امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جي سوانح حيات مضمون : افتخار علي چوهاڻ مولانا عبيدالله سنڌي رح ضلع سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ (چيانوالي) ۾ جمعي جي رات 12 محرم 1289 هجري 10 مارچ 1872 ء ۾ پيدا ٿيو . سندن پيءُ پيدائش کان 4 مهينه اڳ فوت ٿي چڪا هئا ، ٻن مهينن کان پوءِ سندن ڏاڏو به گذاري ويو سندس پالنا مامن وٽ ٿي . 1876 ء ۾ جامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ تعليم جي شروعات ڪيائين 1884 ۾ سندس اسڪول ۾ هڪ آريه سماج سان واسطو رکندڙ ساٿي کان ” تحفة الهند“ ڪتاب هت لڳو ، ڪتاب جي مطالعي بعد اسلام ڏانهن رغبت وڌي ويس ، مٿان وري ڪن پاڙيسيري دوستن کان مولانا اسماعيل شهيد جو ڪتاب “ تقوية الايمان ” ملي ويس ، هن ڪتاب جي پرهڻ بعد شرڪ ۽ توحيد جي پروڙ پيس تنهن کان پوءِ لکنو جي مولوي محمد صاحب جو ڪتاب “ احوال الآخرة” پڙهيائين ، مولانا عبيد الله سنڌي رح هن دوران نماز سکي ورتي ۽ ارادو ڪيائين ته هائي اسڪول ويندي شرط اسلام جو اظهار ڪندا. 15 اڪٽوبر 1887 ء ۾ الله توهار ڪري گهران نڪتا ، ساڻ هڪ دوست عبدالقادر هئس ، ٻنهن عربي مدرسي جي طالب علم سان گڏ ڪوٽله رحم شاه ضلع مظفر ڳڙه نڪتا ، 9 ذوالحجه ڏينهن رسم طهر ادا ڪيائين ، مولانا عبيدالله سنڌي رح جا مائٽ سندس ڳولها ۾ نڪتا ته پاڻ وري سنڌ ڏانهن روانا ٿيا ، عربي جا “ صرف” (علم اشتقاق) جا ڪتاب رستي ۾ طالب علم کان پڙهندا رهيا . سيد العارفين سان صحبت؛ الله جو خاص ڪرم عبيدالله سنڌي رح مٿان ٿيو جو ننڊپڻ ۾ ئي اسلام سمجهڻ ۾ سولائي نصيب ٿي ، اهڙي نموني سندس مٿان ٻي رحمت جو اظهار سنڌ جي نامور عالم دين بزرگ حافظ محمد صديق ڀرچونڊِ رح جي رفاقت جي صورت ۾ ٿي . حضرت ڀرچونڊي رح پنهنجي وقت جا جنيد ۽ سيد العارفين هئا ، ڪجه مهينه سندس صحبت ۾ رهيا ، حضرت ڀرچونڊي مولانا عبيدالله سنڌي رح کي پنهنجن پٽن جيان شفقت ۽ محبت ڏني جنهن تي مولانا عبيدالله سنڌي تي گهرو اثر پيو . ڀرچونڊي کان رخصت ٿي بهاول پور جي هڪ مسجد ۾ ابتدائي ڪتاب پڙهيائون وري رتن پور ويا جتا ابو السراج غلام محمد صاحب رهندا هئا، “هداية النحو” تائين جا ڪتاب هتي پڙهيائين ، دين پور ويهجي خانپور کان ڪوٽله رحم شاه ويا ، هتي مولوي خدا بخش کان “ڪافيه” پڙهي ، پڙهائي دوران ديوبند بابت خبر پيس ته مظفر ڳڙه مان ريل تي سوار ٿي سڌو وڃي ديوبند پهتا . دارالعلوم ديوبند؛ صفر 1306 ھ ۾ دارالعلوم ۾ داخله ٿي ” قطبي” ،“ منطق” ، “ شرح جامي” مولانا حڪيم محمد حسن رح کان پڙيائين “حڪمت ۽ منطق ”جا ڪتاب پڙهي ڪري ڪجه مهينه مولانا احمد حسن ڪانپوري رح جي مدرسي ويا ۽ ڪجه عرصو رام پور رهي مولانا ناظرالدين رح کان ڪتاب پڙهي صفر 1307 ھ ۾ ديوبند واپس وريا. حضرت شيخ الهند رح؛ ديوبند ۾ ٽي مهينه رهي مولانا حافظ احمد صاحب رح کان پڙهندا رهيا ۽ پوءِ مولانا شيخ الهند رح جي درس ۾ شامل ٿي ويا ، 1307 ھ “هداية” ، “تلويح” ، “مطول” ، “شرح عقائد” ، “مسلم الثبوت” ۾ امتحان ڏنائين ۽ امتيازي نمبر تان پاس ٿيا ، شوال 1307 ، “تفسير بيضاوي” ۽ “دوره حديث” ۾ شرڪ ٿيا ، “جامع ترمذي” ، مولانا شيخ الهند رح کان پڙهي ۽ “سنن داود” پڙهڻ لاءِ مولانا رشيد گنگوهي رح جي خدمت ۾ گنگوه پهتا. حالات سنڌ ؛ 20 جماد الثاني 1308 ھ ڀرچونڊ واپس وريا ، تنهن وقت سندس مرشد حضرت ڀرچونڊ رح واري جي رحلت ٿي چڪي هئي ، سيد العارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابو الحسن تاج محمود امروٽي رح جي صحبت لاءِ سکر روانا ٿيا ، مولانا تاج محمود امروٽي رح به مولانا عبيدالله سنڌي لاءِ نهايت شفيق ثابت ٿيا سندس نڪاح ڪرايائين ، ۽ سندس والده کي امروٽ گهرايائين ۽ مطالعي لاءَ هڪ عظيم لائيبريري ڄوڙي ڏنائين 1315 ء تائين مولانا عبيدالله سنڌي رح امروٽ شريف ۾ ئي رهيا . سياسي ميلان ؛ مطالعي دوران مولانا محمد اسمائيل شهيد جي سوانح عمر پڙهي ۽ ديوبند ۾ تعليم دوران مولانا عبدالڪريم ديوبندي رح کان سقوط دهلي جي تاريخ پڙهڻ سان مولانا عبيدالله سنڌي رح جي سياسي ميلان ڏانهن لاڙو ٿي ويو هو ، مولانا اسماعيل شهيد رح جي ڪتاب تان مختصر سياسي پروگرام ڄوڙي ورتائين ، اڳتي هلي وري حجت الله البالغة ان ۾ شامل ڪري ان تي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳا . مولانا شيخ الهند رح جي درس ۾ جهاد بابت خبر جڏهن پيس ته شيخ الهند سان وابسطه ٿي ويا . حضرت شيخ الهند رح مولانا عبيدالله سنڌي رح کي ٻيهر ديوبند گهرائي ورتو ، ۽ ديوبند ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ فرمايائون ته ان سان گڏ سنڌ سان به تعلق ڄڙيل رهي ، چار سالن تائين جميعت انصار ۾ ڪم ڪندا رهيا ،هن جميعت جي تحريڪ ۽ تاسيس ۾ مولانا محمد صادق کڏي وارو رح، مولانا محمد احمد لاهوري رح ۽ مولوي احمد علي رح سندس شريڪ رهيا . هجرت ڪابل؛ 1333 ھ ۾ شيخ الهند رح جي حڪم تي ڪابل ويا جيتوڻيڪ شيخ الهند رح جو تفصلي پروگرام جي خبر ڪون هئس تنهن ڪري سندس طبيعت هجرت کي پسند نه ڪيو پر حڪم جي تعميل ضروري سمجهيائين پر جڏهن ڪابل پهتا ته خبر پيس ته شيخ الهند جنهن جماعت ٺاهڻ ۾ پنجاه سالن کان محنت ڪندا رهيا تنهن ۾ سندس انتخاب شيخ الهند رح ڪيو ته پوءِ ان تي فخر محسوس ڪرڻ لڳا ۽ ستن سالن تائين ڪابل ۾ رهي شيخ الهند جي مشن لاءِ ڪم ڪندا رهيا . روس ڏانهن سفر؛ 1923 ء ۾ ترڪي وڄڻ ٿيس ۽ ست مهينه ماسڪو ۾ رهيا جئين ته ڪانگريس سان به ڄڙيل هئا ، تنهن ڪري روس مهمان واري حيثيت سان مولانا سنڌي رح کي مان ڏنو . لينن سان ملاقات ڪيائين ، انهن سفر دوران جيڪي حالتون ۽ سياست جو مشاهدو ڪيائين ۽ ان مطابق پنهنجي فڪر جو نهج ڄوڙيائين ، پاڻ مولانا سنڌي رح پنهنجو فڪر جي اهڙي نموني اظهار ڪن ٿا “ آءُ پنهنجي مطالعي کان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته منهنجي مذهبي تحريڪ جيڪا امام شاه ولي الله جي شاخ آهي ،هن زماني جي لاديني حملن کان محفوظ رکڻ جو تدبيرون سوچڻ ۾ ڪامياب ٿيس ، هن ڪاميابي تي پهريون نيشنل ڪانگريس ، ٻيو پنهنجن ساٿين جن ۾ هندستان جي هندو ۽ مسلم ساٿين ۽ سوشلسٽ ۽ نيشلسٽ به آهن ، ٽيون روس جو هميشه ٿورائيتو رهندس . جيڪر انهن ٽنهن جي مدد حاصل نه ٿئي ها ته اها تخصيص ۽ امتياز حاصل نه ڪري سگهيان ها ”. 1933 ء ۾ انقره (ترڪي) پهتا ، لڳ ڀڳ ٽي سال هتي رهيا ، تحريڪ اتحاد اسلام جو تاريخي مطالعو ڪيائين ، مستقبل ويجهڙ ۾ تنهن اتحاد جو مرڪز ڪٿي نظر نه آيس ، تنهن ڪري مولانا سنڌي رح ترڪن جيان اسلامي مذهبي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ڪرڻ ضروري سمهجيائين ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ پارٽي جو پروگرام چاپي ڇڏيائين جنهن ۾ سندس مذهبي تحريڪ هر مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي پئي ، مولانا سنڌي رح جي تحريڪ عدم تشدد واري تحريڪ هئي ، مهاتما گانڌي جا ڏاڍا ممنون هوندا هئا جو عدم تشدد واري پاليسي وارو اثر گانڌي جي کان اخد ڪي هيائين . ( ڪلمة الحق ضالة المومن من حيث وجدها فهوا احق بها) صفر 1345 ھ ۾ حجاز ( سعودي عرب) جو رخ ڪيائون 1936 ء ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جن ڪوششون ورتيون ته مولانا سنڌي رح لاءِ واپسي جا اپاءُ ورتا وڃن 1938 ء وطن ورڻ جي اجازت کين ملي وين 1939 ء ڌاري حج جو موسم هو حج ادا ڪري وطن واپس وريا . هندستان ۾ پروگرام ؛ مولانا عبيدالله سنڌي رح فرمائن ٿا ته “ هندستان پهچي منهنجو پروگرام اهو هوندو، 1: انڊين نيشنل ڪانگريس جو معمولي ميمبر جي حيثيت سان هميشه رهندس ، جيئن عدم تشدد واري منهنجي ذميواري قومي قانون اندر منضبط رهي ۽ جيئن آءُ پريشان ڪندڙن دوستن جي حرڪتن کان محفوظ رهي سگهان ، پر ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽي جو عملي حصي ۾ شرڪت نه ڪندس . 2: منهجنو محبوب مشغلو فلسفه امام ولي الله جي تعليم ۽ اشاعت هوندو . آءُ اعلى طبقي جي اهل علم وارن کي هن طرف متوجه ڪندو رهندس. هن ۾ ديني عالم ۽ دانش مند طبقو ٻئي مخاطب هوندا ، جيڪر غير مسلم هندو ، عيسائي آزاد دانش مند هن فلسفي جو مطالعو پسند ڪندا ته انهن جي مدد ڪبي . 