• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست رضوان علي جمالي کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون!

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي پياري دوست رضوان علي جمالي صاحب جن کي منهنجي طرفان هن محبتي، پياري انڱڻ تي 500 (پنج سئو) تحريرون مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌايون۔
منهنجي انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ آهي ان ڪري آ وڌيڪ خاطر تواضع ڪرڻ کان عاجز آهيان۔
پر اجهو ٿا سنڌ سلامت جا سهڻا دوست سائين سليمان وساڻ، ادا عرس پريو ۽ ٻيا سهڻا دوست سائين رضوان صاحب جن جو گلن جي ورکا ڪري مانُ وڌائين ٿا۔
اميد آهي ته هميشه ايئن ئي ادا رضوان جمالي صاحب پنهنجي چترڪاري جا نقش هن محبتي اڱڻ تي چٽيندا رهندا، ۽ پنهنجن نڪور لکڻين سان اسان کي مستفيد ڪندا رهندا۔
جتي هجو خوش هجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
رضوان جمالي صاحب اسلام عليڪم۔ ادا جن کي اسان جي طرفان به تمام گهڻيون مبارڪون هجن پنج سوء ليکن جو سگ ميل پار ڪرڻ تي۔اسان کي يقين آهي ته جمالي صاحب پنهنجي محنتن سان اهڙا کوڙ سارا سگ ميل پار ڪندا ۽ پنهنجي معلومات سان ڀريل نان ڪنٽرورشل ليکن سان اسان کي مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏيندا۔ ادا کي گذارش آهي ته هن فورم جو هر ميمبر ۔پياري نبي سائين، حضور صلي الله عليه وسلم ،انهن جي ازوجهھ مطهرات۔اهل بيت،چئين حق ۽ سچ وارن خليفاء راشيدئين، اصحاب رضوان الله تعالئ ۽ سڀني امام سڳورن جي دل جي گهرائين سان عزت ڪندا آهن،۽ انهن جي باري ۾ ڪابه غلط ڳاله ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندا به نه آهن۔ جڏهن به امام سڳورن ؤٻين مٿين قابل عزت۔جليلته القدر هستين جي تعريف وارا ليک پڙهندا آهن ته تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندا آهن۔ توهان شاه صاحب جي شاعري جي روحاني حوالي سان لکيل محترم منظور ڪلهوڙي واري ليک ۾ محترم عتيق الرحمان جي ڪمينٽس تي لکيو۔
مانواري عتيق الرحمٰن صاحب لاءِ ، جڏهن ايڏي ڳوڙهي انداز سان وضاحت ڪيو ٿا (جا ٿيڻ به کپي ) پر اوسي پاسي کي به نگاهـ ۾ رکجو ، ڇو ته جيت جنتر به گهڻا آهن“
مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته هن اڳڻ تي اهئي ڪهڙا جيت جنتر آهن جيڪي امام سڳورن ؤ اهل بيتين جي تعريف تي خوش نه ٿيندا هوندا۔توهان جهڙا ڏاها،جنهن جي باري ۾ ذيشان رشيد صاحب تمام گهڻي تعريف ڪندو آهي،جي مٿين قسم جي رائي پڙهي سچ مچ اسان کي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي۔ واڪا ڪرڻ اسان وس، اڳتي توهان مرضي جا مالڪ آهيو۔هڪ دفعو وري اوهان کي مبارڪون هجن
 
سر! رضوان صاحب جي ان تحرير واقعي مون سان گڏ گهڻن سنڌي سڄڻن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، بحرحال هت اسان رضوان صاحب جن جي 500 تحريرن جي کيس مبارڪ ڏيون ٿا، باقي مٿين تحرير تي سائين ميمڻ صاحب اوهان سان گڏ اسان سڀني کي ڏک ٿيو هو۔۔۔
 
رضوان جمالي سنڌ سلامت سان ائين جڙيو جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان ۔۔۔ ڪيترن لاهن چاڙهن ۽ ورن وڪڙن مان گذرندو رهيو پر سنڌ سلامت تي اچڻ کانپوءِ اهو قول سچو ڪري ڏيکاريائين ته ؛ لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي“ لائڻ ۽ نڀائڻ به ڪنهن مڙس جو ڪم ۔۔۔

500 ننڍيون وڏيون، مٺيون ڦڪيون، روئاريندڙ ۽ کلائيندڙ، سوچ ۾ مبتلا ڪندڙ ۽ ڪڏهن ته فڪرات ۾ ٻوڙيندڙ تحريرون پيش ڪندو رهيو آهي، سندس لکڻ جو ڏانءُ به سهڻو ته پيش ڪرڻ جو ڍنگ به ڀلو ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌيت سان جڙيل هن ڏاهي دوست کي سنڌ سلامت سان دوستي نڀائڻ تي واڌايون ۔۔۔

حب الوطنيءَ ۽ سچ سان ساٿ نڀائڻ وارو هي دوست، جڏهن سيڪنڊري اسڪول ۾ گڏ پڙهندي وڇڙياسون ته خبر ئي نه هئي ته وري ڳچ عرصي کانپوءِ سنڌ سلامت تي ملاقات ٿيندي ۔۔۔ لک قرب سنڌ سلامت جا جنهن پرين پيارا ملايا ۔۔۔

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست سائين غلام مصطفيٰ جي ڳاله سان سهمت ٿيندي اهو ضرور چئبو ته ؛ ”مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان، جيئن بجلي آهي بادل سان“ انڪري اسانکي جڏهن به ڪا ڳالهه چوڻي هجي ته اهو احتياط ضرور ڪرڻ گهرجي ته اها ڳالهه آءُ پنهنجن پيارن سان ٿو ڪريان، نه ڪي ٻيائي من ۾ رکي ڪجهه لکجي ۔۔۔

سنڌ ۾ ڪيترائي مذهب ۽ انهن مذهبن جا فرقا پڻ رهنٿا ۔۔۔۔ هر فرقو پاڻ کي حق تي چوي ٿو ۽ ٻي کي ناحق تي ۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن ان حق ۽ ناحق ۾ اسين هڪٻئي سان نفرت ڪرڻ لڳنداسون ته پوءِ قوميت جو ڇا ۔۔۔؟؟؟ ملڪ ۽ وطن جو ڇا ۔۔۔؟؟؟ سنڌ ۽ سنڌيت ڪهڙي باغ جي موري ۔۔۔؟؟؟ پوءِ تون ڪير مان ڪير جو هڪ نه کٽندڙ راڳ شروع ٿي ويندو ۔۔۔ ادي غلام مصطفيٰ جو مٿي ظاهر ڪيل جملو جيڪو رضوان لکيو هو سو مون پڻ پڙهيو ۽ پڙهي درگذر ڪيو هو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي ۔۔۔ رضوان جمالي اسانجو دوست آهي ۽ دوست هميشه سلامت رهن ۔۔۔

500 تحريرون يا مضمون ۔۔۔ اڃان منزل آهي ڏور او ساٿي ۔۔۔ منزل آهي ڏور ۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت، سنڌ سلامت ۔۔۔۔
 
Back
Top