رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
رات ستارن سان جاڳياسي،
پنهنجي پيارن سان جاڳياسي۔
ڪو ته ڇُهي ويو آ نظرن سان،
ايئن نظارن سان جاڳياسي۔
آهون دانهون جيوَنَ جو هون،
فوتيءَ وارن سان جاڳياسي۔
ننڊ ـــ نشي جي پئي خوب خبر،
جاڳ ـــ پڪارن سان جاڳياسي۔
رنگ هيا فطرت جا پَسڻا،
گلَ ۽ خارن سان جاڳياسي۔
هيکل ئي رَهي رياضت جي دل!
توڻي يارن سان جاڳياسي۔
رياضت ٻرڙو