سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ تعليم تي ليڪچر پروگرام ۽ تعليم جو حال!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]



    ڪلهه شام سليمان وساڻ ميسيج ڪيو ته “اسان روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ هڪ پروگرام ۾ ويٺا آهيون جلدي پهچ.” ڪنهن مصروفيت سبب سچل ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هجڻ ڪري ۽ ميسيج دير سان پڙهڻ ڪري پروگرام ۾ نه پهتس. اڄ سليمان جي اوطاق تي سُتل عبدالڪريم چانڊيو عرفِ عام چاچا ڪريم چانڊيو کي صبح 12 بجي اٿاريم ۽ ڪلهه جي پروگرام جا احوال وٺڻ شروع ڪيم. اڄ چاچا جا احوال روايتي نه هئا. اڄ چاچا ڪافي ڳالهيون اهڙيون ڪيون. جيڪي هتي ونڊڻ جهڙيون آهن. چاچا ٻڌائڻ لڳو ته “تعليم جي موضوع تي هڪ سياسي پارٽي پاران رٿيل انهي پروگرام ۾ هڪ مقرر موجوده گورنمنٽ جي سينيئر رهنمائن تي تنقيد ڪندي گارگند ڪئي ۽ کين تعليم جي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو.” مون چيو اها ته الاءِ ڇو اڄڪلهه افسوس سان قومپرست پارٽين جي روايت ٿي ويئي آهي ته موضوع ڀلي ڪهڙو به هجي پر ڦِرائي سِرائي تنقيد گورنمنٽ تي ڪبي ۽ اهڙي انداز ۾ جو نه ٻڌندڙن کي وڻي نه وري اها جائز به ليکي وڃي، رهندو سندن پنهنجي احساسِ ڪمتري کي ظاهر ڪري. بهرحال چاچا ڪريم پنهنجو قصو هِن ريت شروع ڪيو.
    اسان جي تعليم جو نظام:
    ڪنهن به ملڪ جي تعليم جي بنيادي اهم شرطن ۾ هڪ شرط انهي جو بهتر ۽ ماهرانه انداز سان ٺهيل نصاب هوندو آهي.هتي نصاب ٺاهڻ وقت اهو خيال رکيو ويندو آهي ته اهو نصاب انهي ميار جو آهي جنهن کي پڙهائڻ سان هڪ بهتر ۽ ماهر نسل کي آڻي سگهجي. ڇا اهو انهي نداز سان ٺهيل آهي جو بارن کي بوجهه نه لڳي بلڪهه هو انهي کي دلچسپي سان پڙهن. ڪٿي اهو نصاب مدي خارج ته نه ٿي ويو آهي. ڇا اهو جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهي ٿو؟ ۽ اسان وٽ. . . . . . . .اسان وٽ الاءِ ڪنهنجي راءِ يا ڏاڍ جي حترام يا مصلحت ۾ هڪ اهڙو ردي نصاب تيار ڪيو ويو آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ته قطعي ناهي جنهن کي پڙهائڻ سان هڪ بهتر نسل جي پڙهي لکئي هجڻ جي توقع رکي سگهجي. حيرت ته انهي ڳالهه جي آهي ٻه ٻه ڏاهاڪن کان موجود ثانوي وَ اعلي ثانوي درجن جا سائنسي ڪتاب روائيز نه ٿيا آهن. ڇا سائنس انهن ڏهاڪن ۾ ايتري به ترقي ناهي ڪئي جو انهي جا ڪجهه باب يا ڪجهه ٽاپڪ ئي روائيز ڪرڻ ضروري ٿي ويو هجي. چاچا جي اها ڳالهه ته مون کي به دل سان لڳي. ڪئميسٽري سان وابسته هوندي مون کي اهو شدت سان احساس آهي ته ڪئمسٽري جا ڪتاب هاڻي روائيز ٿيڻ کپن. ٻيو نه ته پيرياڊڪ ٽئبل ئي تبديل ٿئي جنهن ۾ هن مهل تائين مليل عنصرن جو تعداد اسان جي انهن ڪتابن ۾ گهڻو گهٽ لکيل آهي.
