• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي پنهنجي موبائيل کي ڪمپيوٽر سان ڪنٽرول ڪريو....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ها ادا آهي نه حيران ڪن خبر .... پر اهو سڀ ڪم آسان ڪيو آهي موبائيل ايڊٽ نالي هن سافٽويئر....

555se8.jpg

هن سافٽويئر کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪريو ۽ جڏهن پنهنجي موبائيل ڪنهن ڪيبل يا بلوٽوٿ ذريعي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪندو ته توهان کي هي سافٽويئر سهولت ڏيندو ته توهان موبائيل جي فهرست ، رابطي جا نمبر يا ڪنهن به شي کي مڪمل ٽيڪسٽ ذريعي ڳولي سگهو گڏ پنهنجي ڪمپيوٽر تان نه صرف ميسيج ڪري سگهجي ٿو پر ڪنهن به نمبر تي ڪال پڻ ڪري سگهجي ٿي...
هاڻي چاهيو ته موبائيل جو بيڪ اپ وٺي رکو يا ڪاپي ڪري ڪنهن ٻي موبائيل ۾ ڊيٽا منتقل ڪريو.... ۽ اهو سڀ ڪجهه توهان پنهنجي موبائيل کي ٽچ ڪرڻ کان سواء ڪري سگهو ٿا... جيڪڏهن ڪمپيوٽر سان منسلڪ هجڻ دوران توهان جي موبائيل تي ڪو ميسيج ايندو ته توهان ان کي پنهنجي ڪمپيوٽر ذريعي ائين پڙهي سگهو ٿا جهڙوڪ اي ميل پڙهندا هجو.... ۽ پوءِ چاهيو ته جواب موڪليو يا وري هڪ بٽڻ کي دٻائيڻ سان ڊيليٽ ڪري وٺو....
آهي نه مزيدار سافٽويئر ته پوءِ هڪ عدد وڌيڪ اسڪرين شاٽ ڏسو ۽ جهٽ پٽ ڊائونلوڊ ڪري وٺو....


18564-MOBILedit_.gif

هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائون لوڊ ڪريو
 
لاجواب شيرنگ سمون صاحب

اصل ڊائون لوڊ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيئي۔

جئي سنڌ

HaqMojood
asul matt
shabash
shal judy hujeen
sindhsalamatsaathsal
توهان جي اهڙي شيرنگ جو انتظار رهندو۔
 
ادا رشيد سمون صاحب

تمام بهترين سوفٽوئير ڏسيو اٿو۔۔۔۔ جيڪي خوبيون اوهان هن سوفٽوئير جو ٻڌايون آهن انهن مان هڪڙي اها هئي ته منهنجي آفيس ۾ ڪجهه دوست موبائيل کڻي ايندا هئا ته هن جو موبائيل جو ڊيٽا هن موبائيل ۾ ٽرانسفر ڪري ڏيو مان ته انهن کي انهن جا ميموري ڪارڊ ڪڍي ڪري ڪارڊ ريڊير ۾ لڳائي ڪمپيوٽر تي لڳائي جلدي ۾ ڪري وٺندو هئس پر ادا انهن جا ڪانٽيڪٽس نمبر مونکان ڪمپيوٽر جي ذريعي ٽرانسفر نه ٿيندا هئا ۔۔۔ پر هاڻي اوهان جي ڏنل سوفٽوئير کي هاڻي جو هاڻي ئي ٿا ڊائون لوڊ ڪيون۔۔۔

مهرباني مٺڙا
 
ادا مان سمجهان ٿو ته هر موبائل ڪمپني جي موبائل پي سي سوٽ ۾ اهي خاصيتون هونديون آهن
 
جواب: هاڻي پنهنجي موبائيل کي ڪمپيوٽر سان ڪنٽرول ڪريو....

تمام سٺي ونڊ توهان جي ادا مهرباني
 
Back
Top