سنڌ حڪومت نئون مڪاني نظام لاڳو ڪري ڇڏيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪراچي سنڌ حڪومت نئون مڪاني آرڊيننس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان چار مختلف نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن رپورٽ موجب نئين مڪاني آرڊيننس تحت سنڌ حڪومت ڪراچي جا ٽائون بحال ڪرڻ، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز قائم ڪرڻ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسلز بحال ڪرڻ جا چار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن کان پوءِ پهرئين نوٽيفڪيشن تحت ڪراچي ۾ 18 ٽائون بحال ٿي ويا آهن ٻيو نوٽيفڪيشن ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جي بحالي وارو آهي جنهن تحت سنڌ ۾ 5 ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز هونديون ٽئين نوٽيفڪيشن تحت پوري سنڌ ۾ 18 ضلعي ڪائونسلز هونديون جڏهن ته چوٿين نوٽيفڪيشن جي جاري ٿيڻ کان پوءِ يونين ڪائونسلون به بحال ٿي ويون آهن نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ سان لاڙڪاڻو، حيدر آباد، ميرپور خاص ۽ سکر جي ٽي ايم ايز کي ٽائون جو درجو ڏنو ويو آهي سڄي صوبي جا تعلقا ۽ ضلعا ٽائون جي حيثيت سان هوندا، ان کان اڳ وڏي وزير کان هڪ سمري منظور ڪرائي وئي آهي جنهن تحت ٽائونز ۾ مڪاني چونڊن تائين ايڊمنسٽريٽرز مقرر ٿيندا ان کان سواءِ ذريعن ٻڌايو آهي ته 13 وزارتن جا 22 کاتا پڻ لوڪل گورنمينٽ حوالي ڪيا ويندا جنهن جو نوٽيفڪيشن ٻئي مرحلي ۾ جاري ٿيندو مڪاني ادارن ۾ پهريان ئي مقرر ٿيل آفيسر ڪم جاري رکندا، ايڊمنسٽريٽر ٽي ايم ايز ۽ ٽائون آفيسر نئين سر مقرر ڪيا ويندا ميٽرو پوليٽن ليول تي ڊائريڪٽر مقرر ڪيا ويندا اهي ميئرز جا اختيار رکندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو