مست
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو!۔۔۔
افسوس سان ٻڌائڻو پوي ٿو ته اڄ سنڌ جو لوڪ ۽ صوفي فنڪار سهراب فقير خيرپور ۾ پنهنجي اباڻي گهر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔۔ اڄ صبح ئي کيس ڪراچي جي اسپتال ۾ لاعلاج قرار ڏيڻ کان پوءِ سندس خواهش تي ڳوٺ آندو ويو۔۔۔
هي خبر پاڪستاني ٽائيم تي 8:45 بجي نشر ٿي آهي۔۔
ڪاوش ۾ ڇپيل تفصيل....عالمي سطح تي شهرت ماڻيندڙ سنڌ جو ناليوارو صوفي راڳي سهراب فقير ڪينسر سان جهيڙيندي ۽ سرڪار جي بي حسي جو شڪار ٿيڻ بعد ڪالهه شام جو هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو، ڪينسر جي بيماري سبب سهراب فقير کي 19 ڏينهن اڳ سکر جي هڪ خانگي اسپتال مان علاج ڪرائڻ کانپوءِ ڪراچي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس مناسب علاج نه ٿيڻ سبب هو زندگي مان مايوس ٿي واپس ڪالهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا پهتو ته هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. جناح اسپتال ۾ داخل هجڻ دوران سندس اکيون آخر تائين موسيقي سان محبت جون دعوائون ڪندڙن جي آمد جي آس ۾ کليل رهيون پر ڪو به لڙي نه آيو، ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن توڙي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار کان مايوس ٿيڻ کانپوءِ سهراب فقير ڪالهه صبح پنهنجي پٽ کي ساڻ ڪري واپس ڳوٺ پهتو ته سندس دم پرواز ڪري ويو، سهراب فقير 1934ع ۾ ٽالپر وڏا ۾ تڏهوڪي مشهور طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ ڄائو، سندس چاچا محرم فقير ۽ زوار پيربخش فقير سنگ جا فقير هئا، سهراب فقير 10-12 سالن جي ڄمار ۾ ڪڏهن يڪتارو کڻي ته ڪڏهن باجو وڄائي راڳ سان روح ريجهائڻ شروع ڪيو، شروعات ۾ ڪلاسيڪل راڳي عاشق علي خان ۽ پوءِ کيتو خان کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ان کانپوءِ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو، ان کانپوءِ فقير عنايت علي سان جوڙ ڪري ڳائڻ شروع ڪيائين، سهراب فقير شروعات ۾ ٽالپر وڏا ۾ درگاهه در محمد فقير جو طالب بڻيو ۽ اڳتي هلي محرابپور ۾ محفلون مچائڻ لڳو، محرابپور ۾ سندس ملاقات مشهور ڪلاسيڪل راڳي خورشيد علي خان سان ٿي، جنهن جي ساٿ ۾ هن 5 کان 6 سال طبلو وڄائڻ شروع ڪيو، ان کانسواءِ استاد منظور علي خان سان به ڪيئي سال وڄت ڪندو رهيو، سهراب فقير کي درگاهه در محمد فقير تي ڳائيندي سنڌ جي سرموڙ شاعر تنوير عباسي ٻڌو ته کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور جي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر الهه بخش بخاري سان 1985ع ڌاري ملرايو، جنهن کانئس ريڊيو تي آڊيشن ورتو، ان کانپوءِ پهريون ڀيرو پروڊيوسر نصير سومري سندس آواز ۾ خوش خير محمد فقير جو ڪلام ”پرين الله آڻي“ رڪارڊ ڪري نشر ڪيو، ان کانپوءِ ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي غمدل فقير جو ڪلام”ڳليان پريم نگر ديان“ ڳائي شهرت ماڻي، گهنڊ کول ديدار ويکائو، مين آيا مک ويکڻ ڪلام پڻ سندس شهرت جو سبب بڻيو، سهراب فقير سچل سائين جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ راڳ رهاڻ ۾ پهريون ڀيرو ڳائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو، هن برطانيا ۽ ڪئناڊا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي سر وکيريا.