• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسٽريليا جو انڊيا کي ڪٽڪو..... 9 وڪيٽن تان فتح..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دنيا جي بهترين بيٽنگ جي حامل انڊيا جا اڄ ترا نڪري ويا جڏهن آسٽريليا کين پهريان 140 تي آئوٽ ڪري ۽ وري گهربل ٽارگيٽ 9 وڪيٽن تان حاصل ڪري ورتو۔۔۔ ۽ سندن واحد وڪيٽ به تڏهن ڪري جڏهن کٽڻ لاءِ کين رڳو 4 رنسن جي ضرورت هئي۔۔۔
ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ انڊيا جي ڪپتان ڌوني کي کُٽيءَ کنيو آهي جو گذريل ميچ کان وٺي هو سهواڳ سان ڪاوڙيل آهي ۽ کيس راند نه ٿو کيڏڻ ڏئي۔۔۔ ان ڪري اوپنرس جو بهترين ڪامبينيشن ٽٽل آهي۔۔۔ خير ڪجهه به هجي پر جي سندن اهڙي ڪارڪردگي آچر تي به رهي ته انڊيا کي ٻاهر ڪڍڻ جو سبب پاڪستان بڻبو۔۔۔
بظاهر انڊيا طرفان 141 جو ٽارگيٽ ايترو سولو به نه پر آسٽريليا جي واٽسن رڳو 42 بالن ۾ 72 اسڪور جوڙي ورتو جنهن ۾ 7 ڇڪن جو ڪٽڪو به شامل هيو۔۔۔ ائين آسٽريليا ايترو آساني سان ميچ ڇڪن جي بارش سان کٽي جهڙوڪ هو ڪرڪيٽ ۾ نئين آيل ٽيم افغانستان سان راند ڪندا هجن۔۔۔

واٽسن پنهنجي بهترين آل رائونڊ ڪارڪردگي ڪري لڳاتار ٽيون ڀيرو به مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو۔۔​
3876.jpg
مقابلي جون جهلڪيون۔۔​
 
انڊيا جا ته اڄ ڌاڻا نڪري ويا ۔۔۔۔ آسٽريلوي اوپنرس جي ڇڪن ۽ چونڪن جي بارش سبب انڊيا جي رانديگرن کي رات ڀوائتا خواب ضرور آيا هوندا هوندا ۔۔۔۔

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي حوالي سان هڪ دلچسپ حقيقت ٻڌائيندو هلان ته گذريل ٻن ورلڊ ڪپ ۾ سپر 8 جي مرحلي ۾ ڀارت مسلسل 7 ميچن ۾ شڪست کائي چڪو آهي،
 
Back
Top