• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رخسانه پريت لڳي جو دل حدون ڪهڙيون، سکي پوءِ سرحدون ڪهڙيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
محترمه رخسانه پريت چنڙ سنڌي شاعريء جي موجوده ٽهيء جي تمام پختي ۽ مڃيل شاعره آهي. سندس شاعريء مان سهڻي غزل جي چونڊ اسان جي پياري دوست ۽ خوبصورت شاعر ملهار چانڊيو جي ڊزائن سان گڏ پيش آهي.

غزل
رخسانه پريت

لڳي جو دل حدون ڪهڙيون
سکي پوءِ سرحدون ڪهڙيون

هئي بس پيار جي رم جهم
الائي جي هيون مندون ڪهڙيون

صدا مسجود جي من ۾
پڇائن مسجدون ڪهڙيون

ٽٽل هيون جٿائون ڪٿائون
ڳنڊيون ڪٿان تندون ڪهڙيون؟

اجل جيان گهاريون پل پل
اجل جون آمدون ڪهڙيون!
igNZSxwfbz9Dd.jpg
 
هئي بس پيار جي رم جهم
الائي جي هيون مندون ڪهڙيون
پيار جي ته ڪا به موسم ڪان هوندي آهي
واه بهترين چونڊ

مند ته عرس جي اچڻ جي به ڪانه هوندي هئي .... پر سچل ڳوٺ جلدي ڀيرو هڻندو هو. هاڻي الائي ڇا ٿي ويو اٿس
 
Back
Top