0300 ڪوڊ جيڪو ڪافي عرصي کان موبلنڪ استعمال ڪندڙن جي سڃاڻپ رهيو آهي۔۔ هاڻي ان ۾ هڪ وڌيڪ زيرو شامل ڪندي تازو موبلنڪ طرفان سيريز 03000 کي پيش ڪيو پيو وڃي۔۔ هن نئين سيريز ۾ پنهنجي پسند جو نمبر يا وري گولڊن نمبر پوسٽ پيڊ يا پري پيڊ جي صورت ۾ خريد ڪري سگهجي ٿو۔۔ ان سلسلي ۾ موبلنڪ طرفان قيمتن جي باري ۾ ڪنهن قسم جي معلومات فراهم نه ڪئي وئي آهي۔۔ پر ٻين نيٽ ورڪس جي اهڙين آفرس کي ڏسندي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سلور يا گولڊن نمبر جون قيمتون گهٽ نه هونديون۔۔ گولڊن نمبر رکندڙ شوقينن کي ٻڌائجي ته هي نئين سيريز تمام سروس سينٽرس تي موجود آهي۔۔۔
ادا 03000کان پو۽ ست نمبر هوندا يا وري ڇهه نمبر هوندا ان بابت ڪا معلومات ڪنهن دوست کي هجي ته ونڊ ڪري سدائين گڏ
جيڪڏهن 12 نمبر هوندا ته پو ڪهڙي ڪم جو، فائدو تڏهن آهي جڏهن ساڳيا اوترا ئي نمبر هجن تاڪِ 0 (اضافي زيرو) جو فائدو ٿئي ۽ نمبر آسان ٿي وڃي۔
يار اسان جي لا ته پنجاھ روپين واري سم سڀ کان بهتر آ اها به ساڳيو ڪم ڏيندي باقي شوق جي ته ڪا بها ئي ڪانهي
اسان ته 0300 مان ئي ايترا خوش آهيون جو ٻي در واجهائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان واري ڪار آهي۔ نيٽورڪ جيز ۽ فون نوڪيا۔ ٻيو ڪو نه لڳو ۽ نه لڳو!