ڇڏيو آهي۔ اسان کي اميد آهي ته اهڙن سهڻن خيالن تي مشتمل پنهنجا مضمون اسان سان ونڊ ڪندا رهجو ته جئين اسان اوهان جي ڏاهپ مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهون۔ تمام سهڻي ونڊ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا منظور ڪلهوڙو اسلام عليڪم ! پيارا ڀاء شاه سائين جي شاعري تي جيڪڏهن ويچار ڪري لکڻ ويهندسين ته مهينن جا مهينا لکڻ ۾ گذري ويندا، پر پوء به ان جو اسان صحيح حق ادا نه ڪري سگهنداسين،ڇا ڪاڻ ته شاه سائين جي شاعري جي تشريح ڪرڻ لاء اسان وٽ لاتعداد الفاظ جو ذخيرو نه آهي۔ هڪ هڪ بيت جي تشريح لاء گهڻن پنن جي ضرورت پوندي تڏهن وڃي شاه سائين جي بيتين ۾ سمايل اصلي سبق ۽ رمز جي پروڙ پوندي۔ بهرحال اسان ڪجه مختصر طور تي شاه سائين جي سر مارئي جي اصلي روح جي باري ۾ لکڻ جي نما ڻي جسارت ڪيون ٿا۔شل قبول پوئي۔
    ” هن سر ۾ سمايل شاه سائين جي اعلئ آفاقي فڪر جي ڪنجي آهي، جنهن جو خاص طور تي ٽري رخ روشن ڪيل آهي۔
    (1) سڀ کان مٿانهين الله پاڪ ۾ ايمان ۽ توحيد جي تقويت ۽ طاقت سان ٻاهريين جبر ۽ استبداد جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان کان بي نيازٿيڻ:
    اول نام الله جو مڙنئون مٿاهون
    ڪئن ڪري قبوليان عمر کي آئون !

    (2) وطن جي حب ايمان جو جز آهي، پر انسان جي هن دنيوي وطن جي واکاڻ ۽ سرهاڻ وطن وارن جي ڳڻن ڳالهين ۾ آهي۔ وطن جي حب توڙي وطن وارن سان محبت جو مدار به انهن ڳڻن لڇڻن تي آهي:”جو اباڻن اڏيو، ڳڻن سان ڳوپي“سو ماروئڙن جو جهوپِڙو ماڙين کان به مٿاهون آهي! مارئي به پنهنجن ماروئڙن کي سندن ڳڻن ڳالهين جي ڪري ياد ٿئي ڪري ٿي: ” وئا ڳڻن ساڻ، ماروئڙا ٿر اڪري“

    (3) ازلي حقيقت جي لحاظ سان، انسان جو هي دنيوي وطن عارضي آهي:انسان کي آخر پنهنجي ان اصلي وطن ڏانهن ورڻو آهي جيڪو سندس تخليق جو سرچشمو آهي۔اعلئ عرفاني فڪر جي اعتبار سان ۔روحن پنهنجي خالق کي پنهنجو رب ڪري مڃيو ۽ ڏانهس موٽڻ جو وعدو ڪيو۔روح هن دنيا ۾ ذي حيات جي قالين ۾ بند آهن، ۽ دنيا جا سڀ ذي حيات هن ڪائنات جي قالب ۾ بند آهن۔ انسان کي توڙي ڪائنات جي ٻي هر شيء کي آزاد ٿي پنهنجي اصلي خالق ؤ مالڪ سان ملڻو آهي۔ ” ڪل شيء يرجع الي آصله“ :
    هيء هنڌ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري،
    ” ڪل شيء يرجع الي اصله“، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ
    ڀري پنهنجي ڀاڻ ۔ پسان ملڪ ملير جو۔

    هن سر ۾ شاه صاحب ماروئن جي پاڪيزه اخلاق ۽ اطوار کي الله وارن سالڪن عارفن جي ڪردار جي تمثيل سان روشن ڪيو آهي۔ ماروئن کي بدوين سان تشبيه ڏنل آهي جنهن مان ”اصحابن“ جو تخيل اڀري ٿو۔ ماروئن جي اطوار ۽ اخلاق کي قران شريف جي سورتن ۾ سمايل رشد ۽ هدايت ۽ اعلئ عرفان جي حوالي سان نهايت مانائتو ۽ مثالي ڪيو ويو آهي۔ قران شريف جي ”سورتن“ جا نالا تلميح طور آندل آهن،جن جي تخيل ۾ سالڪن ۽ عارفن جي منزلن ۽ مرادن جا معنوي جلوا ۽ پرتوا سمايل آهن۔ اهي بيت نه صرف قران شريف سان شاه صاحب جي دلي دور۽ نزديڪي تي شاهد آهن پر سورتن ۾ سمايل ارشاد ۽ عرفان۔ معني ۽ مقام مطابق ،سالڪن جي اطوار ۽ اوصاف، عبادت ۽ اعلي مرتبت جا عارفانه اهڃاڻ آهن۔
    ” زمر“ ”زخرف“ سومرا ، حمد جني جو هنڌ
    ” اهدنا الصراط المستقيم “، ايء پهنوارن پنڌ
    باري لاهي بند، ته ملان ماروئڙن کي۔

    ”زمر“ ”زخرف“ سومرا۔ مارو مون مهندار
    ” اولائڪ اصحاب الجنته“۔ماڳ سندن موچار
    ” وسقاهم ربهم شرابا طهورا“پين پوڄ پهنوار
    ويروتا وجود ۾ ۔ پرين جي پچار
    سٻاجها ستار ۔ مونکي مارن ميڙيين۔


    ” توبه “ جني تن ۾ ، سي ”نمل“ نهارين
    ”قل يا“ ”قدسمع“ ،”جاثيته“،دل ”دخان“ ڌرين
    ”تبار“ ”تبت“، ”اذاجاء “، اذا زل“ سين اورين
    جيڪين پهنواريون پهرين، سو ميسر سڀ ملير ۾ ۔

    (ادا اسان جي ڪي بورڊ ۾ زير زبر ۽ پيش وارا بٽڻ ڪون آهن ، انڪري شاه صاحب جي مٿين بيتين کي زير زبر ۽ پيش نه لڳائي سگهيا آهيون ،ان جي معافي ڏيندا،)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين منظور ڪلهوڙو صاحب ڪٿي تير هنيون اٿوَ ؟؟
    ۽ عتيق الرحمٰن صاحب جي وضاحت شروعاتي تمهيد ۽ آخري ڏاڪي کي سميٽي ڇڏيو اٿائين ۔
    مانواري عتيق الرحمٰن صاحب لاءِ ، جڏهن ايڏي ڳوڙهي انداز سان وضاحت ڪيو ٿا (جا ٿيڻ به کپي ) پر اوسي پاسي کي به نگاهـ ۾ رکجو ، ڇو ته جيت جنتر به گهڻا آهن
     
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    لکين قرب سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جا جو انهن پنهنجي ڳوڙهي مشاهدن مان اسان بي سمجهن لا لطيف جي روحاني رمزن بابت ايڏي معلومات ميسر ڪئي، نه ته هوند اسان ته اڳيئي لطيف بابت اٻوجهه ئي رهيا آهيون۔ مون ته اهو تير اڇليو آهي اهو تير وري اهڙي نشاني تي لڳو جو هن مضمون سان ايترا ڏاها ماڻهو سلهاڙجي ويا جو انهن سڄڻن جي ڏاهپ جي ڏنگن سان سنواريل جوابن جا تير منهنجي هنيا ۾ کُپي ويا ته ڄڻ من کي قرار ملي ويو۔ قرب سڀني سڄڻن ساٿين جا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهڻي لطيف سرڪار جي ڪلام تي ڳالهائيندي ڪئي سالڪ گذر ڪري ويا ته ڪئي اڃان تحقيق جي پنڌ جا پانڌيئڙا پنڌ ۾ آهن ۔۔۔ جيترو ڳالهائجي اوترو گهٽ ۔۔۔ مون پاران ڪجهه سال اڳ هڪ ڪوشش ڪئي وئي هئي لطيف سرڪار جي ڪلام ۾ قرآني فڪر جي بيان جي سلسلي ۾، اوهان دوستن جي نظر مان ضرور گذريو هوندو ۽ جن دوستن جي نظر مان هي ليک نه گذريو هجي سي ضرور پڙهن ۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا۔

