افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
سنڌي ميڊيا جو ڪردار
معاشري ۾ سيڪولرزم کي وڌائڻ جون ڪوششون
(تنظيم فڪرونظر پاران 10 رمضان المبارڪ تي يوم باب الاسلام جي وڏي گڏجاڻي ۾ پڙهيل مقالو)
سيڪولر لڏي کي اڀارڻ :
سنڌي ميڊيا جي خبرن کي پڙهبو ته دين پسند اديبن ، سياستدانن ۽ سماجي اڳواڻن جي بيانن ۽ خبرن کي نه ڏيڻ يا ننڍي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ، پر سيڪولر اديبن، سياستدانن ۽ سماجي اڳواڻن جي بيانن ۽ خبرن کي نمايان جاءِ ڏيڻ ۽ وڏين سرخين سان ڇاپڻ جا ڪم ٿيندا آهن . ڪالمن ۽ مضمونن ۾ به سيڪولر ٽولي کي ئي اهميت ۽ جاءِ حاصل هوندي آهي. جنهن مان واضح آهي ته سنڌي ميڊيا غير جانبدار نه آهي .
سنڌي ميڊيا تي خاص فرقي کي اڀارڻ ۽ هٿي ڏيڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي ، محرم شريف ۾ هڪ خاص مڪتبه فڪر جا پروگرام ، مضمون ، شاعري ڏھ ڏينهن هلندي آهي . ايتري قدر جو 21 رمضان تي حضرت علي رضي الله عنه بابت به هنن جا مضمون ۽ تقريرون هلنديون آهن .
منهنجو اهو مطلب هر گز ڪونهي ته حضرت علي رضي الله عنه ۽ حضرت حسين رضي الله عنه بابت پروگرام ، مضمون ۽ شاعري نه هجي ، پر اهو آهي ته اهو هڪ فرقي مطابق ڇو هجي ۽ ٻيو ته صحابه ڪرام خصوصا خلفاءِ راشدين مان ٽن خليفن حضرت ابو بڪر رضي الله عنه ، حضرت عمر رضي الله عنه ، حضرت عثمان رضي الله عنه بابت پروگرام ، مضمون ، ڪالم ۽ شاعري کي ڇو نٿو ڏنو وڃي . خانگي ٽي وي چينلن تي رمضان ، محرم يا ٻين موقعن تي ديوبندي مولوين کي ڄاڻي واڻي موقعو نٿو ڏنو وڃي ، ايتري قدر جو عالمي ليول جي مشهور نعت خوان حاجي امداد الله ڦلپوٽو کي ٽي وي وارا نٿا آڻين ، اهو حال نعتيه مشاعرن جو آهي ، حالانڪه هر مڪتبه فڪر کي موقعو ڏنو وڃي . اخبارن يا ٽي وي خبرن ۾ اهو لکڻ يا چوڻ “ شيعي اڳواڻ جو قتل ” فرقه واريت کي هٿ وٺرائڻ آهي ، ڀلا اهو ڪڏهن لکيو ويو ته “ سني اڳواڻ جو قتل” .
ٽي وي چينلن تي “ يا علي مدد” چيو ۽ ان کي فروغ ڏياريو وڃي ٿو ، جڏهن ته شيعي، سني، بريلوي، ديوبندي اهل حديث مان ڪوبه اهڙو ڪونه آهي جيڪو “ السلام عليڪم” تي اعتراض ڪندوهجي ، پر انهن مڃيل لفظن “ السلام عليڪم ” کي معمول بنائڻ بجاءِ هڪ مخصوص فرقي جي لفظن کي فروغ ڏيارڻ واري پاليسي مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي ميڊيا فرقه پرستي کي فروغ
ڏياري رهي آهي .
اسلامي صفحه نه هجڻ :
سنڌ جي غالب اڪثريت آبادي مسلمان ۽ اسلام سان محبت ڪندڙ آهي ، پر سنڌي اخبارن ۾ جمعه جا اسلامي صفحا رکيل نه آهن ، سواءِ ٻن اخبارن خبرون ۽ سڪار جي ، جڏهن ته ڪاوش ۾ ڪيترائي سال پهرين جمعي جي ڏينهن هڪ اسلامي يا اخلاقي مضمون ڏنو ويندو هو ، پر هاڻي بند آهي . سوڀ به اسلامي صفحو ڪڍڻ شروع ڪيو هو ، پر هاڻي اهو به بند آهي . هلال پاڪستان ۾ اسلامي صفحي جو اعلان ٿيو هو پر عمل نه ٿيو . اهڙي طرح سنڌي اخبارن ۾ خلفاءِ راشدين جي وفات ۽ شهادتن جي ڏينهن تي خاص ايڊيشن يا مضمون نٿا ڏنا وڃن . روزانه ڪوشش ، تعمير سنڌ ، خبرون ، پاڪ سنڌ ۾ ان سلسلي جو ورلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مضمون ڏنو وڃي ٿو . سنڌي اخبارن ۾ اڳ ڪجه آيتن جي ترجمي جو سلسلو جاري هوندو هو ، جن ۾ عبرت ۽ خبرون شامل آهن پر هينئر ڪنهن ۾ به ڪون ٿو هلي .