3: جڏهن حالات سازگار ٿيا ته آءُ نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه ولي الله جي روشني ۾ اقتصادي اصول تي مستقل پارٽي تشڪيل ڏيندس ” . نوٽ : مضمون جو خلاصو خود مولانا عبيد الله سنڌي رح جي سوانح حيات پنهنجي ئي لکيل مضمون تان اخد ڪري ترتيب ڏنو ويو آهي . حوالو : مولانا عبيدالله سنڌي رح ڪي علوم وافڪار ( مولانا عدالحميد سواتي رح) مولانا عبيدالله سنڌي رح ناقدين ڪي نظر ۾ ( مولانا سعيد احمد اڪبرآبادي رح)
مولانا عبيدالله سياسي ميدان ۾ گهڻي محنت ڪئي ۽ سندس نطرين روسين کي به متاثر ڪيو۔ هو قومپرست خيالن جو ماڻهو هو جيڪو مذهب سان گڏ مقامي ماڻهن جي حقن کي پهرين اوليت ڏيڻ چاهيندو هو۔ اوهان سندس سوانح بابت سهڻو ليک ونڊ ڪيو آهي۔
اصل ۾ مولانا سنڌي رح فڪر ولي الله جو پوئلڳ هئا ۽ اسلام ۾ حب الوطني آهي سو سائين عظيم بر صغير ۾ حب الوطني جيڪو اسلام ۾ آهي تنهن کي هتي وٺهرائڻ جو ڪوششون ورتيون هيون ، سائين مولانا عبيدالله سنڌي رح پنهنجي وقت جي سياست توڙي جو روس يا ترڪي يا يورپ جي سياست تي نظر ۽ دسترس رکندا هئا تنهن ڪري شاه ولي الله جي فلسفي جي پرچار وقت ۽ ان سياسي حالتن کي مد نظر رکي ڪوششون ورتيون جنهن کي روس پاڻ پسند ڪيو پر مولانا سنڌي رح واري نظريعي مطابق ڪا به حڪومت هن وقت ڪون هئي تنهن ڪري روس وارن معذرت ڪيو ۽ مولانا سنڌي رح کي چيو ويو ته جيڪر اهو نظام ڪتي لاڳو هجي ها ته اسين ضرور ان جي پوئلڳي ڪريون ها ، مولانا سنڌي رح کي ڪن ڪميونزم پسند حضراتن خوامخاه مولانا سنڌي رح جي فڪر کي غلط رنگ ڏئي ڪميونزم جو پرچارڪ ڪوٺيندا آهن جا سراسر ڪوڙ ۽ مولانا سنڌي رح مٿان بهتان آهي ، ٻيو وري ڪجه ڪراچي جا حضرات مولانا سنڌي رح جي فڪر جي غلط تشريح ڪري رهيا آهن ، ضرورت هئي مولانا عبيد الله سنڌي رح جي صحيح فڪر کي عوام آڏو روشناس ڪرائڻ تنهن ڪري شروعات مولانا سنڌي رح جي سوانح کان ڪيم ، انشاء الله وقت سر مولانا سنڌي رح بابت مضمون ونڊ ڪبا ، اوهان جي وڏي مهرباني جو پنهنجا ويچار ونڊ ڪيو پلس ۾ سائين ذيشان رشيد ۽ محترم عرس پريو جن جي مهرباني جو مضمون کي پسند فرمايائون۔
ادا طاهر سنڌي اوهان جا ڪامينٽس پڙهي تمام خوشي ٿي آهي ، هن ناڪارا جي اها ڪوشش هوندي ته امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح بابت بهتر کان بهتر مضمون پيش ڪجن جيئن سائين سنڌي رح بابت هر پهلو ته روشني پئجي سگهي ، هر دفعي ٻيهر اوهان جي ۽ دوستن جي مهرباني جو منهنجي ڪاوش کي سارهايو