• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سپر8 مقابلن جو شايانِ شان آغاز... سري لنڪا ٽيم جي ڊرامائي ڪاميابي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ورلڊ ٽي20 جنهن کي هن مهل تائين ”رکو ٽورنامينٽ“ سمجهيو ٿي ويو ۔۔ سپر 8 ۾ پهچندي ئي جهڙوڪ گذريل 12 ميچن جو ڪفارو ادا ٿي ويو۔۔ ايترو سنسني خيز مقابلو هيل تائين ڪنهن به ورلڊ ڪپ ۾ نه ٿيو هوندو۔۔ جي ها مان ڳالهه پيو ڪريان سري لنڪا ۽ نيوزيلينڊ طرفان سپر 8 جي پهرين مقابلي جي۔۔۔ جنهن ۾ هيٺ مٿي ٿيندي ٿيندي ڪرڪيٽ شوقينن جي تجسس سان کيڏندي نيٺ مقابلو وڃي برابري تي ختم ٿيو۔۔ نيوزيلينڊ جي اسڪور 174 جي جواب ۾ جڏهن آخري بال تي ڊڪ ڀريندي سري لنڪا جو ٿريماني رانديگر ڪريز کان انچ کن پهريان قسمت جي ستم سان آئوٽ ٿي ويو ته ان وقت خبر پئي ته سري لنڪا به ساڳيو اسڪور 174 مس ٺاهي سگهي۔۔۔ ۽ اهڙي طرح ڪرڪيٽ جي شوقينن کي 10 ڏينهن جي ٽيسٽ واري راند ڪرڪيٽ جي انتها يعني صرف هڪ هڪ اوور جو مقابلو به ڏسڻو پيو ۔۔۔۔ جنهن کي سپر اوور جو نالو ڏنو پيو وڃي۔۔۔
سپر اوور ۾ نيوزيلينڊ جي سائوٿي جيتوڻيڪ ڪو چوڪو يا ڇڪو ته نه کاڌو پر ان جي ٻن وائيڊ بالن اسڪور کي 13 تائين پهچائي ڇڏيو موٽ ۾ نيوزيلينڊ جا رانديگر سري لنڪا جي لاسنگ ملنگا پنهنجي شاندار بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ اهڙي اوور جي پنجين بال تي بانڊري کان انچن جي فاصلي کان اعصابن تي قابو پائيندي دلشان ڪيچ ڪري نيوزيلينڊ کان فتح کسي ورتي۔۔۔ جنهن کان پوء آخري بال روايتي رهيو ۽ نيوزيلينڊ سپر اوور ۾ رڳو 7 رنسون ٺاهي سگهي۔۔۔ اهڙي طرح 6 رنسن جي جيت سري لنڪا جي جهولي ۾ آئي۔۔۔

malinga.jpg
ڪرڪيٽ جي سوقينن لاءِ حاضر آهن ميچ جون جهلڪيون​
هي رهيو سپر اوور​
 
تمام دلچسپ مقابلو ٿيو پر ملنگا اهو ثابت ڪيو ته هو ٽي 20 فارميٽ جو بهترين بالر ٺآهي۔

هڪ عجيب ڳالهه ته سپر اوور ۾ ڪابه ٽيم ڪا بائونڊري هڻي ڪونه سگهي ۔۔۔۔
 
Back
Top