مذهبي خبرن جي عدم اشاعت:
عام طور ڏٺو ويو آهي ته ديني ۽ مذهبي جلسا ، تربيتي پروگرام ٿيندا آهن ، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شامل هوندا ، پريس جي آزادي جا علمبردار سنڌي ميڊيا وارا جن جو اهو چوڻ هوندو آهي ته هو واقعاتي خبرون ڏيندا آهن ته مذهبي جلسا ۽ تربيتي ورڪشاپ به واقع ٿيندا آهن ، تن کي اين جي اوز جي هٿن تي گڻڻ جيترن ماڻهن جي پروگرامن يا هٿ سان ٺاهيل خبرن (mangeej news)جيتري به اهميت نه ڏني ويندي آهي . اهميت ته پري رهي پر اهي خبرون مورڳو نه نشر ڪيون وينديون آهن ۽ نه ڇاپيون وينديون آهن ، ٻئي پاسي قوم پرستي وارن انهن پروگرامن کي وڏي ڪوريج ڏني ويندي آهي . جيڪي ٻئي قوم يا گروپ خلاف متعصبانه هوندا آهن . ان جو هڪ مثال اهو به آهي ، جو امر جليل پنهنجي ٽي وي پروگرام ۾ پڇيو هو ته فقط ڇوڪريون يا عورتون مسلمان ڇو ٿيون ٿين ؟ ڇوڪرا يا مرد مسلمان ڇو نٿا ٿين ، حالنڪه نوجوان ڇوڪرا ۽ مرد به مسلمان ٿيندا رهن ٿا ، پر اها ڳالھ سنڌي پريس ۽ ميڊيا تي نٿي آندي وڃي . ان سلسلي ۾ 5.3.2012 تي بدين جو هڪ ڀيل خاندان گهوٽڪي ۾ باقائده تقريب ۾ مسلمان ٿيو ، جنهن ۾ 15 مرد ۽ 9 عورتون جملي 24 مسلمان ٿيا .(ڏسو ماهوار بيداري مئي 2012)
ايڏي وڏي واقعي کي سنڌي پريس ۽ ميڊيا ۾ ڇو نه رپورٽ ڪيو ويو ، ٿي سگهي ٿو ته مقامي صحافي اهڙي خبر موڪلي به هوندي پر نيوز ايڊيٽرن جي پاليسي تحت اها نه ڇاپي وئي ۽ نه نشر ڪئي وئي . سوال آهي ته اها خبر سنڌي ميڊيا ۾ ڇو نه آئي ؟ ان ۾ ڪهڙي فرقه واريت هئي يا مذهبي تعصب هو ، وري مذهبي تعصب واريون خبرون ته فلاڻي ڇوڪري کي زوري مسلمان ڪيو ويو ، سنڌي ميڊيا خبرن ۽ مضمونن جي صورت ۾ آندا . اهڙي طرح جيڪڏهن ڪٿي ڪو هندو سيٺ اغوى ٿين ٿا ، پوءِ اتي اهو ڇو نٿو لکيو وڃي ته مسلمان سيٺ يا مسلمان ڊاڪٽر يا مسلمان ناري قتل . آخر اهڙن بدامني جي خبرن کي مذهبي تعصب ڄاڻائي هندو مسلم نفرت کي ڇو ٿو ڀڙڪايو وڃي؟
مذهبن سان ٻتو معيار:
جيڪڏهن ڪنهن عام ريلي خاص ڪري سيڪولر ۽ قوم پرستي جي ريلي يا جلسي ۾ بم ڌماڪو ٿئي ته مارجي ويلن کي سنڌي ميڊيا ۾ انهن کي “ شهيد” لکيو وڃي ٿو ، پر مدرسي ۽ مسجد ۾ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن لاءِ لکيو ٿو وڃي ٿو ته “ مارجي ويا ” اتي اها ڳالھ سمجه ۾ نٿي اچي ته ڀلي ڪم سان لڳل بي گناھ ماڻهن کي آخر “ شهيد” ڇو نٿو لکيو وڃي ؟ سندن ڏوھ فقط اهو هو ته اهي مذهب سان انس ۽ پيار رکن ٿا .
