مائڪرو سافٽ آفيس جي پروگرامن لاءِ هڪ پلگ ان ” ٽيب “

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,671
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    آفيس ٽيب دراصل مائڪرو سافٽ آفيس لاءِ هڪ ننڍو ٽول آهي۔۔۔ جيڪو انهن دوستن لاءِ انتهائي ڪار آمد آهي جيڪي ڪمپيوٽر تي ويهي آفيس جا پروگرام جهڙوڪ مائڪرو سافٽ ورڊ، پاور پوائينٽ ۽ ايڪسل جهڙا پروگرام استعمال ڪندا آهن ۽ گڏ جيڪڏهن انٽرنيٽ به استعمال ڪندا هجن ۔۔۔۔
    ڇو ته اهڙن دوستن کي تمام گهڻي الجهن ٿي پوندي آهي جڏهن انهن جو ٽاسڪ بار مختلف پروگرام کولڻ سان ڀريو پيو هوندو آهي جن مان مطلب جي پروگرام ڏانهن سئچ ڪرڻ ۾ کين دشواري ايندي هجي ۔۔۔۔
    جيئن ته مائڪرو سافٽ آفيس جي سمورن پروگرامن جي عام طور تي ڊيفالٽ سيٽنگ تحت هر فائيل نئين ونڊوز ۾ کُلندي آهي ۽ ڪم ڪندي ڪندي ڪافي ونڊوز کولڻ ڪري نه صرف الجهن پيدا ٿيندي آهي پر ڪمپيوٽر به پنهنجي ميمري انهن نين کليل ونڊوز کي بيهارڻ تي خرچ ڪندو آهي۔۔۔۔
    هن ننڍڙي ٽول کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ آفيس 2003 ۽ 2007 جي هر فائيل کي توهان ان ئي پروگرام ۾ هڪ وڌيڪ ٽيب ۾ کولي سگهو ٿا جنهن ڪري توهان کي ٽاسڪ بار کي ترتيب ڏيڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي۔۔۔

    OfficeTab 1.22 ٽول ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    واه واه ادا زبردست نيو شيرنگ ڪئي آهي پر ڪمال جي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو