
.... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ متفقه طور تي سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع منظور ڪري ورتو. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ته بل جي حق ۾ ووٽ ڏيئي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر ايوان ۾ موجود عوامي نيشنل پارٽي 2، مسلم ليگ فنڪشنل جي 8، نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي 3 ۽ مسلم ليگ قاف جي 11 ميمبرن مان چئن ميمبرن بل جي مخالفت ۾ مُٺيون ڀڪوڙڻ باوجود مخالفت ۾ ووٽ نه ڏيئي ۽ پ پ جي 12 ميمبرن ايوان مان غير حاضر رهي آرڊيننس جي متفقه منظوريءَ ۾ ڀرپور مدد ڪئي. سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر کي چڱيءَ ريت معلوم هو ته، پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن وارو بل گهٽ کان گهٽ وقت ۾ تيز رفتاريءَ سان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا. پر مخالف ڌر پارلياماني قاعدن ۽ ضابطن کي هٿيار بنائي، بل جي تڪراري شقن کي وائکو ڪرڻ بدران اسڪولي ٻارن وانگر سڀ کان آسان رستو اختيار ڪيو، ..... يعني پنهنجون سيٽون ڇڏي ڏيو، اسپيڪر جي سامهون گڏ ٿي وڃو، ڌرڻو هڻو، نعرا هڻو، بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيو ۽ مخالفت ۾ ووٽ رجسٽر ڪرائڻ بنا گوڙ گهمسان ڪندي ايوان مان نڪري وڃو ..... ائين انهن بل منظور ڪندڙن جو ڪم توقع کان به وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو.
هلو، ڪا ڳالهه ڪانهي، اسيمبليءَ اندر ڪنهن سبب جي ڪري توهان پنهنجا جوهر ڏيکاري نه سگهيا، پر جذباتيت کان هٽي جي سوچيو وڃي ته هاڻي به خوش اسلوبيءَ سان اها ويڙهه وڙهي سگهجي ٿي، جيڪڏهن مڪاني ادارن جي قانون جون شقون امتيازي يا عوامي مفاد جي خلاف محسوس ٿي رهيون آهن ته .....! انهن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو ڪم اسيمبلي کان ٻاهر جي ڪنهن ماڻهوءَ بدران اسيمبليءَ جي مخالف ڌر اجتماعي طور تي ڪري ته پٽيشن جو اخلاقي وزن به وڌي سگهي ٿو پر قانون جو مقابلو قانون سان ڪرڻ هڪ خشڪ، بور ۽ طويل ڪم آهي، ان ۾ ميڊيا جون سرخيون به گهٽ ٺهن ٿيون. ڪجهه ماڻهو چٿرون ڪري به سگهن ٿا ته: يار، تون مون کي ڪهڙو رستو ڏيکاري رهيو آهين! عدالتن کي به خود هن وقت پنهنجن فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ به مشڪل پئجي رهيو آهي.
هونئن به قانون جي لڙائيءَ ۾ اها ڪشش ڪٿي، جيڪا احتجاجي جلوس، هڙتال جي سڏ، ٽائر ساڙڻ، روڊ بند ڪرائڻ، مارجي ويندڙن جي وارثن جي مٿن تي هٿ رکي ۽ اسپتالن ۾ زخمين جي عيادت ڪندي فوٽو ڪڍرائڻ، پريس ڪانفرنسون سينگارڻ، جلالي انٽرويوز ڏيڻ، دونهيدار ٽاڪ شوز ۾ وڃڻ ۽ ايس ايم ايس ۽ فيس بُڪ جي ذريعي بد دعائون ڦهلائڻ، اسيمبلي ميمبرن جي گهرن جي دروازن تي توا ۽ چوڙيون ٽنگڻ، پُتلا جلائڻ ۽ گڏهه تي وِلن جو نالو لکي ان جي پويان تاڙيون وڄائڻ، جوتن جو هار پارائڻ ۽ نعرا لڳائڻ ۾ آهي، پر ڪنڀار جو زور به گڏهه تي ٿو هلي. تئو، ٻوهارو، چوڙيون به سڀني وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گهرن جي دروازن تي ٽنگي يا پيش نٿيون ڪري سگهجن. ڪيترن تائين اهڙا تحفا پهچندي پهچندي اڪثر ڪٿي رستي ۾ ئي رهجي ويندا آهن.
