سائين هن موضوع تي اوهان مونکي لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ان شا الله جلد ان ٽاپڪ تي منهنجو تفصيلي موضوع ايندو۔۔ بس ٿورو انتظار۔۔۔ٻڪرو اوهان وٺي ڇڏيو۔۔۔
ههههههههه ۔۔۔۔ انڪري ته سوال ڪيو آهي ته شايد ٻڪري نه وٺڻ جي نوبت پئدا ٿي پوي ۔۔۔۔۔ ڀوڳن ۾ ۔۔۔ حقيقت ۾ ان سوال جو مفصل جواب گهرجي ته جيئن حج واري عيد تي ٿيندڙ قربانيءَ جي اهميت ۽ افاديت واضح ٿي وڃي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه معاشري ۾ جيڪو قرباني نٿو ڪري ته ان کي طعنا يا تنقيد ٻڌڻي ٿي پوي يا وري مون ڪيترن کان سوال ڪيو ته انه سلسلي ۾ ڪو خاص مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو ۔۔۔ انڪري هي سوال اوهان دوستن آڏو آهي ۔۔۔ اميد ته جواب به ملندو ۽ مطمئن به ٿينداسون ۔۔۔۔ سوره الڪوثر ۾ قربانيءَ جو ذڪر آهي ته ؛ (نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر)، ڇا اهو حڪم مسلسل آهي يا صرف حج واري عيد سان جڙيل آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟
السلام عليڪم محترم سڄڻ سائين نثار احمد تمام پيارو سوال ونڊ ڪيو آهي ان سلسلي ۾ هي حقير ڪجھ ڪتابن مان مواد اخذ ڪري موڪلي رهيو آهي اميد ته ڪجھ معلومات حاصل ٿيندي ، سلمه بن اڪوع رضي الله عنه جن فرمايو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هڪ سال حڪم فرمايو ته جيڪو به توهان مان قرباني ڪري ته ٽن ڏينهن کان وڌيڪ گهر ۾ ان مان ڪابه شي نه رکي ۔ پو جڏهن ٻيو سال آيو صحابه ڪرام رضي الله عنهم عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليه وسلم ايئن ئي ڪريون جيئن گذريل سال ڪيو هيوسين؟ پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته نه توهان کائو ۽ کارايو ۽ رکي به ڇڏيو۔ ڇوته گذريل سال نه رکڻ جو حڪم ان ڪري ڏنو ويو هيو جو ماڻهن کي ڏڪار جي ڪري گهرج هئي ۽ توهان گوشت مان مسڪينن جي مدد ڪريو ۔تجريد صحيح بخاري سنڌي ۔ مهراڻ اڪيڊمي سنڌيڪار مولانا دين محمد وفائي صفحو 904 ساڳئي صفحي تي هيٺ حاشيه ۾ لکيل آهي ته قرباني ڪرڻ امام احمد ، امام بخاري ، امام شافعي ، ۽ ٻين عالمن وٽ سنت آهي ۽ امام ابو حنيفه ، امام مالڪ وٽ واجب آهي امام ابو يوسف به سنت جو قائل آهي حنفي مذهب جو هڪ وڏو عالم طحاوي ان کي سنت چئي ٿو حضرت عبد الله بن عمر جو قول آهي ته هي معروف سنت آهي ۔ رضوان الله عليهم سرڪار نامدار ، مديني جي تاجدار ، شهنشاه ابرار صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان خوشبو دار آهي ته انسان عيد الاضحي جي ڏينهن ڪا اهڙي نيڪي ناهي ڪندو جيڪا الله عزوجل کي رت وهائڻ کان وڌيڪ پياري هجي ، اها قرباني قيامت ۾ پنهنجي سڱن ، وارن ۽ کرن سان ايندي ۽ قرباني جو رت زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ الله عزوجل وٽ مقبول ٿي ويندي آهي ، تنهنڪري خوش دلي سان قرباني ڪريو۔ ترمذي شريف جلد 3 صفحو 162 حديث 1498 حضرت سيدنا شاھ عبدالحق محدث دهلوي رحمت الله عليه فرمائي ٿا ته قرباني پنهنجي ڪرڻ واري جي نيڪين جي پلڙي ۾ رکي ويندي جنهن سان نيڪيون وزندار ٿي وينديون اشعت اللمعات جلد 1 صفحو 654 حضرت ملا علي قاري رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته پو انجي لا سواري بڻجندي جنهنجي ذريعي اهو شخص آساني سان پل صراط تان گذرندو ۽ ان جانور جو هر عضوو مالڪ يعني قرباني ڪرڻ واري جي هر عضوي جو فديو بڻجندو ۔ مرقات المفاتيح جلد 3 صفحو 574 حديث 1470 دار الفڪر بيروت هر عاقل بالغ مقيم مسلمان مرد ۽ عورت صاحب نصاب تي قرباني واجب آهي۔ فتاوا عالمگيري جلد 5 صفحو 292 ڳئون مينهن ۽ اٺ ۾ ست قربانيون ٿي سگهن ٿيون يعني ست حصا ، پتي ڪري سگهجن ٿا فتاوا عالمگيري جلد 5 صفحو 304 نابالغ جي طرفان جيتوڻيڪ واجب نه آهي پر ڪري ڇڏڻ بهتر آهي ۽ اجازت به ضروري ناهي، بالغ اولاد يا گهر واري جي طرفان قرباني ڪرڻ چاهي ته انهن کان اجازت وٺي، بغير اجازت ڪري ڇڏيائين انهن جي طرفان واجب ادا نه ٿيندو فتاوا عالمگيري جلد 5 صفحو 304 قرباني جي جانور جي عمر ، اٺ پنج سالن جو ، ڳئون يا مينهن ٻن سالن جي ٻڪري دنبو ۽ رڍ هڪ سال جو هجي يا ان کان وڌيڪ هجي ته افضل رڍ يا ٻڪري جو ڇهن مهينن جو ٻچو جيڪڏهن ايترو تاتيل ۽ وڏو هجي جو پري کان ڏسڻ ۾ سال جو لڳي انجي قرباني جائز آهي در مختار جلد 9 صفحو 533 دارالمعرفه بيروت ياد رکو ته صرف ڇهن مهينن جي دنبي يا ٻڪر جي قرباني ڪرڻ جائز نه آهي بلڪه انجو ايترو صحتمند ۽ قد آور هجڻ ضروري آهي جو پري کان ڏسڻ ۾ به سال جو لڳي جيڪڏهن 6 مهينن بلڪ سال کان هڪ ڏينهن به گهٽ عمر جو دنبي رڍ يا ٻڪري جو ٻچو پري کان ڏسڻ ۾ هڪ سال جو نٿو لڳي ته انجي قرباني نه ٿيندي۔ قرباني جي جانور جو بي عيب هئڻ ضروري آهي ۔ جنهنجا پيدائشي سڱ نه هجن انجي قرباني جائز آهي ۽ جنهنجا پيدائشي ڪن نه هجن يا هڪ ڪن نه هجي انجي قرباني جائز نه آهي عالمگيري جلد 5 صفحو 279 وڌيڪ معلومات سائين رحيم بخش ، طاهر سنڌي ، افتخار چوهاڻ ۽ ٻين دوستن کي عرض آهي ته ان سلسلي ۾ معلومات فراهم ڪري حوصلا افزائي ڪن هي معلومات ڪجھ ڪتابن تان کنئي وئي آهي