آخر توهان ويساهه گهاتي ڪيئن ثابت ڪندا؟ (وسعت الله خان)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    .... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ متفقه طور تي سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع منظور ڪري ورتو. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ته بل جي حق ۾ ووٽ ڏيئي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر ايوان ۾ موجود عوامي نيشنل پارٽي 2، مسلم ليگ فنڪشنل جي 8، نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي 3 ۽ مسلم ليگ قاف جي 11 ميمبرن مان چئن ميمبرن بل جي مخالفت ۾ مُٺيون ڀڪوڙڻ باوجود مخالفت ۾ ووٽ نه ڏيئي ۽ پ پ جي 12 ميمبرن ايوان مان غير حاضر رهي آرڊيننس جي متفقه منظوريءَ ۾ ڀرپور مدد ڪئي. سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر کي چڱيءَ ريت معلوم هو ته، پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن وارو بل گهٽ کان گهٽ وقت ۾ تيز رفتاريءَ سان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا. پر مخالف ڌر پارلياماني قاعدن ۽ ضابطن کي هٿيار بنائي، بل جي تڪراري شقن کي وائکو ڪرڻ بدران اسڪولي ٻارن وانگر سڀ کان آسان رستو اختيار ڪيو، ..... يعني پنهنجون سيٽون ڇڏي ڏيو، اسپيڪر جي سامهون گڏ ٿي وڃو، ڌرڻو هڻو، نعرا هڻو، بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيو ۽ مخالفت ۾ ووٽ رجسٽر ڪرائڻ بنا گوڙ گهمسان ڪندي ايوان مان نڪري وڃو ..... ائين انهن بل منظور ڪندڙن جو ڪم توقع کان به وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو.
    هلو، ڪا ڳالهه ڪانهي، اسيمبليءَ اندر ڪنهن سبب جي ڪري توهان پنهنجا جوهر ڏيکاري نه سگهيا، پر جذباتيت کان هٽي جي سوچيو وڃي ته هاڻي به خوش اسلوبيءَ سان اها ويڙهه وڙهي سگهجي ٿي، جيڪڏهن مڪاني ادارن جي قانون جون شقون امتيازي يا عوامي مفاد جي خلاف محسوس ٿي رهيون آهن ته .....! انهن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو ڪم اسيمبلي کان ٻاهر جي ڪنهن ماڻهوءَ بدران اسيمبليءَ جي مخالف ڌر اجتماعي طور تي ڪري ته پٽيشن جو اخلاقي وزن به وڌي سگهي ٿو پر قانون جو مقابلو قانون سان ڪرڻ هڪ خشڪ، بور ۽ طويل ڪم آهي، ان ۾ ميڊيا جون سرخيون به گهٽ ٺهن ٿيون. ڪجهه ماڻهو چٿرون ڪري به سگهن ٿا ته: يار، تون مون کي ڪهڙو رستو ڏيکاري رهيو آهين! عدالتن کي به خود هن وقت پنهنجن فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ به مشڪل پئجي رهيو آهي.
    هونئن به قانون جي لڙائيءَ ۾ اها ڪشش ڪٿي، جيڪا احتجاجي جلوس، هڙتال جي سڏ، ٽائر ساڙڻ، روڊ بند ڪرائڻ، مارجي ويندڙن جي وارثن جي مٿن تي هٿ رکي ۽ اسپتالن ۾ زخمين جي عيادت ڪندي فوٽو ڪڍرائڻ، پريس ڪانفرنسون سينگارڻ، جلالي انٽرويوز ڏيڻ، دونهيدار ٽاڪ شوز ۾ وڃڻ ۽ ايس ايم ايس ۽ فيس بُڪ جي ذريعي بد دعائون ڦهلائڻ، اسيمبلي ميمبرن جي گهرن جي دروازن تي توا ۽ چوڙيون ٽنگڻ، پُتلا جلائڻ ۽ گڏهه تي وِلن جو نالو لکي ان جي پويان تاڙيون وڄائڻ، جوتن جو هار پارائڻ ۽ نعرا لڳائڻ ۾ آهي، پر ڪنڀار جو زور به گڏهه تي ٿو هلي. تئو، ٻوهارو، چوڙيون به سڀني وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گهرن جي دروازن تي ٽنگي يا پيش نٿيون ڪري سگهجن. ڪيترن تائين اهڙا تحفا پهچندي پهچندي اڪثر ڪٿي رستي ۾ ئي رهجي ويندا آهن.
