ملنگا هٿان انگلينڊ ورلڊ ڪپ کان ٻاهر.... سري لنڪا ۽ ويسٽ انڊيز سيمي فائنل ۾

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سري لنڪا بهترين آل رائونڊ راند ڏيکاريندي دفائي چيمپيئن انگلينڊ کي شڪست ڏئي نه صرف اعزاز حاصل ڪرڻ جو ڊوڙ کان ٻاهر ڪيو پر ويسٽ انڊيز جي خوشين کي ٻيڻون ڪندي پاڻ سان گڏ انهن کي به سيمي فائينل ۾ پهچائي ڇڏيو۔۔۔۔
    مقابلي جو ماڻهون هو لاسٿ ملنگا جنهن جون پنج وڪيٽون انگلينڊ جي تابوت جا آخري ڪوڪا ثابت ٿيون۔۔
    پالي ڪيلي ۾ کيڏندڙ سپر ايٽ جي هن گروپ جي آخري مقابلي ۾ سري لنڪا شاندار بيٽنگ ڪندي 168 رنسون جوڙي ورتيون ۽ انگلينڊ جي لاءِ ٽارگٽ 169 رنسون بيهاريو۔۔۔ پر انگلينڊ جي شروع ۾ ئي ملنگا تڏا ويڙهه شروع ڪري ڏني ۽ پنهنجي ٽئي اوور ۾ رڳو 4 بالن تي 3 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون۔۔۔ مقابلو اتي ئي فرق ڏيکارڻ ٿي لڳو پر مورگن ۽ پٽيل سٺي ويڙهه ڏيکاريندي هڪ موقعي ته پاسو پلٽڻ جي پوزيشن ۾ پهتا ٿي پر هڪ دفعو ٻيهر ملنگا جي واپسي رهي سهي ڪسر به پوري ڪري ڇڏي۔۔ جنهن 4 اوور ۾ 5 وڪيٽون کڙڪائي ورتيون۔۔ ۽ انگلينڊ کي 19 رنسون پهريان ئي قابو ڪري ڇڏيو۔۔۔
    ان فتح سان گڏ ئي سري لنڪا سپر 8 مرحلي ۾ ناقابلِ شڪست رهندي 6 پوائنٽن سا پهرين نمبر تي پهتو ۽ ويسٽ انڊيز 4 پوائينٽن سان ٻئي نمبر تي۔۔۔ سڀاڻي جي موتمار ڏينهن کان پوءِ فيصلو ٿيندو ته سري لنڪا جي مقابلي ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ ڪهڙي ٽيم سان سندس سيمي فائينل ۽ ويسٽ انڊيز سان ڪهڙي پهرين نمبر جي ٽيم جو مقابلو ٿيندو۔۔۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو