• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قالو انا لله وانا اليه راجعون

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ٻڌڻ ۾ آيو ته سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿي ويو آهي۔

images
sindh-assembly-approves-splgo-amid-protest-1349091423-3916.jpg
 
ها ڀائو سنڌ جي ڌڙ کي سسي کان ڌار ڪرڻ جو بل پاس ٿي ويو آهي۔ مخالفت ۾ 19 ووٽ ۽ حمايت ۾ 149 ووٽ ڏنا ويا۔ مطلب اهو ٿيو ته سنڌ کي ڪُهڻ جي لاءِ پنهنجن ئي سنڌين حمايت ۾ ووٽ داخل ڪيا آهن۔
 
جيتوڻيڪ گارگند ۽ بدتمييزي وارا لکيل جملا اسان جو شان ناهن ۽ مان نه ٿي چاهيو ته ڪجهه لکان ۔۔۔۔۔۔

پ پ پ حڪومت جي ڪالهوڪي رويي تي گهڻي مايوسي ٿي، مايوسي ته مونکي تڏهن به ٿي هئي جڏهن ڪالهوڪي آرڊيننس جي مخالفت ڪندڙ ميمبر اين پ پ پ ، فنڪشنل ۽ ق ليگ ان وقت جي ارباب رحيم حڪومت ۾ پنجن منٽن اندر هڪ اهڙو قانون پاس ڪيو هو جنهن سبب ڪراچي ۾ نوڪري ڪندڙن لاء ڪراچي جي ڊوميسائيل جو شرط رکي اسان لاء پرائيويٽ نوڪرين جا رستا بند ڪرايا ويا هئا، هڪ ٻيو قانون جيڪو ساڳين ئي اين پي پي، فنڪشنل ۽ قاف ليگ جي ميمبرن جي تعاون سان پاس ٿيو هو جنهن ۾ ڪراچي جي تعليمي ادرن ۾ سنڌين لاء ڏکيايون پيدا ڪيون ويو ۔۔۔۔ افسوس جو ڪالهه مخالفت ڪندڙن کي سندن پاس ڪيل انهن قانونن تي پهريان معافي وٺي پوء هن آرڊيننس جي مخالفت ڪرڻ گهربي هئي، ڇو ته منهنجي نظر ۾ هو سياست ۽ سستي شهرت کانسواء ڪجهه نه ٿا ڪن۔ ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري هڪ ضلعو ڪرڻ ۾ ته هو به برابر جا حصيدار هئا، حيدرآباد کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ ته هنن جو به وڏو ڪردار هو ۔۔۔۔۔ هو به سچا ناهن پر سياست ڪرڻ ڄاڻن ۽ اسان جي ياداشت تمام ٿوري وقت لاء رهندي آهي۔

هڪ ٻي اهم ڳالهه جيڪا مان هميشهه لکندو رهيو آهيان ته اسيمبلي ۾ پهچندڙ، وڏيرن، جاگيردارن، ميرن، پيرن جو جيڪي ڪنهن به پارٽي سان لاڳاپيل آهن، سنڌي جي عوام جي مفاد سان ڪجهه نه وڃي، هو سڀ پنهنجي لاء سياست ٿا ڪن پوء ڀلي ان لاء هنن کي ڇا به ڪرڻو پوي۔ پ پ پ جي ڪالهوڪي عمل سبب ماڻهن هنن سان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي آهي، پر ان نفرت کي ڪنهن جهيڙي ۾ تبديل ڪرڻ بجاء سياسي سگهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاء ضروري آهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين۔ پر هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جا قومپرست هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا ؟ ڇا هو اليڪشن جي سياست ڪندا؟ ڇا هنن جا ذاتي مفاد سنڌ لاء قربان ٿيندا ؟؟؟؟

انهن سوالن جو جواب ڪير ٿو ڏئي ۔۔۔۔۔ اسان کي گهرجي ته پ پ پ کي سياسي ۽ اخلاقي شڪست ڏيون ۔۔۔۔

ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ پ ميمبرن جون تاڙيون ايئن لڳي رهيون هون ڄڻ هو سنڌي جي بي بسي تي تاڙيون وڄائيندا هجن۔۔۔۔۔۔ اچو ته سياسي تبديلي جي شروعات ڪيون، پر ان لاء ضروري آهي ته اسان جو اخلاق، اسان جا آدرش اسان جون وفاداريون ذاتي فائدن، ذاتي شهرت کان بلند هجڻ گهرجن۔
 
پ پ حڪومت سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي غلط فيصلو ڪري سنڌ سان غداري ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ووٽ بئنڪ کي نقصان به پهچايو آهي، هاڻي ڏسجي ته پ پ وارا ڪهڙو منهن وٺي سنڌ جي عوام لا ووٽ گهرڻ ويندا؟
 
سنڌ جي غدارن تي لعنت سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته هنن پيپلن غدارن جو گهيراء ڪري گلي مان جهلي بيعزتو ڪري جوتن جا هار پهرائي شهرن ۾ گشت ڪرايو وڃي ۔ بيضن ۽ ڦٿل ٽماٽن جو بندوبست ڪن۔ هاڻ پ پ ايم ڪيو ايم وٽ غلام بنجي چڪي آهي سنڌي ماڻهن هاڻ پ پ مان آسرو پلي ڇڏيو آهي۔ هنن کي غدارن کي جتي به ڏسو هنن جي گاڏين جا شيشا ٽوڙيا وڃن۔ اهڙو حشر ڪيو جو غدار سنڌ ۾ هلي نه سگهن سنڌ هنن لا نو گو ايريا بنائي وڃِي۔ اٿو سنڌيو مڙس ٿيو بيغيرت غدار پيپلن جي پچر ڇڏيو۔
 
جيتوڻيڪ گارگند ۽ بدتمييزي وارا لکيل جملا اسان جو شان ناهن ۽ مان نه ٿي چاهيو ته ڪجهه لکان ۔۔۔۔۔۔

پ پ پ حڪومت جي ڪالهوڪي رويي تي گهڻي مايوسي ٿي، مايوسي ته مونکي تڏهن به ٿي هئي جڏهن ڪالهوڪي آرڊيننس جي مخالفت ڪندڙ ميمبر اين پ پ پ ، فنڪشنل ۽ ق ليگ ان وقت جي ارباب رحيم حڪومت ۾ پنجن منٽن اندر هڪ اهڙو قانون پاس ڪيو هو جنهن سبب ڪراچي ۾ نوڪري ڪندڙن لاء ڪراچي جي ڊوميسائيل جو شرط رکي اسان لاء پرائيويٽ نوڪرين جا رستا بند ڪرايا ويا هئا، هڪ ٻيو قانون جيڪو ساڳين ئي اين پي پي، فنڪشنل ۽ قاف ليگ جي ميمبرن جي تعاون سان پاس ٿيو هو جنهن ۾ ڪراچي جي تعليمي ادرن ۾ سنڌين لاء ڏکيايون پيدا ڪيون ويو ۔۔۔۔ افسوس جو ڪالهه مخالفت ڪندڙن کي سندن پاس ڪيل انهن قانونن تي پهريان معافي وٺي پوء هن آرڊيننس جي مخالفت ڪرڻ گهربي هئي، ڇو ته منهنجي نظر ۾ هو سياست ۽ سستي شهرت کانسواء ڪجهه نه ٿا ڪن۔ ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري هڪ ضلعو ڪرڻ ۾ ته هو به برابر جا حصيدار هئا، حيدرآباد کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ ته هنن جو به وڏو ڪردار هو ۔۔۔۔۔ هو به سچا ناهن پر سياست ڪرڻ ڄاڻن ۽ اسان جي ياداشت تمام ٿوري وقت لاء رهندي آهي۔