سونهاري ۽ ميڊيا:
سنڌي ميڊيا يعني اخبارن ، رسالن ۽ اڪثر ٽي وين تي ڏاڙهي وارن کي نه آندو ويندو آهي .زندگي جي ڪنهن شعبي سان وابسته ماهر جيڪڏهن ڏاڙهي سان آهي ته اهو سنڌي ميڊيا لاءِ نااهل آهي ، ايتري قدر جو اوهان ڏٺو هوندو ته سنڌيءَ جي وڏي اخبار “ڪاوش” ۾ پاڻي جي ماهر محمد ادريس راجپوت جا پاڻي جي موضوع تي لاجواب مضمون شايع ٿيندا رهندا آهن . ڪاوش اخبار ۾ هونئن ته هڪ ڏينهن پراڻي خبر به شايع نه ڪندي آهي ، پر ادريس راجپوت جي مضمون سان ان جي پراڻي تصوير جنهن ۾ هن جي ڏاڙهي نشان جي حد تائين آهي ، اها ڏني ويندي آهي ۽ سندس تازي تصوير جنهن ۾ هن جي سونهاري وڏي سنت مطابق آهي اها نه ڏني ويندي آهي . سبب ظاهر آهي ته متان ڏاڙهي واري تصوير ماڻهن ۾ ڏاڙهيءَ جي ترغيب پيدا ڪري .
اسلام جا اصول لڪائڻ:
سنڌي ميڊيا پاران اخبارن ۽ ٽي وي ۾ مروج اسلامي اصطلاح ۽ نالا لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن مذهب جي ترغيب گهٽ رهي ، مثال طور فاتح خواني ۽ جنازي بدران آخري رسمون ، قرآن پاڪ بجاءِ پاڪ ڪتاب ، نڪاح بجاءِ شادي جا ٻنڌڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا .
اسلامي اصطلاحن جو غلط استعمال:
سنڌي ميڊيا تي ڪجه اسلامي اصطلاح غلط استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪن کي نفرت انگيز بنائي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته مٿال طور:
1 . مال غنيمت: مفت جي مال ۽ ڦر جي مال لاءِ سنڌي ميڊيا تي اسلامي اصطلاح “ مال غنيمت” جو استعمال ڪري ان اسلامي اصطلاح کي نفرت انگيز بنايو پيو وڃي ، حالانڪه مال غنيمت اهڙو مال آهي ، جيڪو ويڙهاڪ ڪافر ڇڏي ويا هجن .
2: فتوى : وڏيرن جي فيصلن جي اعلان کي فتوى لکي غلط نموني متعارف ڪريو پيو وڃي ۽ اهو پڻ ميڊيا تي لکيو ۽ چيو وڃي ٿو ته فتوى نه ڏي ، ڄڻ فتوى ڪو غلط ڪم هجي ، حالانڪه فتوى اسلامي فقه جي ماهر ۽ ڄاڻو جي علمي راءِ کي چيو ويندو آهي .
3: شهيد يا شهادت: ميڊيا تي اسلامي اصطلاح غير مسلمن ، صوبي ، زبان ۽ ڌرتي خاطر وڙهندڙن لاءِ شهيد ۽ شهادت جا اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا . جڏهن ته اسلامي فقه موجب خدا جي نظام لاءِ جدوجهد ۾ جان قربان ڪندڙ مسلمان کي شهيد چيو وڃي ٿو ته پوءِ وطن ، ڌرتي ، زبان ۽ ڪميونزم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ يا غير مسلمان مارجي ويندڙ لاءِ اصطلاح شهيد ۽ شهادت ڇو ٿا استعمال ڪيا وڃن.
غلط اصطلاحن جو رواج:
سنڌي ميڊيا ۾ اسلام پسندن ۽ مذهبي ماڻهن لاءِ انتها پسند، بنياد پرست، دهشت گرد ۽ رجعت پسند جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا . جيسيتائين عدالت ڪنهن کي دهشت گرد نٿي ثابت ڪري، ان کي دهشت گرد چوڻ ڪٿان جو انصاف آهي . اهڙي طرح ميڊيا پاران دين پسندن کي رجعت پسند ، انتها پسند ۽ بنياد پرست قرار ڏيڻ جو اختيار کين ڪنهن ڏنو آهي . ٻين وانگر اهي الزام هيٺ اچن ته کين وڌ ۾ وڌ ملزم يا جوابدار چئي يا لکي سگهجي ٿو .
(ماهوار بيداري سيپٽمبر 2012 ۽ ماهوار الفاروق ذوالقعده 1433 ه جي ٿورن سان)