    سنڌ کي ون يونٽ جي ٿيلهي ۾ غائب ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايوب کهڙو اينڊ ڪمپنيءَ جي تڪراري ڪردار، ايوب خان جي بنيادي جمهوريتن جي نظام سان خوشامدي وفاداري، بنگلاديش جي عليحدگي جي زماني ۾، ڀٽي جي ڦاسي کان پهرين ۽ ايم آر ڊي جي ٻن تحريڪن دوران باقي صوبن وانگر سنڌي وڏيري ۽ پير شاهي جي پُراسرار خاموشي، ڄام صادق جي هٿان سياسي طرح اغوا ٿيندڙن مظلوم معززين جا لُڙڪ وهائيندي حلف کڻڻ ۽ مشرف دور جي ناظم شاهي مان فيضياب ٿيندڙ شڪارگاهي معززين جي ڪرتوتن کان به زياده نقصانڪار ۽ ڀيانڪ نئون بلدياتي قانون آهي ته پوءِ پ پ جي مخالف جماعتن جا مزا ئي مزا آهن، ڇو ته قانون جي عدالت تي ڀلي کين اعتماد نه هجي پر عوام جي عدالت ته چوويهه ڪلاڪ کليل آهي ۽ ٻِٽي پڻي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ان کان بهتر ٻي ڪهڙي عدالت ٿي سگهي ٿي! تنهنڪري آئينده ٿيندڙ امڪاني بلدياتي چونڊن کان وٺي عام چونڊن تائين، ۾ پ پ جي سنڌ جي حد تائين هن ڀيري ته ضمانت ضبط ٿي وڃڻ گهرجي. جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ نيشنل پيپلز پارٽي کي مڊل ڪلاس قاسم آباد جي سيٽ سميت ڪُل ملائي گهٽ ۾ گهٽ 100 صوبائي سيٽون ته ملڻ ئي گهرجن.
    شايد آئون ڪجهه وڌيڪ ئي جذباتي ۽ غير حقيقت پسند ٿي ويو آهيان. شايد مونکي اهو چوڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي سڀ جماعتون هڪ سئو پنجهٺ جي صوبائي ايوان مان قاسم آباد جي سيٽ سميت پنجاهه سيٽون به حاصل ڪري وٺن ته به ثابت ٿي ويندو ته سنڌ جي ووٽرن هن ڀيري سنڌ جي مفادن سان ويساهه گهاتي ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني آهي.
    تنهنڪري ان سرائيڪي چوڻي کي غلط ثابت ڪرڻ جو هاڻي وقت آهي ته، ”ڪم جوان دي موت اي“ (ڪم جوان جو موت آهي). ايندڙ پنج ڇهه مهينا سياست جي بازار ۾ پنهنجي پنهنجي انا زده ڇاٻڙين ۽ ٺيلهن تي جذباتي موسمي ميوو وڪڻڻ بدران عوامي عدالت جي تياري ڪن. منجهند ٻارهين وڳي بدران روزانو صبح ستين وڳي بسترو ڇڏين، گهرا ساهه کڻندا اُڀرندڙ سج جون شعائون جذب ڪرڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهن ۽ هوڏ ۽ هٺ جو ڪارو چشمو لاهي عام سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ سخت هٿن سان پنهنجون ٽي نرم آڱريون ملائڻ بدران مرڪي سڄي هٿ سان کيڪار ڪن ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل تي پٿر رکي اُنهن کي ڇاتيءَ به لائين. يقين ڪريو ان مشق سان سواءِ ڪلف واري اڇي سوٽ جي ڪڙڪائي ٽٽڻ جي ٻيو ڪو نقصان نه ٿيندو. ڊبل ڪيبن ڪانواءِ جي اسپيڊ ڪجهه گهٽ رکندي پيرين اگهاڙن، پگهر هاڻن هٿين خالي ووٽرن جي سامهون سينو تاڻي آڪڙ ڏيکارڻ وارن ذاتي ۽ درٻاري محافظن کي ڪلاشنڪوف جي نال ڪجهه هيٺانهين رکڻ جو حڪم به ڏين ..... ۽ ها.... ايندڙ چند مهينن تائين سادي لباس وارن کي ڪجهه پري کان سلام ڪرڻ جي پاڻ ۾ جرئت ۽ عادت پيدا ڪن. گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ مارچ جي مهيني تائين هڪ ٻئي سان ملاقاتن دوران نڪ ننڍو ۽ دل وڏي رکن. اجلاس، سيمينار ۽ جلسي ۾ بس پنهنجو ڀاشڻ ٻُڌائڻ نه اچن، ٻئي جي به سموري ٻڌي سُڻي وڃن ۽ ڪنهن به سوال اٿاريندڙ جي طنزيه مُرڪ کان پاڪ حوصلي افزائي به ڪن.ڪمپيوٽر کي پنهنجو منشي بنائين ۽ ان تي ڪمپوز ڪن ايندڙ وقت لاءِ يڪجهتيءَ جو چارٽر ۽ هڪ عمل جوڳو منشور. ان سلسلي ۾ پنهنجي پنهنجي شعبن جي ماهرن جي مدد وٺڻ کان بلڪل نه شرمائين. ڪڏهن ڪڏهن پڙهيل لکيل ماڻهو به مفيد ثابت ٿيندا آهن ۽ پوءِ بنائين اربين رپين جي ڪرپشن، لکين ٻوڏ متاثرن جي دربدري، سرڪاري اسپتالن جي ويران يتيمي، اقليتن جي بي يقيني، ذوالفقار آباد، ڀتا خوريءَ سميت زمين تي قبضي جي سياست، بشير قريشيءَ جو پراسرار موت، پاڻي، سنڌ يونيورسٽي سميت تعليمي ادارن کي سُنڍ ڪندڙ شاطرانه جاهل اڏوهي ۽ نئين بلدياتي قانون کي هڪ گرما گرم اليڪشن اشو ..... ۽.... جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ مشڪل آهي ته پوءِ خواهه مخواهه ٿَڪجڻ ۽ ٿَڪائڻ مان ڪهڙو فائدو؟!

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪاش ايئن ٿي سگهي

    ”ايندڙ پنج ڇهه مهينا سياست جي بازار ۾ پنهنجي پنهنجي انا زده ڇاٻڙين ۽ ٺيلهن تي جذباتي موسمي ميوو وڪڻڻ بدران عوامي عدالت جي تياري ڪن. منجهند ٻارهين وڳي بدران روزانو صبح ستين وڳي بسترو ڇڏين، گهرا ساهه کڻندا اُڀرندڙ سج جون شعائون جذب ڪرڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهن ۽ هوڏ ۽ هٺ جو ڪارو چشمو لاهي عام سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ سخت هٿن سان پنهنجون ٽي نرم آڱريون ملائڻ بدران مرڪي سڄي هٿ سان کيڪار ڪن ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل تي پٿر رکي اُنهن کي ڇاتيءَ به لائين. يقين ڪريو ان مشق سان سواءِ ڪلف واري اڇي سوٽ جي ڪڙڪائي ٽٽڻ جي ٻيو ڪو نقصان نه ٿيندو. ڊبل ڪيبن ڪانواءِ جي اسپيڊ ڪجهه گهٽ رکندي پيرين اگهاڙن، پگهر هاڻن هٿين خالي ووٽرن جي سامهون سينو تاڻي آڪڙ ڏيکارڻ وارن ذاتي ۽ درٻاري محافظن کي ڪلاشنڪوف جي نال ڪجهه هيٺانهين رکڻ جو حڪم به ڏين ..... ۽ ها.... ايندڙ چند مهينن تائين سادي لباس وارن کي ڪجهه پري کان سلام ڪرڻ جي پاڻ ۾ جرئت ۽ عادت پيدا ڪن. گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ مارچ جي مهيني تائين هڪ ٻئي سان ملاقاتن دوران نڪ ننڍو ۽ دل وڏي رکن. اجلاس، سيمينار ۽ جلسي ۾ بس پنهنجو ڀاشڻ ٻُڌائڻ نه اچن، ٻئي جي به سموري ٻڌي سُڻي وڃن ۽ ڪنهن به سوال اٿاريندڙ جي طنزيه مُرڪ کان پاڪ حوصلي افزائي به ڪن.ڪمپيوٽر کي پنهنجو منشي بنائين ۽ ان تي ڪمپوز ڪن ايندڙ وقت لاءِ يڪجهتيءَ جو چارٽر ۽ هڪ عمل جوڳو منشور. ان سلسلي ۾ پنهنجي پنهنجي شعبن جي ماهرن جي مدد وٺڻ کان بلڪل نه شرمائين. ڪڏهن ڪڏهن پڙهيل لکيل ماڻهو به مفيد ثابت ٿيندا آهن“
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وسعت الله خان جون ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن پر اسان جا سياسي اڳواڻ سنڌ جي عام عوام جي ڀلي بجاء سياسي دڪانداري چمڪائي رهيا آهن۔ اسان کان جلد اهو به وسري ويو ته مخالفت ڪندڙن جو رويو اڳ ڪهڙو هو ۽ هاڻي به هو ڪنهن سان ملي رهيا آهن۔ اسان جي سياسي اڳواڻن جي وڏيرڪي ذهنيت تبديل ڪانه ٿي آهي؟ اها مختلف طريقن سان سڀني ڌڙن ۾ اڄ به چوٽيء تائين ڀريل آهي۔

    تبديلي جي شروعات تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو پاڻ تبديل ٿئي ۽ پوء عام ماڻهوء تائين پهچي ۽ انهن کي آگاهه ڪري۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش پ پ پ جي هن حماقت مان ڀرپور فائدو وٺي ان کي سياسي سگهه ۾ تبديل ڪجي، پر سڀ ڪجهه ڏکيو لڳي رهيو آهي۔۔۔۔۔ ڇو ته فنڪشنل ليگ، اين پي پي يا قاف ليگ ۾ موجود وڏيرا اسان کي استعمال ڪري ، عام ماڻهوء کي سيڙهي بڻائي ڪرسيء تائين پهچي هن ساڳي ئي نظام جي حفاظت ڪندا جيئن هنن مشرف دور ۾ ڪيو هو۔ جيئن هنن سڀني ملي ڪراچي جي پنجن ضلعن جي حيثيت ختم ڪرائي هئي، جيئن هنن حيدرآباد کي ٽڪرن ۾ ورهايو هيو۔۔۔۔۔۔ ماضي کي ياد رکو ۽ سڀني کي سڃاڻو۔ هي وڏيرا، هي جاگيردار، هي مير، هي پير ، هي سياسي چالباز ڪڏهن به سنڌ جي مسئلن تي عوام سان سچا ناهن رهيا، انهن جي پوئواري ڪرڻ بجاء پنهنجي ڪا جدوجهد شروع ڪيو۔۔۔۔ پر ان کان اڳ هن نظام کي پڙهو، عام ماڻهوء کي سمجهايو ۽ اتحاد پيدا ڪيو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. کوسو

    کوسو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مهانگو جلسو ته ڇا هاڻي ٿر ۾ مهانگي ڪار ريس ٿيندي۔ جڏنهن ته ٿر آفت سٽيل آهي۔ هُتي جي پئڪيج لاءِ اعلانيل رقم فنڊز جي کوٽ سبب ناهي پهتي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو