اها صبح تمام گهڻي مصروف هئي۔۔ ساڍي اٺين وڳين هڪ پوڙهو شخص آيو جيڪو 80 سال جو هوندو ۔۔ هن کي پنهنجي آڱوٺي جا ٽانڪا ڪڍرائڻا هيا۔۔ هن 9 بجي جو ٽائيم مليل هو پر هُو جلدي ۾ هو۔۔ ڇو ته 9 بجي هن کي ڪنهن ٻئي طرف وڃڻو هو۔۔۔ مون کائنس ضروري معلومات وٺي کيس ويهڻ جو اشارو ڪيو۔۔ ڇو ته ان جي واري کي اچڻ ۾ ڪلاڪ کان مٿي لڳي وڃڻ جو امڪان هو۔۔ مون ڏٺو ته هو بار بار ديوار تي لڳل گهڙي کي ڏسي رهيو هو۔۔ ۽ ڪافي پريشان هيو۔۔ ان بزرگ جي پريشاني جو خيال ڪندي مون پاڻ ئي هن جي زخم جو معائنو ڪيو ۽ زخم کي بهتر پوزيشن ۾ ڏسندي مون ڊاڪٽر کان سامان وٺندي ان جا ٽانڪا ڪڍي پٽي ڪري ڇڏي۔۔۔ ان دوران مون بزرگ کان پڇيو ته ۔۔۔”ڇا توهان ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان 9 بجي جو وقت ورتو آهي جو جلدي ۾ آهيو۔۔۔؟“ هن جواب ڏنو ته کيس هڪ نرسنگ هوم وڃڻو آهي جتي هن کي 9 بجي پنهنجي زال سان گڏ ناشتو ڪرڻو آهي۔۔۔ جنهن تي مون سندس گهرواري جي طبيعت بابت پڇيو۔۔ تنهن تي بزرگ ٻڌايو ته سندس زال الزائمر نالي بيماري ۾ ورتل آهي ۽ ڪجهه عرصي کان نرسنگ هوم ۾ آهي۔۔۔ مون پڇيو۔۔۔ ”جيڪڏهن توهان وقت تي نه پهتو ته توهان جي گهر واري ناراض ٿي ويندي۔۔۔؟“ بزرگ جواب ڏنو ۔۔۔ ”هو ته گذريل پنجن سالن کان وٺي مون کي سڃاڻي ئي نه ٿي۔۔۔“ مون حيران ٿيندي پڇيو ته ۔۔۔”۽ توهان ان باوجود پنهنجي زال سان ناشتو ڪندا آهيو۔۔؟ حالانڪه هو سڃاڻي ئي نه ٿي ته توهان ڪير آهيو۔۔۔؟“ بزرگ مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔۔ ”بيشڪ هو مون کي نه ٿي سڃاڻي ۔۔۔ پر مان ته ان کي سڃاڻان ٿو نه ته هوءَ ڪير آهي۔۔۔“ اهو ٻڌي مون وڏي مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها روڪيا۔۔۔ ڪيفيت اهڙي ٿي وئي جو منهنجو جيرو جهڙوڪ ٻاهر نڪرندو هجي۔۔۔ مون سوچيو ۔۔۔ ” اها آهي محبت جيڪا هر ڪنهن کي گهرجي۔۔۔“
پيارا هن دو رنگي دنيا ۾ اسان وٽ جذبن، احساسن ۽ عقيدتن تي طاهري ڏيل ويک ۽ جسماني لمس جو چسڪو حاوي ٿي ويو آهي۔ اسان وٽ پيار ملڻ ۽ پيار هجڻ جا شرط ئي پنهنجا ٿي ويا آهن۔ جيئن هن تحرير جي آخر ۾ راقم ڳوڙهن وهڻ جي ڳالهه لکي آهي ايئن ئي هڪ درد جو احساس چاڳي ٿو 2011 م ريليز ٿيل انڊين مووي ”چلو دلي“ ۾۔ جڏهن هڪ شخص سفر ۾ سفر جي هر مشڪل تي بي پرواهه هلندو رهي ٿو 7 سانس گڏ سفر ڪندڙ هڪ عورت سندس انهي برتاءُ کان بيزار هجي ٿي۔ آخر ۾ ڪجهه اهڙو ئي لقاءُ ڏسي هو سمجهي ٿي وڃي ته هو ڇو سفر ۾ ڪنهن به مسئلي کي سيريئس نه وڍي رهيو هو۔ جنهن جي زندگي ۾ اهري ويڌن ٿيل هجي ته انهي لاءِ ان کان مٿي ڇا هوندو۔ توڙي جو درد جو ڪو دنگ ناهي۔ ڪو پيمانو ناهي۔ ڪو معيار مقرر ناهي۔ پر نهي هوندي به انهي جي شدت پنهنجي معني رکي ٿي۔
اھڙي سچي پيار جو واقعو توھان ضرور شيئر ڪرڻ گھرندس جيڪو آھي سائين چنيسرخوش طبيعت ۽ ملندڙ جھلندڙ ھر وقت مسڪرائيندو رھندو ھو. پاڻ خير محمّد ڳوٺ ۾ رھندو ھو جيڪو درساڻي ڇني کان ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. پرائمري استاد طور پنھنجا فرض سرانجام ڏيندو ھو. سائين سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون رھنديون ھيون، ھڪ ڏينھن اوچتو اوچتو فون آئي سائين چنيسر جي ڊيٿ ٿي وئي. آھي. سائين جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ سائين جي ڳوٺ پھتاسين جتي سائين جي مٽن مائٽن کان پڇيو زندگي موت الله پاڪ جي ھٿ ۾ آھي، سائين ته بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ھو، اوچتو؟ .......... ٻڌايائون ته سائين جي گھر واري فوٿ ٿي وئي. سائين به پنھنجي اولاد کي گھرائي سڀ ئي نصيتون ڪري دنيا داري جي پارت ڪري پنھنجي مٽن مائٽن سان گڏ قبرستان ويو جتي پنھنجي جاءِ ڏيکاريائين ته ھتي قبر کوٽي وڃي منھنجي گھر واري جي ۽ ھتي منھنجي اڪثر ڳوٺن ۾ مٽ مائٽ ئي قبر کوٽيندا آھن. انھن سائين کي چيو سائين توھان ڇا چئي رھيا آھيو. کين سائين جيڪي لفظ چيا ھئا اھي مون جڏھن اتي سائين جي تڏي تي ٻڌا جيڪي آئون ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھان. سائين کين چيو ته منھنجو پيار منھنجي دنيا اڄ ھلي وئي ته ھاڻي منھنجو رھڻ ڪھڙي ڪم جو، سائين کين وڌيڪ پارت اھا به ڪئي ته ٻئي جنازا گڏ کنيا وڃن. سائين کين نصيت ڪري گھر ويو گھر وڃي چادر ويڙھي ليٽو بس سائين به الله کي پيارو ٿي ويو.
ادا ذيشان رشيد صاحب اسلام عليڪم۔ ادا ! انساني جسم ۾ دل کي وڏي اهميت حاصل آهي۔ محب ( عاشق، زندگي جو ساٿي) جي دل محبوب جي قربت سان نه ڀرجندو آهي ۽ هو هڪ لمحي جي لاء به ان کان جدا ٿيڻ پسند نه ڪندو آهي۔ هن جي تمنا هوندي آهي ته هو زندگي ڀر پنهنجي محبوب جي قدمن ۾ پيل هجئي ۽ محب جي لاء حقيقي زندگي جو حاصل اهو آهي ۔جڏهن محبوب سامهون هوندو آهي ته محب فرواني جذبه محبت ؤ عشق جي ڪري مدهوش ٿئي ويندو آهي ۽ بظاهر هن جون حرڪتون ديونگي اختيار ڪري وٺينديون آهن۔ سچي محبت رب جليل جو عطيه عظيم آهي ۔ الله پاڪ سان محبت واري نعمت ڪنهن کي ملي وڃي ته هن جي دنيا ؤ آخرت ۾ بهارون رقص ڪرڻ لڳينديون آهن۔ محب کي محبوب ۽ ان جي حوالي سان ان جي حسن سان به پيار هوندو آهي ۔هر لمحي هن جي يادين ۾ مستغرق رهندو آهي ۽ نگاهون ۾ گذريل زماني جي حسين خدوخال بصورت ڳوڙهن ۽ سسڪين جي جلوه گري ڪرڻ لڳندو آهي۔ (ترڪش ( ترڪي)بزرگ وشاعر نوري جي ڪتاب مان منتخب ڪجه لائينين جي انگريزي ترجمي جو سنڌي ترجمو اوهان جي ليک جي مناسبت سان اوهان جي نظر)
سائين عبدالرشيد جن جي تحرير تمام بهترين ان موضوع جي مناسبت سان هڪ تصوير جنهن ۾ لڳي ٿو ته اهو پيرسن پنهنجي ذهن ۾ ڪيل عهد پورو ڪري رهيو آهي