رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
لهن ڪين چيتي تان هرگزاباڻا،
سدائين سدورا سٻاجها سياڻا ۔
ٺڳي ڊوهـ دولاب هرگز نه ڄاڻن،
اڳي به اياڻا ته اڄ به اياڻا ۔
اُهي ڏٿ ڏهاڙي ٿا آڻِن ۽ چاڙهِن،
پپون ڦوڳ ڦلڙيون للر لنب لاڻا۔
بکيا پيٽ تن جا ،سدا انگ اگهاڙا،
ڪمائين هميشه ٻين ڪاڻ ناڻا۔
ڪري ڏاڍ آرڏي زماني رُئاڙيا،
سُڪا نيڻ هرگز نه تنجا نماڻا۔
دٻايل ستايل هيسايل منجهايل،
هميشه جيان مجبور اڄ ڀي اباڻا۔
نڪا رات پنهنجي نڪو ڏينهن تن جو،
پراون درن تي انهنجا وهاڻا۔
ٻڌو تن ته ڄمندئي نوڪرن جو نالو،
تڏهن کان ئي وسريامزورن کان ماڻا۔
ٻڌيون ڪنهن نه آهون ۽ دانهون انهنجون،
ڪڏهن عرض آزيون نه تنجا اگهاڻا۔
جڏهن ڀي وري ڪائي وسڪار ٿي پئي،
ٽِمي پيا غريبن جا پکڙا پراڻا۔
هوائن جي شهزور جهوٽن جهڪن کان،
ٻريا ئي ڏيئا مس ته ٻيهر اُجهاڻا۔
ڪرم ڪاڻ تنهنجي اکين ۾ اوسيئڙو،
ڪڏهن ڏينهن ڦرندا انهنجا نڄاڻا۔
ڪرم ٽالپر