TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
دوستن کي دعوت ٿي ڏجي ته هت هن موضوع ۾ اسان هن موضوع تي بحث ڪريون ته:
نئون مڪاني نظام ڇا آهي؟
ڇا هن جا سنڌ جي وحدت تي منفي يا مثبت جي اثر پوندا؟
ڇا مڪاني نظام سنڌ جي حال، مستقبل قريب يا بعيد تي ڪنهن به نموني اثر انداز ٿئي ٿو؟
ڇا مڪاني نظام سنڌ جي ڀلائي ۾ آهي يا نه؟
اڄ ڪلھ ان نظام جي خلاف ڪجھ مخصوص پارٽين واويلا شروع ڪري ڏني آهي، ڇا اها واويلا صحيح سمت ۾ آهي يا اَجائي آهي؟
ڇا اوهان مڪاني نظام پڙهيو به آهي يا نه؟
ڪهڙا دليل آهن ته اهي پارٽيون يا ڪجھ قوم پرست دوست اهي واويلا پنهنجن مخصوص مفادن جي ڪري نه پيا ڪن؟
حقيقيت ۾ اهي ۽ ٻيا کوڙ سارا سوال ذهن ۾ اڀري رهيا آهن، جيڪي اطمينان ڏياريندڙ جوابن جي تلاش ۾ آهن۔
دوستن کي دعوت ڏجي ٿي ته هن بحث ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن۔