• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي موج مستي

هميشه تنهنجي مستيون رهيون، هميشه تنهنجي مانڊاڻ آ
اونڌاهيون پو ڪيئن اينديون، هر طرف تنهنجي چانڊاڻ آ

سگهي ٿو ڪير توکي ڇڏي سکي تون ته جند ۽ جان آن
ڪائنات ساري ڪسجي وئي تو لئه، تون محبتن مانڌان آ

اهواوج تنهنجو اسان سا ن آهي، نظر جو ڦيري ڏسين ڪڏهن تون
شان شوڪت ڏنوسون توکي، تڏهن ته تو خوابن جي کاڻ آن....

حوالي تنهنجي حياتيون پنهنجون، ڪري ڇڏيوسين مگر نه ڄاڻي
اسان جي جيون تانڃي پٽي پڪاري پيٺي ته پاڻ آن.............

سڀاءُ ساري جهان جو هي، تنهنجي دم سان پيو ٿو جهومي....
جٿي وڃي پوءِ هيءُ آدم، ساه پساه ۾ ساڻ آن.................
 
Back
Top