    پڙهائڻ وارا:
    استاد جو مرتبو ۽ شان ڪنهن کان ڳجهو ناهي. استاد ئي آهن جن جي محنتن سان بهترين قومون وجود وٺنديون آهن ۽ استاد ئي آهن جن ڪري قومون پوئتي رهجيو وڃن. استادن جي چونڊ هڪ تمام اهم ۽ حساس مسئلو آهي پر شايد ٻين قومن وٽ. اسان وٽ ته اهو ڪم واندن لاءِ آهي. جيڪو ٻه اکر پڙهي گريجوئيشن جي ڊگري فائيل ۾ ويڙهي رکي ۽ پاڻ واندو جانٺا هڻندو وتي انهي کي هتان هُتان چئو چوان ڪرائي ماستري وٺي ڏيو. دليل اهو ته ڀلا هڪ گهر جي چلهه ته ٻرندي. ۽ اهو بقايا عمر لاءِ اها سيٽ والاري نسل در نسل ويهي شاگردن جي ٻيڙي ٻوڙيندو انهي جي ڪنهن کي ڪا فڪر ناهي. ۽ هجي به ڇو؟ آئي ايم ايف پئسا ڏنا ته جاهل ڀرتي ڪريو. ۽ پاڻ کي پنهنجن هٿن سان تباهه ڪريو. حڪومت به خوش ته نوڪرين کي ڪئش ڪرائي پئسو ۽ ووٽ ٻئي وٺي وٺبا. باقي اسان مان گهڻا چُپ ته گهڻا رڳو بند ڪمرن ۾ تنقيد ۾ پورا آهن. تبديلي اچڻ ته پري پر ان جي شروعات جا محرڪ به ڪوما ۾ نطر ٿا اچن. باقي انهن استادن مان ڪنهن تي ايجوڪيشن آفيسر يا سيڪريٽري ٿوري سختي ڪئي ته ٻارن کي پڙهائي. اسڪول جي ايس ايم سي نه کا. ايمانداري ڪر. ته اسان سڀ چئو چوان ڪرائڻ ۾ لڳي وينداسين. ۽ ڏسڻا وئسڻا پيا تائيد ڪندا ته يار جهان ايئن ئي پيو هلي انهي آفيسر جو ته دماغ خراب ٿيو آهي.
    ڪجهه چڱا پوءِ به اچيو وڃن:
    چاچا هاڻي سسٽم تي ڳالهائي نتيجن طرف اچڻ لڳو. چئي سسٽم جو کڻي ستياناس آهي. پوءِ به چار چـڱا پڙهيا لکيا ڪامپيٽنٽ نڪريو اچن! ڇو؟ ڪيئن؟ اهو سوال انهن تنقيد ڪندڙن کان به آهي جيڪي بيهي سنڌي قوم، ظلم، هاءِ گهوڙا، سامراج وغيره وغيره وارا لفظ استعمال ڪندي جذباتي تقريرون ڪن ٿا ۽ ستل قوم کي سڄاڳ ڪرڻ جي ڪوششن جي دعوي ڪن ٿا.جنهن جو مطلب ته هو پاڻ سڄاڳ آهن. پر سوال اهو آهي ته اوهان اهڙا سڄاڳ ۽ پڙهيا لکيا آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي کان ته نه ٿي آيا آهيو. جڏنهن اوهان اِنهي اهڙي ئي سسٽم ۾ پڙهي لکي انهي قابل ٿيا آهيو جو قوم سڄي سڄاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته معني ٿوري گهڻي ڪوشش سان انهي ناڪاره سسٽم هوندي به اهل بڻجي سگهجي ٿو. ۽ ها ڪيئي نوجوان پنهنجي مورثي ذهانت، محنت ۽ غير نصابي مطالعي جي زور تي نڪري ٿا اچن جن ۾ ڪي ڪڻا هجن ٿا. پر اسان وٽان اهي نوجوان هُو (ٻاهر وارا) تمام ٿوري اگهه تي وٺيو وڃن. اسڪالرشپس، ڊالر پيڊ نوڪريون وغيره وغيره. کوڙ اهڙيون هرکائندڙ شيون آهن جو قابل سخص انهن کي ڏسي هن ملڪ جي انتهائي غير محفوظ زندگي کان پاڻ بچائي هُتي هليا ٿا وڃن. نه ته ناسا جهڙي اداري ۾ اسي فيصد ملازم ٽين دنيا جي ملڪن جا ماڻهو نه هجن ها. اهي پنهنجي ملڪن ۾ اهڙي ناسا هلائي پيا سگهن. پر جتي هڪ سائنٽسٽ کي نظر بند ڪيو وڃي. جتي هڪ انجنيئر جي ڪم کي پرکڻ بجاءِ هن کي بچپن ۾ هنيل ڪنهن کي ٿڦڙ جي ايف آءِ آر آڌار بدنام ڪيو وڃي ته اهو ايئن ئي ٿيندو جيئن ٿيندو ٿو ٿو اچي.
    چاچا جي ڳالهه پوري ٿي ته مرتضي پڇيو “پر چاچا مسئلي جو ڪو حل به ته ٻڌايو” چاچا ڪهڙو حل ٻڌايو اهو مون کي سمجهه ۾ نه آيو. سو هن موضوع جي جواب ۾ چاچا اهو حل ڏي ته بهتر ٿيندو. باقي منهنجي نظر ۾ مسئلو سڄو مجبور ۽ ڪي قدر نا اهل حڪمراني آهي. جنهن جا ذميوار اسان پاڻ آهيون. اسان هنن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بجاءِ پاڻ ڏي ڏسون. ڏسون ته ڪٿي فالٽ آهي جو اسان وٽ ووٽ ڏيڻ وقت اميدوارن واري پاسي سڀ رڍون ڪار ٻوٿيون وارو حساب ڇو آهي؟ ڇو اهو پارليامينٽ ۾ اچڻ لاءِ اليڪشن نه ٿو وڙهي جنهن کي اسان ووٽ ڏيڻ چاهيون ٿا. ۽ جواب هڪ ئي آهي تعليم. . . . . . . تعليم لاءِ اسان کي پاڻ ذاتي طور ڪوشش وٺڻي پوندي. هڪ نوڪري يا هزار رپيا هر مهيني ملڻ تي اکيون پوري انهي جي نشان تي ٺپو هڻڻ واري ڳالهه جو ٻيو رخ سمجهڻ لاءِ تعليمي تناسب وڌائڻو پوندو. ۽ اهو ڪو ٻيو نه اسان مان هر هڪ کي فردِ واحد طور ڪرڻو پوندو. اهو روايتي دليل ڇڏڻو پوندو ته ڇا پڙهايون ٻارن کي؟ نوڪريون آهن ڪونه. نيانيون پڙهي ڇا ڪنديون. اڄ آهن سڀاڻي پنهنجا گهر وڃي وسائينديون.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    موضوع لکندڙ جي لفظن جي جوڙجڪ جو ڪمال ته پنهنجي جاءِ تي پر چاچا عبدالڪريم چانڊيو جي سوچ جي به ڇا ڳالهه ڪجي۔۔۔ دوستن جو خيال بلڪل درست آهي ته جيڪڏهن چاچا پنهنجي روايتي حوالن کي ڇڏي ڏئي ته واقعي به سنڌي ادبي خزاني ۾ هوندر کوڙ اضافو ٿي پوي۔۔۔ سندس تکي ۽ تند سوچ معاشري جي خوب عڪاسي ٿي ڪري۔۔۔
    چاچا جي سوچ کي خوب لفظي روپ پهرائڻ ڀلو لڳو۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو