تمام سٺي ڳالهه ۔۔۔۔۔ ان ڏينهن سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل تعليمي ڪانفرنس ۾ کنگهاراڻي صاحب جي ڳالهين جو مهور به اهوئي هيو ته اسان تعليم جي ڳالهه ته ڪيون ٿا پر عورتن جي تعليم جي نه ٿا ڪيون، اهوئي سبب آهي جو اسان جا اسڪول ڪامياب نه ٿا ٿين۔ عورت جيڪڏهن پڙهيل هجي ته اها سٺي ماء، ذميوار گهرواري ۽ سلڇڻي ڌيء ٿي سگهي ٿي۔
سٺو ڏاڍو سٺو، پر اھي ڳالھيون جڏھن به مان پنھنجي دوستن رشتيدارن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، تڏھن چوندا آھن ته ڇو اسان ڪي ڀڙوا آھيون ڇا جو پنھنجي نياڻين کي گھر کان ٻاھر ڪڍون، وقت ۽ حالت کي ڏسجي ته ڳالھ ڳاٽي کان چڙھي وئي آھي، مان جڏھن ڳوٺ ويندو آھيان ته اسڪول کان موٽندي ڇورا نياڻين کي اھڙو ڏسندا آھن جو بس پگھر لھي ايندا آھن۔
بلڪل سائين ان ڪري ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته (علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي)۔