    لنڪ حاضر آهي

    http://www.sindhsalamat.com/threads/%D8%B4%D8%A7%D9%87-%D8%AC%D9%8A-%DA%AA%D9%84%D8%A7%D9%85-%DB%BE-%D9%82%D8%B1%D8%A2%D9%86%D9%8A-%D9%87%D8%AF%D8%A7%D9%8A%D8%AA%D9%88%D9%86.2271/page-3#post-91433
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين گستاخي معاف هڪ ننڍڙو عرض ته لطيف سرڪار کي سمجهڻ لاء عقل جي ضرورت ڪو نه پوندي آهي، ڇو جو عقل جو اتي ڪم ئي ڪونهي۔
    لطيف سرڪار کي ڏسڻ ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاء عشق جو اچڻ ضروري آهي۔شايد توهان ڪٿي ٻڌو هجي ۔اچو عشق واريون ڪريون سور پچار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪنين گهڻا ڪنين ٿورڙا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سائين عرض ته دنيا حقيقت لڪائي ،!!!ڇو ۽ ڇا جي ڪري ۔؟ اگر پنهجو احتساب ڪريون ته اسان ڪا به ڳاله ڇو ۽ ڇاجي ڪري لڪائيندا آهيون؟ڪهڙو خوف هوندو آهي جو ايئن ڪندا آهيون ؟
    جيڪو به خوف هجي پر يقينن خدا جو خوف ڪو نه هوندو آهي۔
    مطلب چوڻ جو ته دنيا جي لزتن ، آسائشن ، خواهشن ۽ حسرتن ۾ جيئڻ جي تمنا، ”عقل “جو سهارو وٺندي آهي۔جنهن ۾ رهي ڪري اهي سڀ ضفتون هڪ ئي وقت موجود رکي پنهجي ربّ کي ڳولڻ ناممڪن بنجي ويندو آهي،
    ۽ انهن سڀن جو شارٽ ڪٽ عشق هوندو آهي جيڪو پرواني کي باه ۾ گهڙڻ تي بي اختيار بنائيندو آهي۔
    ۽ پروانو بي صبرو بنا دير جي ڄُر ۾ وڃي پوندو آهي۔
    عقل وارن کي الله پاڪ ڏاڍو سمجهايو پر، دليلن تي دليل هجڻ جي با وجود، ڪو نه سمجهي سگهيا،
    ڪن سزائون قبوليون ڪي سزائن ۾ اچي ويا،
    هلون ٿا ان دور ۾ جڏهن
    سيدنا حضرت ابراهيم عليه سلام کي، بتن کي ڀنڃڻ جي سزا، باه ۾ ساڙڻ جي ٻڌائي وئي ۽ الائي ڪيترو وقت وڏي ميدان ۾ ڪاٺيون گڏ ڪندا رهيا،جڏهن باه ٻري ۽ درويش کي وجهڻ جو وقت آيو ته پريشان ٿيا ته هاڻي وجهون ڪيئن ،ڄرون ته پري کان ئي ٿيون ساڙين۔عقل انهن کي گليل وانگر ڪا شئي ٺهرائي جنهن ۾ حضرت ابراهيم عليه سلام کي باه ۾ پري کان اڇلايو ويو۔
    ٿورو سوچو۔۔۔۔
    ايڏي باه !!!! هڪ انسان ۔۔۔۔۔جيستائين اڇلجي پيو هوندو اها آزمائش ڇا هوندي ؟!!!!!!اهيو ايمان ڇا هوندو؟!!!!عقل ڪم ڪري ٿو ته ان باه ما ڪو بچندو به !ان جو فڪر ان جا خيال ان جون سوچون ڇا هونديون۔
    پر الله پاڪ عقل کي تالا هڻي عشق کي مٿي ڪيو ۽ ظاهر ڪيو ۽ باه کي باغ بڻائي ڇڏيو۔
    اهيو ئي سيدنا حضرت ابراهيم عليه سلام ،عمر رسيده ٿيڻ لڳا آهن اولاد ڪونهي،پنهجي گهرواري سان بي انتها محبت ۾ مبتلا آهن۔پر اولاد نه هجڻ جو غم ، جنهن کي نظر ۾ رکندي بيبي سائنڻ کين پنهجي خدامه سان نڪاح ڪرڻ لاء مجبور ڪري ٿي ،ٿوري ئي وقت ۾ اولاد جي خوش خبري ملي ٿي،پر اهيا خوشي ٿوري ئي وقت ۾ تناوءَ جو سبب بڻجي ٿي ۽ محبت ۾ حسد پيدا ٿيڻ لڳي ٿوايتري قدر جو بيبي صاحبه جي خواهش تي پنهجي اڳ جي ڪنيز ۽ پوء سيدنا ابراهيم عليه سلام جي گهر واري ان جي معصوم پٽ کي پاڻ کان پري ڪرڻ جي فرمائش ڪري ٿي ، جنهن جي رضا تي کين هڪ وادي ۾ اڪيلو ڇڏي ٿا اچن بغير ڪنهن مرد زات جي سو به رضا سان، نه ڪي جبر سان ،جتي پاڻي به ناهي اڪيلو معصوم اڪيلي عورت رڻ پٽ بيابان ۽ الله جي نبيء جو انهن کي ڇڏي وڃڻ
    ڪجه سمجه ۾ اچي ٿو !!!!!؟؟؟؟؟؟ڪا ڳاله ياد اچيو ٿي۔۔۔ٿورو هن منظر کي سچي دل سان پسڻ جي ڪوشش ڪجو،
    اها تڪليف ٿوري دير لاء هئي ان کان پوء خدا تعالي ا ان معصوم جي پيرن جي رڳڻڻ سان پٿرن مان پاڻي ڪڍيو،جيڪا خالص خدا جو انعام ڪل دنيا لاء ۽ ان پاڻي جي تلاش ۾ دوڙڻ کي عمري ۽ حج لاء لازمي ڪري ڇڏيو جيئن هر مسلمان کي ياد رهي ته ڇا ڪري رهيا آهيو،
    ياد ڪجو اهيا پاڻيء جي تڪليف جيڪو بعد ۾ رڪن بنجي ويو اسلام جو۔
    هلو اڳتي
    ڪجه وقت کان پوء الله پاڪ سيدنا ابراهيم عليه سلام کي پهرين گهرواري مان اولاد عطا ڪيو،جنهن جو احساس بيبي سائنڻ کي ٿيو ته اولاد ڇا ٿيندو آهي ،تنهن اجازت ڏني ته هلو بيبي صاحبه ڏي هلون۽ اسماعيل سان ملي اچون۔ اتي پهچڻ کان پوء ڪجه ڏينهن ئي مس گذريا ته بار بار خواب اچڻ لڳو ته اسماعيل کي ُڪههُ
    عجيب ڪشمڪش ۾ اسماعيل عليه سلام جي امڙ،
    جڏهن ڄاوا ته ڪڍي ڇڏيئين،۽ بيابان ۔رڻ ۾ ڇڏي آيو۔ هاڻي مس اڃا جوان ٿيڻ لڳو آهي ته ڪهڻ ٿو گهري !!! ۔خدا چيو هن کي ته ڪهه !!!!
    فڪر ڪيو هي لمحو به حڪمت کان خالي ڪونهي،
    ڇا ٿيو هوندو ان ماء جو،جيڪا نبيء جي زوجه نبيء جي هٿئون بار بار پاڻ کي ۽ پنهجي معصوم پٽ کي امتحان ۾ ڏسي رهي آهي۔ پنهجي معصوم پٽ لاء ڪيئن نه تڙپي هوندي ۔ ڪيئن نه ربّ کي ٻاڏايو هوندئين۔
    ۽ ربّ وري به ان جي ٻڌي ۽ هڪ دفعو وري اسماعيل عليه سلام جي امڙ کي اسماعيل سلامت مليو ،
    ۽ اها ادا پڻ رڪن ٿي ويئي جنهنسان مسلمان حج ڪندا آهن ۔۽ عيد ملهائيندا آهن۔
    منهجو نڪتو فڪر جو هي آهي ته
    ” زمر“ ”زخرف“ سومرا ، حمد جني جو هنڌ
    ” اهدنا الصراط المستقيم “، ايء پهنوارن پنڌ
    باري لاهي بند، ته ملان ماروئڙن کي۔
    ڇا لطيف سرڪار هي سٽون ڪربلا جي ميدان ۾ مولا حسين پاڪ جون چيل ڳالهيون نه لکيون آهن،

