• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واٽسن جي هٿاران ڏکڻ آفريڪا جو جنازو......... آسٽريليا جو هڪ قدم سيمي فائينل ۾

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
لڳاتار ورلڊ ڪپ جي ميچن مين آف دي ميچ حاصل ڪندڙ واٽسن کي آخر ڪير روڪي به سگهندو يا نه۔۔۔؟ هي گولڊن بوائي جڏهن بال ۾ هٿ وجهندو آهي ته مخالفن کي وڪيٽ ڏيڻي ئي پوندي آهي ۽ وري جي بيٽنگ تي اچي ته بال کي ڄڻ بي شمار دڳ ملي پوندا آهن۔۔
اڄوڪي ميچ ۾ به پهريان بالنگ سان ۽ پوءِ بيٽنگ سان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي آسٽريليا کي سيمي فائينل ۾ پهچائي ڇڏيو۔۔۔ پنهنجي بال سان هن ڏکڻ آفريڪا جي ٻن ٿنڀن هاشم آمل ۽ ابراهيم ڊي وليئرس جون وڪيٽون چٽڪايو ته وري بيٽنگ ۾ 47 بالن ۾ شاندار 70 رنسون جوڙي ورتيون ۔۔۔ ائين ڏکڻ آفريڪا جي اسڪور 146 رنسن کي 3 اوور پهريان ئي حاصل ڪيو ويو۔۔
آسٽريليا جي 8 وڪيٽن جي فتح ۽ واٽسن جو مجوموعي طور 8 دفعو مين آف دي ميچ جو ايوارڊ۔۔۔

4238.jpg
هتي ڪلڪ ڪري ڏکڻ آفريڪا جي اننگ جون جهلڪيون​
جڏهن ته هتي ڪلڪ ڪري آسٽريليا جي اننگ جون جهلڪيون ڏسي سگهجن ٿيون​
 
Back
Top