بنگلاديش ايشيا ڪپ جو بدلو نه وٺي سگهي .... پاڪستان سپر 8 ۾...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 سيپٽمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل نه هجڻ ڪري ۽ بنگلاديش جي ويجهڙ ۾ سندس پرميئر ليگ پريڪٽس ڪري ٻروچ سميت ڪافي ڪرڪيٽ جا شوقين سمجهي رهيا هئا ته بنگلاديش ڪو اپسيٽ ڪري سگهي ٿي۔۔۔ ۽ اها ڳالهه ان وقت سچي ٿي لڳڻ لڳي جڏهن پاڪستان جهڙي بهترين بالنگ اٽيڪ کي سمجهيو ويندڙن خلاف بيٽنگ جو شاندار مظاهرو ڪندي بنگلاديش 175 رنسون جوڙي ورتيون۔۔۔
    پر ٿيو هن دفعي به اهو جيڪو ايشيا ڪپ ۾ ٿيو هو ۔۔۔ بنگالين جون اکيون هن دفعي به ڳوڙها ڳاڙينديون رهيون ۽ پاڪستانين گذريل ميچ کان به بهتر پرفارمنس ڏيکاريندي ٽارگيٽ آساني سان چيز ڪري ورتو۔۔۔ ميچ ۾ عامر نذير جي ڊراپ ٿيل ڪيچ بنگالين کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا ۔۔ ڇو ته اڪيلو عمران ئي 36 بالن ۾ 72 رنسون ٺاهي ويو۔۔۔ رهي سهي ڪثر ناصر جمشيد پوري ڪئي جنهن 14 بالن تي تيز 29 رنسون ٺاهيون۔۔ ۽ ائين پاڪستان مقابلو 8 وڪيٽن تان کٽي سپر 8 ۾ پهچي ويو۔۔۔

    [​IMG]
    ڪرڪيٽ جي شوقين لاءِ حاضر آهن ميچ جون جهلڪيون ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بس يار رشيد۔۔ ڏاڍي مايوسي ٿي ۽ صدمو رسيو۔۔ ڏک بنگالين جي هارڻ تي ڪو نه ٿي پر پنجابين جي کٽڻ تي ٿي۔۔ پر پوء به
    آسرو م لاهج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو۔۔۔
    اردو ۾ چوڻي آهي ته رضيه غنڊون ۾ ڦنس گئي۔۔۔ پنجابين جي ذلت لاء راهه هموار پئي لڳي۔۔ بنگالي ويچارن کي هارائڻ ته سولو هيو۔۔ پر هاڻي پنجابين کي خبر پوندي ته گهڻي ويهين سئو آهي۔۔ ڏسون ٿا قادر جي قدرت۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڪستان جي بنگلاديش سان ميچ لا جواب هئي، پاڪستاني فيلڊر جڏهن بنگلاديشي کلاڙين جون ڪيچز ڊراپ ڪن پيا ته ائين لڳي پيو ڄڻ ڄاڻي واڻي ميچ هارائڻي اٿن۔
    پر پو عمران نذير ۽ عبد الحفيظ جي بيٽنگ ڪمال ڪري ڇڏيو۔
    پر وري جڏهن عمران ۽ حفيظ ٻئي هڪ ٻئي پويان آئوٽ ٿيا ته مون سمجهيو هاڻ اسڪور سلو ٿي ويندو، پر ماشا الله ناصر جمشيد جهڙي تجربيڪار کلاڙي بهترين ذميواراڻو مظاهرو ڪيو، ۽ پوري ميچ انجوائي ڪئي سون، واقعي اهڙي ميچ کي ئي ڪرڪيٽ چئبو آهي۔۔۔
    ان شا الله ڪپ به پاڪستان جو آهي۔۔۔​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڙي يار ٻروچ ۔۔۔ هڪ ڳالهه اٿئي ته پاڪستاني رانديگر وڏا لاهه اٿئي۔۔۔

    جنهن ڏينهن هنن جو ڏينهن هوندو آهي ته وڏين وڏين ٽيمن کي به ڀور ڪري رکندا آهن ۽ وري ڪڏهن اسڪاٽلينڊ ۽ بنگلاديش کان به آساني سان هارائي ويندا آهن۔ پر ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سندن ڪارڪردگي هميشه بهتر رهي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو