(اظهار جسڪاڻي) هڪ هُو چنڊ جيڪو آسمان تي آهي... ٻيو منهنجو چنڊ جيڪو ڌرتي تي آهي... ڏسڻ ۾ ته ٻئي ايندا آهن، پر مون کان ڪيڏو نه پري آهن...!؟ چنڊ کي تڪيندي تڪيندي چنڊ جهڙي شخصيت ياد آئي۔۔
اظهار جو تمام سهڻو اظهار پر مان هاڻي چنڊ کي تڪڻ ڇڏي ڏنو آهي ڇو ته مان جڏهن به چنڊ کي تڪيان ٿو ته هن جي ياد ستائڻ لڳي ٿي
سوچيان ٿو تخليق جي تعريف بي انتها، خالق جي صفت صفا به ڪو نه، عجب لطف آهي الفت ۾ شايد، پنهجي محبوب جوذڪر سڀ سان ،مالڪ جو ذڪر ذرو به ڪونه ، خلقيو خوب خالق آهي،جيڪو جهان جو مالڪ آهي، پروڙي جيڪو پاڻ کي سو ئي وڏو سالڪ آهي، هتي هزارين داستان عشق جا تنهن ۾ تشبيهون پڻ هزار، سڀ تي اثر الله جو ،ٿئي ماڻهو ڪيئن مختار؟ سمجهي سمجهم ڪينڪي،ڪو سمجهائي سمجهدار، مونکي عشق بنايو بيڪار يا اصلون اهڙو ئي آهيان