هڪ ٻي اهم ڳالهه جيڪا مان هميشهه لکندو رهيو آهيان ته اسيمبلي ۾ پهچندڙ، وڏيرن، جاگيردارن، ميرن، پيرن جو جيڪي ڪنهن به پارٽي سان لاڳاپيل آهن، سنڌي جي عوام جي مفاد سان ڪجهه نه وڃي، هو سڀ پنهنجي لاء سياست ٿا ڪن پوء ڀلي ان لاء هنن کي ڇا به ڪرڻو پوي۔ پ پ پ جي ڪالهوڪي عمل سبب ماڻهن هنن سان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي آهي، پر ان نفرت کي ڪنهن جهيڙي ۾ تبديل ڪرڻ بجاء سياسي سگهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاء ضروري آهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين۔ پر هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جا قومپرست هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا ؟ ڇا هو اليڪشن جي سياست ڪندا؟ ڇا هنن جا ذاتي مفاد سنڌ لاء قربان ٿيندا ؟؟؟؟

انهن سوالن جو جواب ڪير ٿو ڏئي ۔۔۔۔۔ اسان کي گهرجي ته پ پ پ کي سياسي ۽ اخلاقي شڪست ڏيون ۔۔۔۔

ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ پ ميمبرن جون تاڙيون ايئن لڳي رهيون هون ڄڻ هو سنڌي جي بي بسي تي تاڙيون وڄائيندا هجن۔۔۔۔۔۔ اچو ته سياسي تبديلي جي شروعات ڪيون، پر ان لاء ضروري آهي ته اسان جو اخلاق، اسان جا آدرش اسان جون وفاداريون ذاتي فائدن، ذاتي شهرت کان بلند هجڻ گهرجن۔

توهان جي سوچ ۽ جذبن کي سلام۔۔ پر افسوس جو توهان جي سوالن جو جواب ڪنهن وٽ ڪونهي ۽ جيڪڏهن آهي ته اهو ”نه“ آهي۔۔ پنهنجي حالت تي روئڻ کانسواء في الحال ته ڪجهه نظر نه پيو اچي۔۔ پنجاب جي ڪرڪيٽ ٽيم لاء تاڙيون وڄائڻ وارا سنڌي نوجوان پنجابي قيادت تي شايد وڌيڪ اعتماد ڪندا۔۔ ۽ پنهنجي قوم جا ڏهيسر رهي سهي ڪسر پنجابين سان ملي ڪري پوري ڪن۔۔ افسوس ان قوم تي جنهن جو ڪو اڳواڻ ئي نه هجي۔۔ بغير رهبر جي ڪا تحريڪ نه هلندي آهي ۽ نه ئي دعائن سان ڪي حق ملندا آهن۔۔
 
افسوس ته اهو آهي جو جيڪي پوء آيا انهن پنهنجي طاقت کي ايترو مضبوط ڪيو آهي جو جيڪي حڪومت آئي آهي سا انهن اڳيان جهڪي ٿي پوي ۽ جيڪي سنڌ جا اصل وارث سڏرائين ٿا سي اڌ صدي گذرڻ جي باوجود متحد نه ٿي پنهنجي طاقت کي مستحڪم نه ڪري سگهيا آهن سائين محمد سليمان جن جي ڳالهه برحق آهي ته پهريائين اسان جي قومپرستن کي ذاتي مفاد ختم ڪري ڪنهن به هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي بعد ۾ ڪو منشور ٺاهي ان تي عمل ڪبو ته انشآء الله جيت سنڌين جي ٿيندي ليڪن محترم ٻروچ جي ڳالهه وانگر ته ان سوال جو جواب في الحال ته (نه) آهي شايد ماضي مان ڪجهه سبق سکيو هجين ۽ آئنده ڪو اهڙو لائحه عمل تيار ٿئي ليڪن اهو ٿيڻ آسمان کي ڇهڻ جي برابر ٿو لڳي ۔ ڪمزور افرادي قوت هوندي ته فقط دعائن کان سواء ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿو سگهجي ۔
 
Back
Top