ڊراپ سين۔ ڪنهن پڇو :_” دوستي ڇا آهي؟ مون ڪنڍن جي طرف اشارو ڪيو۔ هن وري پڇو:_ ”ڪيترو پيار ڪندو آهين دوست کي؟ مون پورو آسمان هن کي ڏيکاريو۔ هن وري پڇو:_ ”ڪيئن رکندي دوست کي؟ مون مهڪندڙ گلاب هن کي ڏيکاريو۔ هن وري پڇو:_ ”ڪيئن رهندي هن سان گڏ؟ مون زمين تي پنهجي پاڇلو (سايو) هن کي ڏيکاريو۔ هن وري پڇو:_ ”ڪيترو خوبصورت آهي تنهنجو دوست؟ مون چوڏهين جو چنڊ هن کي ڏيکاريو۔ هن وري پڇو:_ڪڏهن تائين هن سان گڏ رهندي؟ مون چماٽ هڻندي هن کي چيو ”هاڻي چپ به ڪر ڪيترا مون کان ڪوڙ ڳالهرائيندي“ (هههههههههههه ههههههههههههههههه ههههههههههههههههه)
ســــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــائـــــــــــيـــــــــــــــــــــــن واه جو ٻڌائي اٿوَ زبردست
چئي نه ٿو سگهجي ته هي موضوع ڪهڙي ٽيڪنيڪل مسئلن تحت کل ڀوڳ شامل ٿي ويو آهي۔ ان ۾ موضوع ۾ مان صرف ايترو چوندس ته مذهبي منافقتون منافرتون بد ديانتون ۽ خيانتون سڀ جو سڀ پنجاب کان شروع ٿين ٿيون ۽ پنهنجي جيجل کي به لهس اتان ئي ٿي اچي۔ لاڙڪاڻي ۾ منهنجي پاڙي ۾ قديم عيد گاه آهي جيڪا مشهور مولوي مشوري جي مسجد سان آهي ۔ ۽ ان پاڙي ۾ اڪثريت شيعا مسلمانن جي آهي ۽ ان مسجد هلي چلي 1982ع تائين اهي شيعا ئي ڪندا هئا۔ مجال هئي ڪنهن جي جو ڪو ڪنهن کي منع ڪري هت نماز نه پڙه يا مسجد سڳوري جي ڪا حاجت هجي ۽ ان ۾ ڪا دير ٿئي جنهن کي به اڳ ۾ خبر پوندي هئي ته مسجد لاءِ هي ضرورت آهي ته اهو سرٽوڙ ڪوشش ۾ خاموشي سان لڳي ويندو هو جيئن اها سعادت ڪنهن ٻئي کي نه ملي۔ ۽ هاڻي !!!!!!!!!!!!!! لاڙڪاڻي اسانجو استاد محترم آنجهاني سائين نانڪ رام کي آخري ڏينهن ۾ ڊپلوميا ٿي وئي هئي ان جي صحت لاءِ دعاڳو ۽ سندس مدد لاءِ لاڙڪاڻي جو ڪهڙو مسلمان نه هو جو شامل نه هو ۔ لاڙڪاڻي شهر ۾ مون ٻه جنازه اهڙا ڏٺا جنهن ۾ ڪوٺ ڏنل ڪانه هئي لاڙڪاڻي جو عوام ازخود شامل هو هڪ سيد خادم حسين شاهـ ۽ ٻيو ڪاڪو موٽومل اڄ هندو برادري ته پنهنجي جڳهـ تي مسلمان ، مسلمان جي هٿ جي شئي کائڻ لاءِ تيار ڪونهي۔ ڪاڏي ويا اسانجا اهي حقيقي رهنما علما سائين خيرمحمد جعفري ، سائين خيرمحمد چانڊيو ، مولانا حقاني ( خالد محمود جو والد) ، سائين مولانا عبدالله چانڊيو، سائين محمد صالح ڀٽو، خاص طور سائين مولوي وليدائي ، هنن ڪڏهن به اها تعليم نه ڏني هئي ته هو ڪافر ۽ هو مسلمان آهي ، هنن انسانيت جو درس ڏنو هو سهپ سيکارڻ ۾ رُڌل رهيا ۔