مٿي تصوير کي ڏسي توهان کي حيرت ته ٿيندي هوندي۔۔۔ مون کي به ياد ٿو اچي ته اڪثر رسيس کان پوءِ جڏهن به عربي جو پيرڊ ايندو هو ته مون کي هميشه اوٻاسيون اينديون هيون۔۔۔ ۽ ان وقت ڪافي پريشاني ٿيندي هئي جڏهن ننڊ ڪري اکيون ٻوٽيون وينديون هيون۔۔۔ ڪئي دفعا مانيٽر هجڻ باوجود استاد ڪڪڙ به بڻايو هو ۽ ان جي وجهه هئي ڪلاس ۾ ننڊ جو اچڻ ۔۔۔
پر اهو پڙهي توهان کي حيرت ٿيندي ته ملڪ چين جي ڪلاس رومز ۾ رڳو جهٽڪو ئي نه پر پر باقائده بسترو لڳائي ننڊ ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي۔۔ چين جي اوڀر واري صوبي شانڪسي جي شهر زيان جي پرائمري اسڪول جي ننڍڙن شاگردن کي ٻپهري جي وقت گهر پري هجڻ ڪري لنچ ڪرڻ کان پوءِ اسڪول ۾ اڌ ڪلاڪ جي ننڊ ڪرڻ جي اجازت مليل هوندي آهي۔۔۔ جيئن ته اسڪول جي عمارت ننڍي آهي ۽ ان ۾ ڪو وڏو حال ڪونهي ان ڪري ٻپهري جي ننڊ لاءِ ٻار پنهنجي ڊيسڪ تي ئي پنهنجي ٻانهن جو ويهاڻو بڻائي يا وري ڪجهه پورٽيبل ويهاڻو رکي چند لمحن ۾ ننڊ جي وادي ۾ پهچي ويندا آهن۔۔

اسڪول م ٻپهري جو اڌ ڪلاڪ ڏاڍو سڪون هوندو آهي۔۔۔ ڇو ته سڀ ٻار ٻپهري جو پنهنجي ڊيسڪن تي کونگهرا ڏئي رهيا هوندا اهن۔۔۔ انهن مان ڪجهه ٻار قميص لاهي ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن ته ڪري وري باقائده گهران ويهاڻو ۽ چادر پڻ کڻي ايندا آهن ته جيئن آرام سان ننڊ ڪري سگهن۔۔۔ جڏهن ته ٻارن جا استاد ڪجهه دير لاءِ بينچ کي بيڊ بڻائي ڪجهه دير لاءِ سستائي وٺندا آهن ته جيئن ته وري تازه دم ٿي وري پڙهائي ڪري سگهن۔۔۔
پرائمري اسڪول جي ترجمان مطابق گهر پري هجڻ ڪري ٻارن کي اسڪول ۾ ئي آرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي ته جيئن ننڊ پوري هجڻ ڪري هو اسڪول اچڻ کان ليٽ به نه ٿي سگهن ۽ کين نه ئي ڪا ٿڪاوٽ ٿئي ته جيئن تازه دم ٿي ٻيهر پنهنجي پڙهائي بهتر طريقي سان ڪري سگهن۔۔۔ اهو سندن مشرقي طريقو آهي۔۔۔ جيڪو جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ کان پري ڪري ٿو۔۔۔ ۽ ان کي وڌيڪ تازه دم بڻائي ٿو۔۔۔