اهڙو مونکي ٻار نه گهرجي ! ڌرتيءَ جو غدار نه گهرجي ! ڀَلي يار ، اسانجو يار نه ٿئي ! پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿئي !
هڪ بهادر سپاهي ،سچو مرد،دين اسلام لاء سر ڌڙ جي بازي لڳائيندڙ،فاتح ايران،الله جي حبيب سان پيار ڪندڙ سچو مسلمان،جنهن ڪڏهن اهيا تمنا ڪو نه ڪئي ته مان به بادشاه ٿيان ،دشمن کي هميشه شڪست ڏيڻ وارو،جنگ ۾ شهادت جي شوق سبب ڪاهي پوندو هو پر شهادت جي بجاء فاتح ٿي موٽندو هو،جهن جي هشمت کان دشمن ڏڪندا هئا۔ ان کي وقت جي هڪ ظالم حڪمران پاڻ وٽ گهرائي زهر ڏيئي مارائي ڇڏيو،جنهنجا پٽ پئ جي هشمت تي ناز ڪندا هئا سي ان وقت به ان سان گڏ هئا،جڏهن ان کي زهر ڏئي ماريو ويو هو۔ پر ان جي پٽن کي هڪ علائقي جي گورنري جي لالچ ڏئي ماٺ ڪرايو ويو، ۽ ڪمزور حاڪم انهن جي ان هشمت جو فائدو وٺي ان جي مضبوط قبيلي کي ٽڪڙن ۾ ورهائي انهن تي هميشه لاء قابض ٿي ويو ۽ انهن جي وچ۾ اهڙي ته نفرت وڌي جو آخر تائين ان ۾ سڙندا رهيا، ۽ انهن کي لالچن جي آڌار تي مسڪين ماڻهن جي قتل عام تي آمادا ڪندا رهيا ، جنهن ۾ ان بهادر جو ناليوارو پٽ ملڪ ري جي گورنري جي خواهش ۾ غدار ترين جو لقب وٺي مولا امام حسين عليه سلام جي ڪافلي تي چڙهائي ڪئي ۽ سر قلم ڪري نيزن تي چاڙهيا ۔،،،،،،،، پر افسوس جو ان غدار کي گورنري به ڪو نه ملي ۽ ان جي پڇاڙي اڄ ، بک ۽ بيابان ۾ هڪ مرد مئومن جي هٿئون جهنم رسيد ٿيو۔ غدارن کي هميشه تزليل ۾ رهڻو آهي هر وقت انهن تي لعنت وسڻي آهي چاهي صديون گزري وڃن پر انهن تان اها لهڻي ناهي، جن به سنڌ سان غداري ڪئي آهي هنن پانهجي لاء تاريخ مرتڪب ڪئي آهي ۽ وڏي عرصي لاء لعنت جو توق پنهجي ڳچيء ۾ پاتو آهي۔الله پاڪ هنن کي هر نعمت سان مالا مال ڪيو ملڪ جي بادشاهي وزارتون سڀ ڪجه عطا ٿيڻ جي باوجوب به هنن پنهجي لاء ڏينهن قيامت تائين لعنتن جا تاج پائي سرهائي حاصل ڪئي ،۽ خدا جي ناراضگئ سان گڏ پنهجي وطن ۽ ماروئڙن جون آهون جيڪي يقينن هنن کي هن دنيا ۽ آخرت ۾ عذاب ئي عطا ڪنديون ۽ زندا يا مرده لعنتون ئي وصول ڪندا ۔ غدارن تان لعنت ڪڏهن به ڪو نه لهندي ،ڀلي صدين پراڻي تاريخ کولي ڏسو۔ ڀَلي يار ، اسانجو يار نه ٿئي ! پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿئي !