• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويسٽ انڊيز.. آسٽريليا کي لتاڙيندي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڪرس گيل جي طوفاني اننگ ۽ ڪيرون پولارڊ جي ڀرپور ساٿ ماضي ۾ ”ڪالي آنڌي“ جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي۔۔۔ ٻنهي رانديگرن آسٽريليا جي بظاهر مضبوط بالنگ اٽيڪ کي ڀوري ڀور ڪري ڇڏيو۔۔۔ ۽ ٽورنامينٽ ۾ پهريون دفعو 200 جو انگ ٽپيندي 205 رنسون اسڪور ڪري ورتيون۔۔ جواب ۾ آسٽريليا جهڙي مضبوط ٽيم جو رنگ اڏرڻ کان اڳ ئي زرد ٿي چڪو هو۔۔۔ رڳو 131 رنسون مس جوڙي سگهيون اهڙي طرح چوٿين ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ کان هيڏيون ساريون 74 رنسون گسي ويو۔۔۔
ويسٽ انڊيز جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته 2004 جي آئي سي سي چيمپيئن ليگ اتفاقيه کٽي هئي۔۔ آخر 8 سالن کان پوءِ ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اچي پهتو۔۔ جڏهن ته آسٽريليا هڪ سٺو ٽورنمامينٽ کيڏندي آخري ٻن ميچن ۾ بدترين شڪست سان ”بي آبرو ٿي ڪري“ نڪتو۔۔۔ آسٽريليا ٻنهي مقابلن ۾ اسپنرز جي خلاف کيڏي نه سگهيو۔۔۔
مقابلي جو هيرو ڪرس گيل ئي رهيو جنهن رڳو 41 بالن ۾ 6 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 75 رنسون جوڙيون۔۔۔۔

5462.jpg
 
Back
Top