جَهانَ کي ڏيو مبارڪون سنڌ کي ورهائيندا پيا اچون اقتدار کي بچائيندا پيا اچون اسان مِير پِير وڏيرا اقتدار جا بکيا اسان وٽ بينظير ڪارڊ جا پَته سڄي قوم کي بيوقوف بڻائيندا پيا اچون اسين سنڌ کي ورهائيندا پيا اچون فقير قائم شاه ڀنگوڙي آف خيرپوري
تازا ترين رپورٽ: نئين بلدياتي نظام خلاف عوام جي شديد رد عمل کي ڏسندي پيپلزپارٽي پاران احتجاج دوران ايم پي ايز ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاھه جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿي گذريو، ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان واڳيل وزيرن ۽ ايم پي ايز شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير ايم پي ايز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شريڪ نه ٿين ۽ ان حوالي سان پارٽي موقف جو ڀرپور دفاع ڪن، جنهن تي ڪجهه وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن مڪاني آرڊيننس جي وڪالت کان معذرت ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن سندن تڪن ۾ عوام جهڙي ريت احتجاج ڪيو آهي ۽ سندن گهرن جي آڏو توا، چوڙيون ۽ جوتا ٽنگيا آهن، ان سان نه رڳو سندن شخصيت، ڪردار ۽ خاندان تي غلط اثر پيو آهي، پر اتي عوام ۾ سندن خلاف تمام گهڻي چڙ پڻ آهي، هاڻي جيڪڏهن اسان پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وينداسين ته شايد اسان سان عوام جو رويو ڪجهه مختلف هوندو، ان ڪري اًڃا به وقت ناهي ويو جيڪڏهن حڪومت بل کي وٿ ڊرا ڪري ته وري به عوام ۾ سرخرو ٿي سگهون ٿا، نه ته اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيڻو هوندو پر ان کان پهرين پارٽي سان گڏ اسان جي شخصي حيثيت پڻ مجروح ٿي رهي آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اهڙيون شڪايتون ٿيڻ کانپو فيصلو ڪيو ويو ته پ پ ايم پي ايز ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي وڌائي ويندي ان حوالي سان وڏي وزير هدايت ڪئي ته وزيرن ۽ ايم پي ايز جي گھرن ۽ آفيسن آڏو سڪيورٽي اهلڪار بيهاريا وڃن.
نثار کهڙي جو جلال شاهه پاران ”سنڌ جو غدار“ لقب ملڻ کانپو جلال محمود شاهه کي ڏنل جواب: سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه پاران اسپيڪر نثار کهڙي کي غدار ڏيڻ کانپو نثار کهڙي جلال شاهه سنڌ جو غدار قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻين تي آڱريون کڻڻ کان پهرين پنهنجي جي ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي، جلال شاهه پاران مون کي غدار قرار ڏيڻ تي ڏک، ڪاوڙ ۽ افسوس آهي، مون سڄي زندگي کليل نموني ڳالهايو آهي، اڄ به آ ميڊيا آڏو ان ڪري آيو آهيان ته جلال شاهه مون تي ذاتي طور حملو ڪيو آهي. هن چيو ته جلال محمود شاهه سنڌ تي ون يونٽ مڙهيندڙ ايوب کهڙي سان گڏ مون کي بيهاريو آهي، ان ڪري مان به جلال شاهه کي سندس چهرو ڏيکاريان ته بهتر ٿيندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي نمبر هڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسپيڪر نثار احمد کهڙي وڌيڪ چيو ته مان ورڪر ڪلاس جو ننڍو ماڻهو آهيان، ان ڪري چڱي ريت يادگيري آهي ته جلال شاهه جي ڏاڏي سائين جي ايم سيد به سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جو ريزوليشن پاس ڪرايو هو ۽ ان پنهنجي ڪتاب لکيو آهي ته ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لا به ايوب کهڙي پاران ورتل ڪوششن ۾ جي ايم سيد گڏ هو. هن چيو ته اسان تي غداري جا لقب هڻندڙ جلال شاهه عوام کي ٻڌائي ته هو جڏهن ڊپٽي اسپيڪر هو ته ڇو هن سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهرا پيش ٿيڻ نه ڏنو ۽ جڏهن اسان زور ڀريو ته هو ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويو ۽ اسيمبلي جون لائيٽون بند ڪرائي ڇڏيائين. هن جي مونسان ذاتي رنجش آهي ۽ پيپلزپارٽي جو مخالف آهي، ان ڪري ڪنهن به چڱي ڳالهه جي هو حمايت قطعي نه ڪندو، پر کيس ٻڌائيندو هلان ته هي اها ئي پيپلزپارٽي آهي، جنهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ سندس ڏاڏي محترم جي ايم سيد کي ملڪ سڪندر هٿان شڪست ڏياري هئي ۽ هي اها ئي پيپلزپارٽي آهي، جنهن 80ع واري ڏهاڪي ۾ امداد محمد شاهه آڏو اميدوار نه بيهاري کيس اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ نصيب ڪرايو هو. نثار احمد کهڙي چيو ته ڪمون شهيد واري ڌرڻي ۾ امداد محمد شاهه ته پهتو، قادرمگسي ۽ بشير قريشي به شهيد بينظير ڀٽو جي حفاظت لاءِ پهتا پر جلال محمود شاهه نه آيو. اڄ بلدياتي بل تي اعتراض ڪندڙ جلال محمود شاهه ٻڌائي ته مشرف واري مڪاني نظام تحت هو چونڊ ڇو وڙهيو هو؟ ۽ هاڻ به جيڪڏهن هن نئين مڪاني نظام تحت چونڊون ٿيون ته ڏسون ته پو هو ان ۾ حصو نه وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته هي اهو ئي جلال شاهه آهي جنهن حيدر منزل تي ويهي ايم ڪيو ايم ۽ جسقم ۾ معاهدو ڪرايو هو، اڄ اهو ئي جلال شاهه ايم ڪيو ايم خلاف ڳالهائي رهيو آهي، ڪنهن کي لقب ڏيڻ کان پهرين سوچڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي نظام خلاف احتجاج پوائنٽ اسڪورنگ لا ڪيو پيو وڃي. قانون ۾ جيڪڏهن ڪا خامي آهي ته ان تي ڳالهايو وڃي، جنهن کي ترميم ذريعي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته احتجاج دوران پوليس بيهاري توا ۽ چوڙيون ٽنگڻ واري عمل کي روڪي سگھياسين پئي، پر اسان ائين نه ڪيو آهي. هن چيو ته بلدياتي آرڊيننس بابت عوامي مينڊيٽ تي اڪثريت راءِ ورتي ۽ بل پاس ڪيو. ڄام مدد کي چيو هو ته پنهنجي سيٽن تي ويهي احتجاج ڪيو پر هن نه مڃيو اسان فنڪشنل ليگ کان به راءِ ورتي هئي بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو ۽ اسيمبلي مان ئي پاس ڪرايو. هن چيو ته مڪاني نظام خلاف اڳ ۾ اعتراض هو ته بل اسيمبلي ۾ پيش ڇو نه ٿيو رات جي انڌيري ۾ آندو ويو هاڻي سڀني ڏٺو ته بل اسيمبلي مان پاس ٿيو آهي، تنقيد سڀني تي ٿيندي آهي عدالتن تي به تنقيد ٿيندي رهي ٿي. هن چيو ته ضياءَ دور ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن هئي ٻيا شهر نه هئا، مشرف دور ۾ ڪراچي سٽي گورنمينٽ هئي تڏهن سنڌ نه ٽُٽي هاڻي به نه ٽُٽي آهي هن چيو ته نئين مڪاني نظام جو فارمولو جوڙيندڙ ڪميٽي ۾ شامل نه هيس، ڪميٽي کي چيو ويو هوندو ته هنن ماڻهن سان ملو نئين مڪاني نظام واري بل کي جمهوري چئي سگھجي ٿو ان جي پاس ٿيڻ سان سنڌ جي ورهائجڻ واري موقف کي تسليم نٿو ڪريان. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته گهڻا ماڻهو 1973 واري نظام کي به تسليم نٿا ڪن، پر اڄ به 73ع وارو آئين بهتر نموني هلي رهيو آهي، هن بل سان ڪهڙو فائدو ٿيندو اهو وقت اچڻ تي پتو پوندو. هن چيو ته اسان جي ڪجهه ميمبرن جي نه اچڻ جي ڳالهه ڪندڙ اهو به معلوم ڪن ته مخالف ڌر جا 7 يا 8 ميمبر ڪالھه ڪٿي هئا.
ڀلي ڪارڪن مارجن پر مڪاني نظام خلاف احتجاج جاري رهندو: قادر مگسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪارڪن جي مارجڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي هن چيو ته ڀلي ڪارڪن ماريا وڃن پر مڪاني نظام جو بل واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو.
منهنجي ٽَهيءَ جا سڀ گواهـ آهن، 4 اپريل 1979ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو هو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ هر گهٽي هر گهر ۾ ماتم هو ۽ پٿر وڇايل هو ۔ عين ان وقت جهنگلي ٻلو ( نثار کُهڙو) پنهنجي گهر ۾ مٺائي ورهائي رهيو هو۔ هاڻي هي ٻلو به پيپلز پارٽي جو چڱومڙس آهي ۔
هن وقت پ پ پ ۾ شامل اڪثر ماڻهون اهي ئي آهن جي ڀٽي صاحب، مرتضي ۽ بينظير جي قتل ۾ اڳ کان کان اڳرا رهيا ۽ مٺايون ورهايون هيون ۔۔۔ ڪي ضياء جي باقيات ته ڪي مشرف جي باقيات آهن ته ڪي وري سنڌ دشمن آهن ۔۔۔ انڌن کي سج جي روشني نظر ناهي ايندي ۔۔۔۔ اقتدار جي لاالچ، جاهل انسان جي دماغ تي انڌيرا چاڙهي ڇڏيندي آهي ۔۔۔ جيڪڏهن جلال شاه سنڌ جي خلاف ڪم ڪيو ته ڇا پ پ پ وارن کي سنڌ جي خلاف ڪم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو؛؟؟؟؟ جلال شاهه ته ذاتي طور تي هڪ ماڻهون آهي پر پ پ پ ته پوري ۽ مڪمل پارٽي آهي جنهن وٽ سنڌ ۾ اڪثريت آهي ته پوءِ ڀاڙيائپ ۽ سنڌ دشمني ڇو ۔۔۔؟؟؟؟ سنڌ جا موجوده سڀ سياستدان انڌا ٻوڙا ۽ عقل کان عاري آهن ۔۔۔ اڄ جي سياستدانن لطيف سرڪار جو هي بيت وساري ڇڏيو آهي ۔۔۔ سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري ۔۔۔ حيف تنن کي هوءِ وطن جن وساريو۔