رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ياد ناهي، ڪٿي مون وڃايون اکيون،
آرسي ۾ ته آهن پرايون اکيون۔
هي ســتارا ٿا ٽمڪن ، يا آڪــاش تي،
عاشقن ۽ شهيدن وڇايون اکيون۔
ٿو رُتن ؤ رنگن جون ڪهاڻيون پڙها،
منهنجي احساس ۾ ڇا ته ڄايون اکيون۔
هاڻ ڪنهنجي مٿس اک ٻڏي ڪانه ٿي،
شهر ۾ جنهن سدا پئي ورهايون اکيون۔
هڪڙو جذبن رڳن ۾ رهيو ئي رهيو،
هڪڙي ڳولا جڳن کان جلايون اکيون۔
هي ڪرامت آ رياست جي قانون جي،
ڪِن وڍايون ڄڀون، ڪِن ڪڍايون اکيون۔
ٽيڪ جاني تصور جي ديويءَ ڏني،
۽ حقيقت جي ڏائڻ ڏکايون اکيون ۔
جعفر جاني