• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسٽريليا اسپين جي ڄار ۾ ڦاسي پيو... پاڪستان سيمي فائينل جو راهي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهندڙ آسٽريليا جي ٽيم خلاف پاڪستان 32 رنسن جي ڪاميابي ماڻي سيمي فائينل کيلڻ لاءِ راهي ٿيو۔۔۔ مقابلي ۾ پاڪستان جي اسپنر آسٽريليا کي اهڙو سوگهو ڪيو جو ڪپتان پروفيسر کي فاسٽ بالر 17 اوور ن کان پوء لاهڻو پيو۔۔۔
ٽاس هارائيندي پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ شروع ۾ وڪيٽون وڃائڻ ڪري رن ريٽ ڪافي سلو رهيو پر ناصر جمشيد جي ذميداري واري اسڪور 55 رنسن پاڪستان جي اسڪور کي به ڌڪيندي 149 تائين پهچايو۔۔۔
بظاهر آسٽريليا جهڙي ٽيم لاءِ آسان ٽارگيٽ 150 رنسون ان وقت ويتر ڏکيو ٿي ويو جڏهن سندن اوپنر ۽ بهترين بيٽسمين واٽسن جلدي آئوٽ ٿي ويو۔۔۔ ۽ جڏهن صورتحال اسپن جي ڄار ۾ ڦاسندي 65 تي 5 وڪيٽون وڃائڻ تي پهتي ته مردِ بحران مائڪ هسي فيصلو ڪيو ته آسٽريليا کي سيمي فائينل ۾ پهچڻ لاءِ گهربل 112 رنسن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۔۔۔ ته جيئن وڪيٽون بچائيندي صرف سيمي فائنل لاءِ ڪوائليفائي ڪري وٺجي۔۔۔ ۽ ائين ٿيو۔۔۔ آسٽريليا ميچ هارائي به سيمي فائنل ۾ پهچي ويو۔۔۔
پاڪستان ميچ 32 رنسن تان کٽي انڊيا لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي جو ان کي سيمي فائينل ۾ پهچڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا کي 32 رنسن تان شڪست ڏيڻي پوندي جيڪا ايتري سولي بلڪل به نه آهي ۔۔۔۔۔ ڪجهه به هجي پر آسٽريليا جهڙي ٽيم جي اهڙي راند کيڏڻ تي يقينن سڀ کان وڌيڪ انڊيا جا ماڻهو ڪاوڙيا هوندا۔۔۔


4675.jpg
 
ٻروچ جي خواهش ته پوري ڪانه ٿي پر منهنجي پيشن گوئي صحيح ثابت ٿي۔۔۔۔۔۔ پاڪستان مسلسل چوٿون ڀيرو سيمي فائنل ۾ پهتو۔

ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته آسٽريليا 112 جو ٽارگيٽ رکي کيڏي رهيو هو 150 جو۔ جيڪڏهن ٻئي بال تي ناصر جمشيد جو آسان ڪيچ نه ڇڏيو وڃي ها ته شايد صورتحال ئي ٻي هجي ها۔
 
نيتن تي دارومدار هوندو آهي سريش رائنا عمر اڪمل جي ڪئچ پڪڙڻ کان پوءِ تماشائين کي خاموش رهڻ لاءِ اشارا ڪري رهيو هو پر ٿين اهڙي جو پاڻ خاموشيءَ سان ممبئيءَ جي ٽڪيٽ وٺي روانا ٿيا
 
نيتن تي دارومدار هوندو آهي سريش رائنا عمر اڪمل جي ڪئچ پڪڙڻ کان پوءِ تماشائين کي خاموش رهڻ لاءِ اشارا ڪري رهيو هو پر ٿين اهڙي جو پاڻ خاموشيءَ سان ممبئيءَ جي ٽڪيٽ وٺي روانا ٿيا
اڄوڪي ڪاوش ۾ سريش رائنا پاڪستاني ٽيم کي گار گند ڪئي آهي، ان کي سبق سيکارڻ گهرجي۔۔
 
Back
Top