سنڌ کي ون يونٽ جي ٿيلهي ۾ غائب ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايوب کهڙو اينڊ ڪمپنيءَ جي تڪراري ڪردار، ايوب خان جي بنيادي جمهوريتن جي نظام سان خوشامدي وفاداري، بنگلاديش جي عليحدگي جي زماني ۾، ڀٽي جي ڦاسي کان پهرين ۽ ايم آر ڊي جي ٻن تحريڪن دوران باقي صوبن وانگر سنڌي وڏيري ۽ پير شاهي جي پُراسرار خاموشي، ڄام صادق جي هٿان سياسي طرح اغوا ٿيندڙن مظلوم معززين جا لُڙڪ وهائيندي حلف کڻڻ ۽ مشرف دور جي ناظم شاهي مان فيضياب ٿيندڙ شڪارگاهي معززين جي ڪرتوتن کان به زياده نقصانڪار ۽ ڀيانڪ نئون بلدياتي قانون آهي ته پوءِ پ پ جي مخالف جماعتن جا مزا ئي مزا آهن، ڇو ته قانون جي عدالت تي ڀلي کين اعتماد نه هجي پر عوام جي عدالت ته چوويهه ڪلاڪ کليل آهي ۽ ٻِٽي پڻي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ان کان بهتر ٻي ڪهڙي عدالت ٿي سگهي ٿي! تنهنڪري آئينده ٿيندڙ امڪاني بلدياتي چونڊن کان وٺي عام چونڊن تائين، ۾ پ پ جي سنڌ جي حد تائين هن ڀيري ته ضمانت ضبط ٿي وڃڻ گهرجي. جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ نيشنل پيپلز پارٽي کي مڊل ڪلاس قاسم آباد جي سيٽ سميت ڪُل ملائي گهٽ ۾ گهٽ 100 صوبائي سيٽون ته ملڻ ئي گهرجن.
شايد آئون ڪجهه وڌيڪ ئي جذباتي ۽ غير حقيقت پسند ٿي ويو آهيان. شايد مونکي اهو چوڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي سڀ جماعتون هڪ سئو پنجهٺ جي صوبائي ايوان مان قاسم آباد جي سيٽ سميت پنجاهه سيٽون به حاصل ڪري وٺن ته به ثابت ٿي ويندو ته سنڌ جي ووٽرن هن ڀيري سنڌ جي مفادن سان ويساهه گهاتي ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني آهي.
تنهنڪري ان سرائيڪي چوڻي کي غلط ثابت ڪرڻ جو هاڻي وقت آهي ته، ”ڪم جوان دي موت اي“ (ڪم جوان جو موت آهي). ايندڙ پنج ڇهه مهينا سياست جي بازار ۾ پنهنجي پنهنجي انا زده ڇاٻڙين ۽ ٺيلهن تي جذباتي موسمي ميوو وڪڻڻ بدران عوامي عدالت جي تياري ڪن. منجهند ٻارهين وڳي بدران روزانو صبح ستين وڳي بسترو ڇڏين، گهرا ساهه کڻندا اُڀرندڙ سج جون شعائون جذب ڪرڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهن ۽ هوڏ ۽ هٺ جو ڪارو چشمو لاهي عام سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ سخت هٿن سان پنهنجون ٽي نرم آڱريون ملائڻ بدران مرڪي سڄي هٿ سان کيڪار ڪن ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل تي پٿر رکي اُنهن کي ڇاتيءَ به لائين. يقين ڪريو ان مشق سان سواءِ ڪلف واري اڇي سوٽ جي ڪڙڪائي ٽٽڻ جي ٻيو ڪو نقصان نه ٿيندو. ڊبل ڪيبن ڪانواءِ جي اسپيڊ ڪجهه گهٽ رکندي پيرين اگهاڙن، پگهر هاڻن هٿين خالي ووٽرن جي سامهون سينو تاڻي آڪڙ ڏيکارڻ وارن ذاتي ۽ درٻاري محافظن کي ڪلاشنڪوف جي نال ڪجهه هيٺانهين رکڻ جو حڪم به ڏين ..... ۽ ها.... ايندڙ چند مهينن تائين سادي لباس وارن کي ڪجهه پري کان سلام ڪرڻ جي پاڻ ۾ جرئت ۽ عادت پيدا ڪن. گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ مارچ جي مهيني تائين هڪ ٻئي سان ملاقاتن دوران نڪ ننڍو ۽ دل وڏي رکن. اجلاس، سيمينار ۽ جلسي ۾ بس پنهنجو ڀاشڻ ٻُڌائڻ نه اچن، ٻئي جي به سموري ٻڌي سُڻي وڃن ۽ ڪنهن به سوال اٿاريندڙ جي طنزيه مُرڪ کان پاڪ حوصلي افزائي به ڪن.ڪمپيوٽر کي پنهنجو منشي بنائين ۽ ان تي ڪمپوز ڪن ايندڙ وقت لاءِ يڪجهتيءَ جو چارٽر ۽ هڪ عمل جوڳو منشور. ان سلسلي ۾ پنهنجي پنهنجي شعبن جي ماهرن جي مدد وٺڻ کان بلڪل نه شرمائين. ڪڏهن ڪڏهن پڙهيل لکيل ماڻهو به مفيد ثابت ٿيندا آهن ۽ پوءِ بنائين اربين رپين جي ڪرپشن، لکين ٻوڏ متاثرن جي دربدري، سرڪاري اسپتالن جي ويران يتيمي، اقليتن جي بي يقيني، ذوالفقار آباد، ڀتا خوريءَ سميت زمين تي قبضي جي سياست، بشير قريشيءَ جو پراسرار موت، پاڻي، سنڌ يونيورسٽي سميت تعليمي ادارن کي سُنڍ ڪندڙ شاطرانه جاهل اڏوهي ۽ نئين بلدياتي قانون کي هڪ گرما گرم اليڪشن اشو ..... ۽.... جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ مشڪل آهي ته پوءِ خواهه مخواهه ٿَڪجڻ ۽ ٿَڪائڻ مان ڪهڙو فائدو؟!
