ادا ساحل صاحب اسڪرين شاٽ اوهان جي ڪيبورڊ جي بٽڻ (پرنٽ اسڪرين) سان ورتي ويندي آهي ۽ وري سيو ٿيندي آهي پينٽ برش ۾ جيڪو اوهان جي اسٽارٽ مينيو ۾ هوندو آهي، پر هن جي سائيز گهڻي هوندي آهي، ان ڪري بهتر رهندو ته اوهان ان جي سائيز گهٽايو، ان جو طريقو هي آهي ته اوهان ان سيو ڪيل تصوير کي مائڪروسافٽ آفيس پڪچر مينيجر سان کوليو، جيڪڏهن اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ مائڪروسافٽ آفيس انسٽال ٿيل آهي ته صرف ان سيو ٿيل فائيل تي رائيٽ ڪلڪ ڪندا ته اوپن وٿ ۾ پڪچر مينيجر اچي ويندو، فائل کولڻ کان پو ان کي بهتر ٿيندو ته 480 ؤ 640 (چار سئو اسي ضرب ڇھ سئو چاليھ) تي ريسائيز ڪري سيو ڪري ڇڏيو۔
ان طرح فائيل جي سائيز گهٽجي ويندي، اوهان کي اپلوڊ ڪرڻ به آسان ٿيندو ۽ گهٽ رفتار انٽرنيٽ وارن دوستن لا ان جو ڊائونلوڊ به آسان ٿي ويندو۔۔۔