رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ٻڌڻ ۾ آيو ته سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿي ويو آهي۔

حلالي ٻچا آهيون ، ڪڏهن به نه ڏينداسون۔ پر هن وقت جيڪو هنن ڀنگوڙي ، کدڙي ۽ منافق ، خنجر لڪي هنيو آ اِن لاءِ ڏکائتو آهيان ۔مرويسون سنڌ نا ڏيسون
حلالي ٻچا آهيون ، ڪڏهن به نه ڏينداسون۔ پر هن وقت جيڪو هنن ڀنگوڙي ، کدڙي ۽ منافق ، خنجر لڪي هنيو آ اِن لاءِ ڏکائتو آهيان ۔مرويسون سنڌ نا ڏيسون
جيتوڻيڪ گارگند ۽ بدتمييزي وارا لکيل جملا اسان جو شان ناهن ۽ مان نه ٿي چاهيو ته ڪجهه لکان ۔۔۔۔۔۔
پ پ پ حڪومت جي ڪالهوڪي رويي تي گهڻي مايوسي ٿي، مايوسي ته مونکي تڏهن به ٿي هئي جڏهن ڪالهوڪي آرڊيننس جي مخالفت ڪندڙ ميمبر اين پ پ پ ، فنڪشنل ۽ ق ليگ ان وقت جي ارباب رحيم حڪومت ۾ پنجن منٽن اندر هڪ اهڙو قانون پاس ڪيو هو جنهن سبب ڪراچي ۾ نوڪري ڪندڙن لاء ڪراچي جي ڊوميسائيل جو شرط رکي اسان لاء پرائيويٽ نوڪرين جا رستا بند ڪرايا ويا هئا، هڪ ٻيو قانون جيڪو ساڳين ئي اين پي پي، فنڪشنل ۽ قاف ليگ جي ميمبرن جي تعاون سان پاس ٿيو هو جنهن ۾ ڪراچي جي تعليمي ادرن ۾ سنڌين لاء ڏکيايون پيدا ڪيون ويو ۔۔۔۔ افسوس جو ڪالهه مخالفت ڪندڙن کي سندن پاس ڪيل انهن قانونن تي پهريان معافي وٺي پوء هن آرڊيننس جي مخالفت ڪرڻ گهربي هئي، ڇو ته منهنجي نظر ۾ هو سياست ۽ سستي شهرت کانسواء ڪجهه نه ٿا ڪن۔ ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري هڪ ضلعو ڪرڻ ۾ ته هو به برابر جا حصيدار هئا، حيدرآباد کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ ته هنن جو به وڏو ڪردار هو ۔۔۔۔۔ هو به سچا ناهن پر سياست ڪرڻ ڄاڻن ۽ اسان جي ياداشت تمام ٿوري وقت لاء رهندي آهي۔
هڪ ٻي اهم ڳالهه جيڪا مان هميشهه لکندو رهيو آهيان ته اسيمبلي ۾ پهچندڙ، وڏيرن، جاگيردارن، ميرن، پيرن جو جيڪي ڪنهن به پارٽي سان لاڳاپيل آهن، سنڌي جي عوام جي مفاد سان ڪجهه نه وڃي، هو سڀ پنهنجي لاء سياست ٿا ڪن پوء ڀلي ان لاء هنن کي ڇا به ڪرڻو پوي۔ پ پ پ جي ڪالهوڪي عمل سبب ماڻهن هنن سان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي آهي، پر ان نفرت کي ڪنهن جهيڙي ۾ تبديل ڪرڻ بجاء سياسي سگهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاء ضروري آهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين۔ پر هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جا قومپرست هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا ؟ ڇا هو اليڪشن جي سياست ڪندا؟ ڇا هنن جا ذاتي مفاد سنڌ لاء قربان ٿيندا ؟؟؟؟
انهن سوالن جو جواب ڪير ٿو ڏئي ۔۔۔۔۔ اسان کي گهرجي ته پ پ پ کي سياسي ۽ اخلاقي شڪست ڏيون ۔۔۔۔
ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ پ ميمبرن جون تاڙيون ايئن لڳي رهيون هون ڄڻ هو سنڌي جي بي بسي تي تاڙيون وڄائيندا هجن۔۔۔۔۔۔ اچو ته سياسي تبديلي جي شروعات ڪيون، پر ان لاء ضروري آهي ته اسان جو اخلاق، اسان جا آدرش اسان جون وفاداريون ذاتي فائدن، ذاتي شهرت کان بلند هجڻ گهرجن۔