    اهو پاڻي جيڪو هڪ معصوم جي اڃ اجهائڻ لاء هڪ ماء کي هن جبل کان هُن جبل تائين ڊوڙائي ٿي۔۽ الله پاڪ ان پريشاني جو خاتمو زم زم سان ڪري ٿو ۽ ان تڪليف ۽ ان عطا کي تمام دنيا لاء نشاني بڻائي ٿو ته ان تڪليف جو ڇا سلو هوندو جيڪا ٿڃ پياڪ کي اڃ جي بدلي تير جي صورت ۾ پانهجي ماء پيء جي هٿن ۾ ڏني وڃي جنه جو گناه فقط ايترو ته اهي صراط مستقيم ڏانهن سڏڻ وارا هئا،
    هو به نبيء جو اولاد هو ،هي به نبيء جو اولاد۔
    هُنن کي پنهجي پيء تڪليف ۾ وڌو،
    هي خالص پنهجي ربّ جي وحدانيت جي پچار ۾ پيا سهن،
    غير الله جي قوت کان انڪاري هجڻ جي تڪليف پيا سهن،
    اهي ڊوڙون ڀري مسلمان خوش ٿيندا آهن ته اسان فرض ادا ڪيو
    عمرو ڪيو ۽ حج ادا ڪيو
    اسماعيل جي امڙ کي ته اسماعيل عليه سلام ۔الله پاڪ موٽائي ڏنو، ان جي بدلي گهّٽو اچي ويو جنهن کي قربان ڪندي فرض سمجهندا آهيون ۽ ڪهي عيد ملهائيندا آهيون،
    جنهن نبيء جي اولاد کي ڪهي سر نيزن تي کنيا ويا ان نبيء کي سرن جي بدلي ۾ ڇا ڏيندا آهيو۔
    هتي گهٽي جي بدلو گهٽو ڏئي سرخرو ٿيو ٿا
    هتي سر جي بدلي سِرُ ڇو نه،!!!!
    سائين غور ڪيو اهڙيون ڳالهيون لطيف سرڪار چٽيون چيون آهن۔
    سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان ،ڌڙ ڍونڍيان سِرُ ناه
    هٿ،ڪرايون ،آڱريون ويا ڪپجي ڪانه
    وحدت جي وهانو جي ويا سي وڍيا۔
    توهان ٻڌايو لطيف سرڪار ڀلا ڪنهن کي ڪسجندي ڏٺو هو،
    ”زمر“ ”زخرف“ سومرا۔ مارو مون مهندار
    ” اولائڪ اصحاب الجنته“۔ماڳ سندن موچار
    ” وسقاهم ربهم شرابا طهورا“پين پوڄ پهنوار
    ويروتا وجود ۾ ۔ پرين جي پچار
    سٻاجها ستار ۔ مونکي مارن ميڙيين۔
    اهي اڃ جا احساس سوا ڪربلا جي ٻيا ڪا ٿي ٻڌا اٿو
    مٿين صورتن کي به پڙهي ڏسو انهن ۾ به کوڙ نشانيون موجود آهن۔
    جنهن تحت هنن پاڻي جي طلب تي به پاڻ کي الله جي آٿتن جو دليل ڏنو ۽ صبر ڪيو هنن جي اڳيان هٿ ڪو نه جهليائون۔
    ۽ پنهجي اصل واڳ ڏانهن ورڻ کي ياد رکيئون۔
    ” توبه “ جني تن ۾ ، سي ”نمل“ نهارين
    ”قل يا“ ”قدسمع“ ،”جاثيته“،دل ”دخان“ ڌرين
    ”تبار“ ”تبت“، ”اذاجاء “، اذا زل“ سين اورين
    جيڪين پهنواريون پهرين، سو ميسر سڀ ملير ۾ ۔
    هي سڀ ڪم ڪربلا ۾ ٿيا۽ قرآن ۾ پڻ واضع لکيل آهي اهي غور طلب آهن ۔
    سائين غلام مصطفي ا اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان هن رنگ کي واضع طريقي سان چٽيو،
    ۽ لطيف سرڪار جي روحاني رمز کي فقيرن جي نظر ڪيو،الله پاڪ اجر ڏيندو اوهان کي ،اميد ته اڳتي به مستفيد ڪندا هلندو،
    دعائن ۾ ياد ،سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين عتيق الرحمان صاحب تمام وڏا قرب توهان جو هي عاشقاڻو انداز لطيف جي لافاني شاعري جي رمزن کي سمجهڻ ۾ مددگار رهندو، توهان جون ڳالهيون بار بار پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته لطيف سائين جي مٺڙي ٻولي منجهه عشق جون اهي پروليون جيڪي عاشق ئي پروڙي سگهن ٿا ۽ انهن رمز ڀريل پرولين کي اسان جهڙن عقل کان عارين لا موتي موتي داڻو الڳ الڳ ڪري پيش ڪيو ٿا۔ اهي توهان جا احسان، اهي قرب جاري رکجو اسان کي اوهان جهڙن ڏاهن جي صحبت مان فيضياب ٿيڻو آهي۔ اسان کي عقل جي ان گس تان اُڪاري عشق جي اڙانگي سفر تي ڪاهي هلجو ته جئين اسين به ان عشق جي عميق مان ڪجهه موتي ڳولي لهون۔۔۔ سدائين گڏ
     
  16. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اسان لطيف جي لام کان به اڻڄاڻ آهيون ۔ هڪ نجي محفل ۾، هن موضوع جي مطلق مانواري سائين ذيشان رشيد صاحب ذڪر ڪيو هو ۔ پر ان وقت اسان هن دنيا جي مشين کان پري هيا سين پر اڄ ويچار پڙهي دلي خوشي ٿي ۔ انشاءِ الله ان موضوع تي اسان جيڪو سالڪن و عارفن کا احوال ٻُڌو آهي سو اوهان سڄڻن جي غوش گذار ڪندا سين ۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    منهنجي مداين جي، ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪونه ٿيا، ڏوراپا ڏيئي،
    ساجن سڀيئي ڍڪج ڍول ڍلايون۔
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين ابڙا صاحب اصل تشريح جيڪا توهان ڪئي آهي اها ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔باقي ته ڪجهه دوست خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪيڏانهن ٿا وڃن۔۔۔۔۔۔ ڪٿي منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار۔
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڀاء هن ڊزائين لاء مون کي ڪجهه گائيڊ ڪندا ته اوهان جون مهربانيون ٿينديون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو